انهيءَ ئي رات آءٌ مصر جي ملڪ مان لنگھندس ۽ مصر جي ملڪ ۾ جيڪي بہ ماڻهن جا پهريتا پٽ يا جانورن جا پهريتا نر ٻچا هوندا، تن سڀني کي ماري ڇڏيندس. مصر جي سڀني معبودن کي بہ سزا ڏيندس. آءٌ خداوند آهيان.
تون بني اسرائيل کي هيئن بہ چئج تہ ’مون کي خداوند، اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا اوهان ڏانهن موڪليو آهي.‘ ڏس، هميشہ تائين منهنجو نالو اهو ئي آهي ۽ سڀني پيڙهين ۾ مون کي انهيءَ نالي سان ئي ياد ڪيو ويندو.
تنهنڪري تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ ’آءٌ خداوند آهيان. آءٌ اوهان کي مصرين جي بار کان ڇڏائيندس ۽ سندن غلاميءَ کان آزاد ڪندس. آءٌ پنهنجو زورآور هٿ وڌائي هنن کي سخت سزائون ڏيئي اوهان کي هنن کان ڇڏائيندس.
انهن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ گھڻو اڳي مون بني اسرائيل کي پنهنجي قوم ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو هو. مون مصر ملڪ ۾ انهن تي پاڻ کي ظاهر ڪيو هو ۽ قسم کڻي ساڻن واعدو ڪيو هئم تہ آءٌ خداوند هنن جو ۽ سندن اولاد جو خدا هوندس.