Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 5:2 - Muslim Sindhi Bible

2 پر فرعون چيو تہ ”اهو خداوند ڪير آهي، جو آءٌ سندس ڳالهہ مڃي بني اسرائيل کي وڃڻ ڏيان؟ آءٌ خداوند کي ڪونہ ٿو سڃاڻان ۽ نہ ئي وري بني اسرائيل کي وڃڻ ڏيندس.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 تڏهن فرعون چيو تہ خداوند ڪير آهي، جنهن جو حڪم مڃي آءٌ اسرائيل کي ڇڏي ڏيان؟ آءٌ خداوند کي نٿو سڃاڻان، نڪي اسرائيل کي وڃڻ ڏيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 5:2
25 Iomraidhean Croise  

انهن ملڪن جي سڀني معبودن مان ڪير آهي جنهن پنهنجو ملڪ منهنجي هٿن مان ڇڏايو؟ تہ پوءِ خداوند ڪيئن يروشلم کي منهنجي هٿن مان ڇڏائيندو؟‘“


جن قومن کي منهنجي ابن ڏاڏن بلڪل تباهہ ڪري ڇڏيو تن جي سڀني معبودن مان ڪير هو جيڪو پنهنجي قوم کي اسان جي هٿان ڇڏائي سگھيو، جو اوهان جو خدا اوهان کي منهنجي هٿان ڇڏائي سگھندو؟


تنهنڪري هاڻي ائين نہ ٿئي جو حزقياہ اوهان سان ٺڳي ڪري ۽ اوهان کي گمراهہ ڪري. هن جي ڳالهين تي اوهين اعتبار نہ ڪريو. ڪنهن بہ قوم يا بادشاهت جي ڪنهن بہ معبود کي منهنجي هٿان ۽ منهنجي ابن ڏاڏن جي هٿان پنهنجي قوم کي ڇڏائڻ جي طاقت ناهي. تہ پوءِ پڪ ڄاڻو تہ اوهان جو خدا بہ اوهان کي منهنجي هٿان ڇڏائي نہ سگھندو.“


هنن يروشلم وارن جي خدا جي خلاف بہ ائين ئي بڪيو جيئن دنيا جي ٻين قومن جي معبودن خلاف بڪيا هئا، جيڪي انسان جي هٿن جا ٺهيل هئا.


تو فرعون، سندس عملدارن ۽ ملڪ جي سڀني ماڻهن خلاف معجزا ۽ عجب جهڙا ڪم ڪري ڏيکاريا، ڇاڪاڻ تہ تو کي خبر هئي تہ مصري انهن سان مغروريءَ سان پيش ايندا هئا. تو پنهنجو نالو مشهور ڪيو، جيڪو اڄوڪي ڏينهن تائين مشهور آهي.


اهو سڀ ان ڪري آهي جو شريرن خدا کي للڪاريو آهي، ۽ قادرِمطلق خلاف مغروريءَ سان هليا آهن.


هو ڪنڌ آڪڙائي پنهنجي ٿلهن بونبن واري ڍال سان ساڻس مقابلي ڪرڻ لاءِ ڪاهون ڪن ٿا.


هو ائين بہ چون ٿا تہ ’قادرِمطلق ڪير آهي جو اسين سندس عبادت ڪريون؟ ڀلا جي اسين انهيءَ کان دعا گھرون تہ اسان کي ڪهڙو فائدو پهچندو؟‘


بڇڙا غرور منجھان چون ٿا تہ ”خداوند انتقام نہ وٺندو،“ اهو سراسر سندن خيال آهي تہ ”خدا بلڪل ئي ڪين آهي.“


اهي پاڻ ۾ چون ٿا تہ ”اسين پنهنجيءَ زبان سان غالب پونداسين، ۽ جيڪي وڻندو سو چونداسين، ڪير آهي جيڪو اسان کي روڪي سگھي؟“


پر خداوند فرمائي ٿو تہ ”غريبن جي لٽجڻ ۽ محتاجن جي دانهن سبب هاڻ آءٌ اٿندس. ۽ انهن سلامتيءَ جي اڪير رکندڙن کي آءٌ سلامت رکندس.“


اهي احمق هوندا جيڪي پنهنجيءَ دل ۾ چون ٿا تہ ”خدا تہ آهي ئي ڪونہ.“ اهڙا ماڻهو بڇڙا آهن ۽ ڪراهت جهڙا ڪم ڪن ٿا. انهن منجھہ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو نيڪي ڪري.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ مصر جو بادشاهہ زبردستيءَ کان سواءِ اوهان کي وڃڻ ڪين ڏيندو.


هاڻي آءٌ خداوند چوان ٿو تہ هينئر تو کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.“ سو ڏس، هيءَ لٺ جيڪا منهنجي هٿ ۾ آهي، سا آءٌ پاڻيءَ تي هڻندس تہ درياءَ جو سمورو پاڻي بدلجي رت ٿي پوندو.


انهيءَ سبب جو جيڪڏهن مون وٽ کائڻ لاءِ جھجھو هوندو، تہ ٿي سگھي ٿو تہ آءٌ تو کان مُنڪر ٿيان ۽ چوان تہ ’خداوند ڪير آهي؟‘ يا جيڪڏهن مون وٽ کاڌي لاءِ ڪجھہ بہ نہ هوندو، تہ ٿي سگھي ٿو تہ آءٌ چوري ڪريان، ۽ تنهنجي پاڪ نالي جي بي‌ادبي ڪريان.“


پر جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي نافرماني ڪندا ۽ چوندا تہ ’اسين هن ملڪ ۾ نہ رهنداسين،


شل تہ موآب کي ايستائين سزا ڏني وڃي، جيستائين هو ڪنهن شرابيءَ جيان ڌت نہ ٿي وڃي، ڇاڪاڻ تہ هن خداوند کان پاڻ کي مٿاهون ڪيو آهي. ڀلي تہ موآب ڄڻ پنهنجي الٽيءَ ۾ پاڻ ليٿڙيون پائي ۽ ڀلي تہ ان تي کل ٺٺولي ٿئي.


هاڻي ٻڌو، جيڪڏهن اوهين هينئر بہ آمادہ آهيو تہ انهن سڀني قسمن جي سازن جو آواز ٻڌڻ سان هن سوني مورتيءَ کي سجدو ڪريو تہ چڱو، پر جي اوهان ائين نہ ڪيو تہ هن ئي گھڙيءَ اوهان کي ڀڙڪندڙ باهہ جي کوري ۾ اڇلايو ويندو. پوءِ آءٌ ڏسندس تہ اهو ڪهڙو معبود آهي، جيڪو اوهان کي منهنجي هٿان ڇڏائي ٿو.“


اهي هي ڪم انهيءَ ڪري ڪندا جو انهن نہ پيءُ کي ڄاتو آهي ۽ نہ مون کي.


جهڙيءَ طرح هنن خدا کي مڃڻ کان منهن موڙيو، تهڙيءَ طرح خدا بہ کين گندي سوچ ۾ ڇڏي ڏنو، تہ ڀلي وڃي نالائقيءَ وارا ڪم ڪن.


۽ انهن کي سزا ڏيندو جيڪي سندس بابت خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين ۽ نہ وري خدا کي ٿا ڄاڻين.


انهيءَ پيڙهيءَ جا سمورا ماڻهو پڻ وفات ڪري پنهنجن ابن ڏاڏن سان وڃي گڏيا. ان کان پوءِ جيڪا پيڙهي ساماڻي سا خداوند کان ۽ سندس انهن ڪمن کان بي‌خبر هئي جيڪي خداوند بني اسرائيل لاءِ ڪيا هئا.


عيليءَ جا پٽ بدڪار هئا ۽ اهي خداوند جي ڪا پرواهہ نہ ڪندا هئا.


تڏهن نابال دائود جي نوڪرن کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”اهو دائود ڪير ٿيندو آهي؟ اهو يسيءَ جو پٽ ڪير ٿيندو آهي؟ اڄڪلهہ ڪيترائي اهڙا نوڪر آهن، جيڪي پنهنجن مالڪن وٽان ڀڄي ٿا نڪرن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan