Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 5:8 - Muslim Sindhi Bible

8 هنن کان اوتريون ئي سرون ٺهرائجو جيتريون هو هاڻي تائين ٺاهيندا رهيا آهن، انهيءَ ۾ اوهين ڪي بہ گھٽ نہ ڪجو. جيئن تہ هو نڪما آهن، تنهنڪري دانهون ڪري ٿا چون تہ ’اسان کي ڇڏ تہ وڃي پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني ڪريون.‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 ۽ جيڪي سرون هنن هيستائين جوڙيون آهن، تن جي انداز موجب حساب ڪري، مٿن پورهيو مقرر ڪريو، انهي مان ڪي بہ گهٽ نہ ڪريو؛ ڇالاءِ جو هو سست آهن، تنهنڪري دانهون ڪري ٿا چون تہ اسان کي ڇڏيو تہ وڃي پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 5:8
6 Iomraidhean Croise  

سو هن کين غير قومن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو. ائين ساڻن دشمني رکندڙ مٿن حڪمران ٿي ويا.


سو مصرين کين پيڙڻ لاءِ مٿن رکوالا مقرر ڪيا تہ جيئن اهي کين بيگر ۾ وهائين. اهڙيءَ طرح هنن فرعون جي لاءِ ذخيري ڪرڻ جا شهر پتوم ۽ رعمسيس اڏيا.


تنهن تي فرعون چين تہ ”اوهين پاڻ نڪما آهيو، تنهنڪري چئو ٿا تہ ’اسان کي ڇڏ تہ وڃي خداوند جي لاءِ قرباني ڪريون.‘


هاڻي جڏهن بني اسرائيل جي عملدارن کي چيو ويو تہ ”اوهين پنهنجي روزانو جي ڪم موجب سرن جي مقرر ڪيل انداز کان ڪجھہ بہ نہ گھٽايو،“ تڏهن کين معلوم ٿيو تہ هو ڪهڙيءَ مصيبت ۾ اچي ڦاٿا آهن.


”هاڻي اڳتي اوهين هنن ماڻهن کي سرون ٺاهڻ لاءِ بُهہ نہ ڏجو، جيئن هاڻي تائين ڏيندا رهيا آهيو. ڀلي تہ هو پنهنجي لاءِ پاڻيهي وڃي بُهہ گڏ ڪن.


اوهين هنن تي ڳرو ڪم رکو تہ هو مشغول رهن ۽ اجاين ڪوڙين ڳالهين ڏانهن ڌيان نہ ڏين.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan