9 اوهين هنن تي ڳرو ڪم رکو تہ هو مشغول رهن ۽ اجاين ڪوڙين ڳالهين ڏانهن ڌيان نہ ڏين.“
9 اوهين هنن تي ڳرو ڪم رکو تہ هو مشغول رهن، ۽ اجاين ڪوڙين ڳالهين ڏانهن خيال نہ ڊوڙائين.
تون سمجھين ٿو تہ تو کي سٺي حڪمت عملي ۽ فوجي طاقت آهي، اهي تہ رڳو لفظ آهن. آخر تو ڪنهن جي آسري تي مون سان بغاوت ڪئي آهي؟
ان کان پوءِ انهن ماڻهن جا رکوالا ۽ عملدار اتان روانا ٿيا ۽ انهن ماڻهن کي اچي چيائون تہ ”فرعون جو فرمان آهي تہ اڳتي اوهان کي بُهہ ڪونہ ڏنو ويندو.
هنن کان اوتريون ئي سرون ٺهرائجو جيتريون هو هاڻي تائين ٺاهيندا رهيا آهن، انهيءَ ۾ اوهين ڪي بہ گھٽ نہ ڪجو. جيئن تہ هو نڪما آهن، تنهنڪري دانهون ڪري ٿا چون تہ ’اسان کي ڇڏ تہ وڃي پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني ڪريون.‘
تڏهن عزرياہ ولد هوسعياہ، يوحنان ولد قريح ۽ ٻين سڀني هٺيلن ماڻهن مون کي چيو تہ ”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين! خداوند اسان جي خدا تو کي اسان لاءِ ائين ڪونہ چيو آهي تہ ’اوهين مصر ۾ رهڻ لاءِ هرگز نہ وڃو.‘
پر ڏسو، منهنجا اهي حڪم ۽ قاعدا قانون جيڪي مون پنهنجي ٻانهن نبين جي معرفت چيا هئا، سي اڄ بہ قائم آهن. انهن مطابق ئي مون کين سزا ڏني. آخرڪار هو توبهہتائب ٿيا ۽ مڃيائون تہ مون قادرمطلق ساڻن اهڙو ئي سلوڪ ڪيو، جنهن جي هو لائق هئا ۽ جنهن جو مون ارادو ڪري ڇڏيو هو.‘“
ڇا اوهان اهو نہ چيو آهي تہ ’خداوند جي فرمانبرداري ڪرڻ اجائي آهي. سو قادرِمطلق خداوند جا حڪم مڃڻ ۽ سندس اڳيان سوڳ واريءَ حالت ۾ رهڻ مان ڪهڙو فائدو؟‘
خبردار، متان اهڙن ماڻهن جي اجاين ڳالهين سان اوهين ٺڳجي وڃو، ڇاڪاڻ تہ اهڙين ڳالهين جي ڪري نافرمانن تي خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.