Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 6:3 - Muslim Sindhi Bible

3 جڏهن مون ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب کي ڏيکاري ڏني، تڏهن اهي مون کي خدا قادرِمطلق ڪري ڄاڻيندا هئا. مون پنهنجو نالو ’خداوند‘ مٿن ظاهر نہ ڪيو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 جڏهن مون ابرهام کي، اسحاق کي، ۽ يعقوب کي ڏيکاري ڏني، تڏهن اهي مون کي خدا قادر مطلق ڪري ڄاڻندا هئا، پر هنن کي خبر ڪانہ هئي تہ منهنجو نالو خداوند آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 6:3
23 Iomraidhean Croise  

سو ابرام پنهنجو تنبو کڻي ممريءَ جي شاهہ‌بلوط وڻن جي ويجھو اچي رهيو، جيڪي حبرون ۾ آهن. هن اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي.


جڏهن ابرام نوانوي سالن جو ٿيو، تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”آءٌ قادرِمطلق خدا آهيان. منهنجي فرمانبرداري ڪر ۽ سچار رهہ.


ابراهيم انهيءَ جاءِ جو نالو رکيو، ”خداوند موجود ڪري ڏئي ٿو.“ سو اڄ ڏينهن تائين اهو چوڻ ۾ اچي ٿو تہ ”خداوند پنهنجي جبل تي موجود ڪري ڏئي ٿو.“


شل قادرِمطلق خدا تو کي برڪت ڏئي، تو کي اولاد وارو ڪري ۽ وڌائي تہ جيئن اوهين گھڻن قبيلن واري قوم ٿي پئو!


خدا چيس تہ ”آءٌ قادرِمطلق خدا آهيان. تون گھڻي اولاد وارو ٿيءُ. تو مان هڪڙي قوم بلڪ گھڻيون قومون پيدا ٿينديون ۽ تنهنجي نسل مان بادشاهہ نڪرندا.


يعقوب يوسف کي چيو تہ ”قادرِمطلق خدا ڪنعان جي ملڪ ۾ لوز شهر وٽ مون کي ڏيکاري ڏيئي برڪت ڏني هئي.


خدا جي حضور ۾ گيت ڳايو، ۽ سندس نالي جي تعريف ڪريو. جيڪو بادلن جو سوار آهي تنهن جو شان بيان ڪريو. جنهن جو نالو خداوند آهي تنهن جي حضور ۾ سرها ٿيو.


تان‌تہ اي خداوند! اهي ڄاڻي وٺن تہ رڳو تون خدا تعاليٰ ئي سڄي ڌرتيءَ جو حاڪمِ‌اعليٰ آهين.


خداوند جنگ جو سورهيہ آهي، سندس ئي نالو خداوند آهي.


اوهين انهيءَ ڏانهن پورو ڌيان ڏيو ۽ سندس چيو مڃو. هن سان سرڪشي نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ کيس منهنجي اختياري هوندي، سو هو اوهان جي خطا معاف نہ ڪندو.


خدا موسيٰ کي چيو تہ ”آءٌ جيڪو حاضر آهيان، سو ئي آهيان. تنهنڪري تون بني اسرائيل کي هيئن چئج تہ ’جيڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ حاضر آهيان،“ تنهن مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي.‘


آءٌ ئي اڪيلو خداوند تنهنجو خدا آهيان. ڪوبہ ٻيو معبود منهنجي عظمت ۾ حصيدار نہ آهي، نڪي ڪا تراشيل مورتي منهنجي واکاڻ ۾ شريڪ ٿي سگھي ٿي.


خداوند، بني اسرائيل جو بادشاهہ ۽ سندن بچائيندڙ، قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ ئي اول آهيان ۽ آءٌ ئي آخر آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي.


تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”اهو ئي سبب آهي جو آءٌ هنن کي پنهنجي طاقت ۽ قدرت ڏيکارڻ ٿو گھران. تڏهن تہ کين خبر پوندي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“


خداوند جيڪو ڌرتيءَ جو خلقيندڙ، ان کي پنهنجي هٿن سان بڻائيندڙ ۽ ان جو قائم ڪندڙ آهي ۽ جنهن جو نالو خداوند آهي، سو فرمائي ٿو تہ


انهن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ گھڻو اڳي مون بني اسرائيل کي پنهنجي قوم ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو هو. مون مصر ملڪ ۾ انهن تي پاڻ کي ظاهر ڪيو هو ۽ قسم کڻي ساڻن واعدو ڪيو هئم تہ آءٌ خداوند هنن جو ۽ سندن اولاد جو خدا هوندس.


اي منهنجي قوم وارؤ! جڏهن اهو سڀ ڪجھہ ٿيندو تڏهن اوهين مڃي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


هائو، آءٌ اوهان تي نسون لڳائي ماس چاڙهيندس ۽ اوهان کي کل سان ڍڪي ڇڏيندس. پوءِ اوهان ۾ ساهہ وجھندس تہ اوهين زندہ انسان ٿي پونديون ۽ ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“


عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ابراهيم جي ڄمڻ کان بہ اڳي آءٌ آهيان.“


هي پيغام يوحنا جي طرفان انهن ستن ڪليسيائن ڏانهن آهي جيڪي آسيا صوبي ۾ آهن. شل اوهان تي خدا جو فضل ۽ سلامتي هجي، جيڪو آهي، جيڪو هو ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو. انهيءَ کان علاوہ جيڪي ست روح خدا جي تخت جي اڳيان آهن، تن وٽان بہ اوهان تي فضل ۽ سلامتي هجي


هن کين چيو تہ ”مون کي نعوميہ نہ سڏيو، بلڪ مون کي مارہ سڏيو، ڇاڪاڻ تہ قادرِمطلق منهنجي زندگي ڏکي ڪري ڇڏي آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan