Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 40:3 - Muslim Sindhi Bible

3 انهيءَ خيمي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ عهد واري صندوق رکائج ۽ انهيءَ جي اڳيان پردو ٽنگائي ڇڏج.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ تون انهي ۾ شاهديءَ جي صندوق رکج، ۽ صندوق کي پردي سان ڍڪي ڇڏج.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 40:3
16 Iomraidhean Croise  

جنهن ڏينهن کان وٺي مون بني اسرائيل کي مصر ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي، تنهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين آءٌ ڪنهن بہ گھر ۾ نہ رهيو آهيان، بلڪ مختلف هنڌن تي خيمي واري مقدس جاءِ ۾ رهيو آهيان.


”تون ٻٻر جي ڪاٺ جي هڪڙي صندوق ٺهرائج، جنهن جي ڊيگھہ اڍائي هٿ، ويڪر ڏيڍ هٿ ۽ اوچائي بہ ڏيڍ هٿ هجي.


اُتي آءٌ تو سان ملندس. رحمت جي پوش مٿان ۽ عهد واري صندوق تي جيڪي ٻہ مجسما هوندا تن جي وچ مان آءٌ انهن سڀني حڪمن جي باري ۾ جيڪي بني اسرائيل کي ڏيڻا هوندم، تو سان ڳالهائيندس.“


تون سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هڪڙو پردو ٺهرائج، جنهن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هجن. انهيءَ پردي تي ڪاريگريءَ سان پردار آسماني مخلوق جون شڪليون اُڻيل هجن.


يعني مون خدا سان ملاقات وارو خيمو، عهد واري صندوق ۽ انهيءَ تي جيڪو رحمت جو پوش آهي سو ۽ خيمي جو سمورو سامان،


عهد واري صندوق ۽ انهيءَ جون ٻانهيون، صندوق جو رحمت جو پوش ۽ مقدس ترين جاءِ جو پردو،


موسيٰ بني اسرائيل کي چيو تہ ”جنهن ڳالهہ تي عمل ڪرڻ لاءِ خداوند حڪم ڏنو آهي سا هيءَ آهي تہ


اهڙيءَ طرح مقدس خيمي يعني خدا سان ملاقات واري خيمي جو سڀ ڪم پورو ٿيو. بني اسرائيل سڀ ڪجھہ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.


پوءِ هارون انهيءَ وهڙي جي رت مان ڪجھہ کڻي پنهنجيءَ آڱر سان رحمت جي پوش جي اڳئين حصي تي اوڀر طرف ڇٽڪاري ۽ اتي عهد واري صندوق جي اڳيان بہ ست دفعا ڇٽڪاري.


جڏهن منزل کڻڻي هجي، تڏهن هارون ۽ سندس پٽ مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اندر وڃن، مقدس ترين جاءِ جو پردو لاهي انهيءَ سان عهد واري صندوق کي ڍڪين.


مقدس خيمي ۾ پردي جي پٺيان هڪ ٻيو ڪمرو هو، جنهن کي مقدس ترين جاءِ سڏبو هو.


پوءِ خدا جي هيڪل جيڪا آسمان ۾ آهي، سا کولي ويئي تہ هيڪل ۾ سندس عهد واري صندوق نظر آئي. تڏهن کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون، ڌرتيءَ تي زلزلو آيو ۽ وڏا وڏا ڳڙا پيا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan