Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 5:16 - Muslim Sindhi Bible

16 اوهان جي ٻانهن کي بُهہ ڪونہ ٿو ڏنو وڃي، تڏهن بہ هو چون ٿا تہ ’پوريون سرون ٺاهيو.‘ سو هاڻي اوهان جي ٻانهن کي ماريو پيو وڃي ۽ اوهان جي قوم کان بي‌انصافي ٿي رهي آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 تنهنجن ٻانهن کي بهہ ڪونہ ٿو ملي ۽ هو اسان کي چون ٿا تہ پوريون سرون جوڙيو: ۽ ڏس، هو تنهنجن ٻانهن کي مارين ٿا، پر ڏوهہ خود تنهنجن ماڻهن جو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 5:16
6 Iomraidhean Croise  

اتي هو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”اچو تہ سرون ٺاهي انهن کي باهہ ۾ پچايون.“ سو انهن پٿر جي جاءِ تي سرون ۽ انهن کي پاڻ ۾ چنبڙائڻ لاءِ مسالي جي جاءِ تي ڏامر تيار ڪيو.


هن جوان ماڻهن جي صلاح پٺيان لڳي هنن کي چيو تہ ”منهنجي پيءُ اوهان جي پاڃاري ڳري ڪئي هئي پر آءٌ انهيءَ کي اڃا بہ وڌيڪ ڳرو ڪندس. منهنجو پيءُ اوهان کي چهبڪن سان سزا ڏيندو هو پر آءٌ اوهان کي ڪوڙن سان سزا ڏيندس.“


تڏهن بني اسرائيل جا عملدار فرعون وٽ آيا ۽ دانهون ڪري چوڻ لڳا تہ ”اوهان پنهنجي ٻانهن سان اهڙي هلت ڇو ٿا ڪريو.


تنهن تي فرعون چين تہ ”اوهين پاڻ نڪما آهيو، تنهنڪري چئو ٿا تہ ’اسان کي ڇڏ تہ وڃي خداوند جي لاءِ قرباني ڪريون.‘


تنهن کان پوءِ مون وري نظر ڪئي ۽ ڏٺم تہ دنيا ۾ هر هنڌ ماڻهن تي ظلم پئي ڪيو ويو. مون ڏٺو تہ مظلومن جي اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا ۽ انهن کي دلاسي ڏيڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هو. مٿن ظلم ڪرڻ وارا وڏي اختيار وارا هئا، پر مظلومن جو ڪوبہ مددگار ڪونہ هو.


تنهنجي ڄمڻ جو احوال هن طرح آهي جو جنهن ڏينهن تون ڄائي هئينءَ، تنهن ڏينهن ڪنهن بہ تنهنجو ناڙو نہ وڍيو، نڪي ڪنهن تو کي غسل ڪرائي صاف ڪيو. نڪي ڪنهن تنهنجي بدن کي لوڻ سان مهٽيو ۽ نہ وري ڪنهن تو کي ڪپڙي ۾ ويڙهيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan