Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 4:6 - Muslim Sindhi Bible

6 خداوند وري چيس تہ ”هاڻي پنهنجو هٿ چولي جي اندر پنهنجي سيني تي رک.“ هن پنهنجو هٿ چولي جي اندر پنهنجي سيني تي رکيو ۽ جڏهن اهو ٻاهر ڪڍيائين تہ ڇا ڏسي تہ سندس هٿ ڪوڙهہ جي بيماريءَ وانگر بلڪل اڇو ٿي پيو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 وري خداوند هيئن بہ چيس تہ هاڻي پنهنجو هٿ پنهنجيءَ ڇاتيءَ تي رک. هن پنهنجو هٿ ڇاتيءَ تي رکيو، ۽ جڏهن اهو ٻاهر ڪڍيائين، تڏهن ڏسي تہ سندس هٿ ڪوڙهہ سان ڀرجي برف جهڙو اڇو ٿي پيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 4:6
3 Iomraidhean Croise  

تنهنڪري نعمان واري ڪوڙهہ جهڙي چمڙيءَ جي بيماري تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي هميشہ لاءِ لڳندي.“ پوءِ جيحازي جڏهن وٽانئس نڪتو تہ کيس اهڙي ئي بيماري اچي لڳي ۽ سندس کل بلڪل اڇي ٿي ويئي.


تہ پوءِ ڪاهن هن کي چڪاسي ڏسي. جيڪڏهن انهيءَ چمڪندڙ داغ جا وار اڇا ٿي ويا هجن ۽ اهو مرض چمڙيءَ کان اونهو ڏسڻ ۾ اچي تہ اهو وچڙندڙ مرض آهي جيڪو انهيءَ داغ ۾ پيدا ٿيو آهي، سو ڪاهن انهيءَ ماڻهوءَ کي ناپاڪ قرار ڏئي.


سندس وڃڻ سان ئي اهو ڪڪر خيمي تان هٽي ويو تڏهن مريم ڪوڙهہ جهڙي بيماريءَ سان بلڪل اڇي ٿي ويئي. جڏهن هارون مريم ڏانهن نهاريو تہ ڇا ڏسي تہ هوءَ ڪوڙهہ جهڙي بيماريءَ ۾ وٺجي ويئي آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan