Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 4:8 - Muslim Sindhi Bible

8 خداوند چيس تہ ”جيڪڏهن اهي تو تي اعتبار نہ ڪن ۽ پهرئين معجزي کي بہ نہ مڃين تہ پوءِ شايد ٻئي معجزي تي ضرور اعتبار ڪن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 ۽ چيائينس تہ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن اهي تو تي اعتبار نہ ڪندا، ۽ پهرئين معجزي کي نہ مڃيندا تہ ٻئي معجزي تي ضرور اعتبار ڪندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 4:8
10 Iomraidhean Croise  

جيئن ئي اسرائيل جي بادشاهہ خط پڙهيو تيئن ئي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چيائين تہ ”آءٌ ڪو خدا آهيان ڇا جو ماريان ۽ جياريان! هي بادشاهہ ڇو هڪڙي ڪوڙهہ جهڙي چمڙي جي بيماريءَ ۾ ورتل ماڻهوءَ کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ لاءِ مون ڏانهن ٿو موڪلي؟ ڏسو تہ ڪيئن نہ هو مون سان جنگ ڪرڻ لاءِ وجھہ ٿو ڳولي.“


هو زخمي ڪري ٿو تہ پٽي بہ اهو ئي ٻڌي ٿو. هو ڦٽي ٿو تہ ڇٽائي چڱو ڀلو بہ هو ئي ڪري ٿو.


تڏهن موسيٰ اهي ڳالهيون جيڪي خدا کيس ٻڌائي روانو ڪيو هو ۽ اهي معجزا جيڪي ڪرڻ لاءِ کيس ٻڌايا هئائين، سي سڀ هارون کي بيان ڪري ٻڌايا.


خداوند چيس تہ ”پنهنجو هٿ ٻيهر چولي جي اندر پنهنجي سيني تي رک.“ هن وري پنهنجو هٿ چولي جي اندر پنهنجي سيني تي رکيو ۽ جڏهن ٻاهر ڪڍيائين تہ ڇا ڏسي تہ اهو سندس باقي بدن جهڙو ٿي پيو هو.


پر جيڪڏهن هو انهن ٻنهي معجزن تي اعتبار نہ ڪن ۽ تنهنجي ڳالهہ نہ مڃين تہ پوءِ تون نيل درياءَ جو ٿورو پاڻي کڻي سڪيءَ زمين تي هاري ڇڏج. اهو پاڻي جيڪو تون درياءَ مان ڪڍندين سو سڪيءَ زمين تي رت ٿي پوندو.“


هائو، جيئن ننڍڙا ٻارڙا ’امان ابا، امان ابا،‘ چوندي ڳالهائڻ سکندا آهن، تيئن ئي هو اسان کي بي‌مقصد لفظن سان پيو سمجھائي.“


جيتوڻيڪ عيسيٰ ماڻهن جي اڳيان هيترا معجزا ڪيا هئا تہ بہ گھڻن ئي مٿس ايمان نہ آندو هو.


هاڻي ڏسو! آءٌ، رڳو آءٌ ئي خدا آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪو معبود ڪونهي، آءٌ ماريان ۽ آءٌ ئي جياريان ٿو، آءٌ ڦٽيان ۽ آءٌ ئي ڇٽايان ٿو، اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو منهنجي هٿان ڇڏائي سگھي.


پوءِ جِدعون وراڻيس تہ ”هاڻ جيڪڏهن مون تي تنهنجي مهربانيءَ جي نظر ٿي آهي تہ مون کي نشاني ڏي تہ تون خداوند ئي آهين جيڪو مون سان ڳالهائين ٿو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan