Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 4:5 - Muslim Sindhi Bible

5 پوءِ خداوند چيس تہ ”انهيءَ سان بني اسرائيل اعتبار ڪندا تہ آءٌ خداوند، انهن جي ابن ڏاڏن جي خدا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا تو کي ڏيکاري ڏني آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 هي انهيءَ لاءِ ٿيو تہ هو اعتبار ڪن تہ خداوند انهن جي ابن ڏاڏن جي خدا، ابرهام جي خدا، اسحاق جي خدا، ۽ يعقوب جي خدا توکي ڏيکاري ڏني آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 4:5
27 Iomraidhean Croise  

اتي خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”هي آهي اهو ملڪ جيڪو آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس.“ پوءِ ابرام خداوند جي لاءِ، جنهن کيس ڏيکاري ڏني هئي، اتي هڪ قربان‌گاهہ ٺاهي.


جڏهن ابرام نوانوي سالن جو ٿيو، تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”آءٌ قادرِمطلق خدا آهيان. منهنجي فرمانبرداري ڪر ۽ سچار رهہ.


پوءِ خداوند ابراهيم کي ممريءَ جي شاهہ‌بلوط وڻن وٽ ڏيکاري ڏني، جتي ابراهيم پنهنجي تنبوءَ جي در وٽ ٽاڪ منجھند جو ويٺو هو.


خداوند اسحاق کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”مصر ڏانهن نہ وڃ پر جنهن ملڪ لاءِ آءٌ تو کي چوان انهيءَ ۾ رهہ.


پوءِ ڏٺائين تہ خداوند سندس ڀر ۾ بيٺو آهي ۽ چويس ٿو تہ ”آءٌ خداوند تنهنجي پيءُ ابراهيم ۽ اسحاق جو خدا آهيان. اها زمين جنهن تي تون سمهيو پيو آهين سا آءٌ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيندس.


هن يوسف کي خير جي دعا ڏيندي چيو تہ ”اهو خدا جنهن جي راهہ تي منهنجو پيءُ اسحاق ۽ منهنجو ڏاڏو ابراهيم هلندا رهيا آهن، اُهو خدا جنهن اڄ ڏينهن تائين عمر ڀر منهنجي نگهباني پئي ڪئي آهي،


يعقوب يوسف کي چيو تہ ”قادرِمطلق خدا ڪنعان جي ملڪ ۾ لوز شهر وٽ مون کي ڏيکاري ڏيئي برڪت ڏني هئي.


شام جو قرباني پيش ڪرڻ وقت الياس نبي قربان‌گاهہ جي ويجھو اچي دعا گھرندي چيو تہ ”اي خداوند! اي ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جا خدا! اڄوڪي ڏينهن اهو ثابت ڪر تہ تون ئي بني اسرائيل جو خدا آهين ۽ اهو بہ تہ آءٌ تنهنجو ٻانهو آهيان. مون هي جيڪو ڪم ڪيو آهي، سو سڀ تنهنجي حڪم سان ڪيو اٿم.


ٻئي ڏينهن هو صبح جو سوير اٿيا ۽ تقوع جي بيابان ڏانهن روانا ٿيا. سندن رواني ٿيڻ وقت يهوسفط اُٿي بيهي کين چيو تہ ”اي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جا رهاڪؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن اوهان جو ايمان خداوند پنهنجي خدا تي قائم رهي تہ اوهين بہ قائم رهندا. اوهين سندس نبين جي چوڻ تي يقين ڪندا تہ ڪامياب ٿيندا.“


اتي خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”ڏس، آءٌ تو وٽ هڪڙي گھاٽي ڪڪر ۾ ايندس، انهيءَ لاءِ تہ ماڻهو مون کي تو سان ڳالهيون ڪندي ٻڌن ۽ سدائين تو تي اعتبار ڪندا رهن.“ تڏهن موسيٰ ماڻهن جون ڳالهيون خداوند کي ٻڌايون.


تون بني اسرائيل کي هيئن بہ چئج تہ ’مون کي خداوند، اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا اوهان ڏانهن موڪليو آهي.‘ ڏس، هميشہ تائين منهنجو نالو اهو ئي آهي ۽ سڀني پيڙهين ۾ مون کي انهيءَ نالي سان ئي ياد ڪيو ويندو.


هاڻي تون وڃ ۽ وڃي بني اسرائيل جي اڳواڻن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪر ۽ کين ٻڌاءِ تہ مون خداوند سندن ابن ڏاڏن جي خدا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا تو کي ڏيکاري ڏيئي سندن لاءِ هي پيغام ڏنو آهي تہ ’سچ پچ مون اوهان جي سار لڌي آهي ۽ مصر ۾ جيڪي اوهان سان ٿي رهيو آهي سو ڏٺو اٿم.


اهي تنهنجي ڳالهہ ٻڌندا. پوءِ تون ۽ بني اسرائيل جا اڳواڻ مصر جي بادشاهہ وٽ وڃجو. کيس چئجو تہ ’خداوند، عبرانين جي خدا، اسان کي ڏيکاري ڏني آهي. سو هاڻي توهان اسان کي ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃڻ ڏيو، تہ اسين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قربانيون ڪريون.‘


جڏهن خداوند ڏٺو تہ هو ڏسڻ لاءِ ويجھو ٿو اچي، تڏهن خدا ٻوڙي منجھان کيس سڏي چيو تہ ”موسيٰ! اي موسيٰ!“ موسيٰ وراڻيو تہ ”اِجھو، آءٌ حاضر آهيان.“


وري چيائينس تہ ”آءٌ تنهنجي پيءُ جو خدا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جو خدا آهيان.“ اهو ٻڌي موسيٰ پنهنجو منهن کڻي لڪايو، ڇاڪاڻ تہ هو خدا ڏانهن نهارڻ کان ڊنو ٿي.


تڏهن موسيٰ خداوند کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”جيڪڏهن هو مون تي اعتبار نہ ڪن، نڪي منهنجي ڳالهہ مڃين، بلڪ ائين چون تہ ’خداوند تو کي ڏيکاري ڪانہ ڏني آهي،‘ تہ پوءِ آءٌ ڇا ڪريان؟“


تڏهن ماڻهن انهن تي يقين ڪيو. وري جڏهن هنن ٻڌو تہ خداوند بني اسرائيل جي سار لڌي آهي ۽ انهن جي مصيبت ڏٺي اٿس، تڏهن زمين تي جھڪي سجدو ڪيائون.


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”پنهنجو هٿ ڊگھيري هن کي پڇ کان جھل.“ موسيٰ هٿ ڊگھيري هن کي پڇ کان جھليو تہ اهو سندس هٿ ۾ لٺ ٿي پيو.


سو مون خداوند اتي کين ڏيکاري ڏني. اي اسرائيل وارؤ! مون دائمي شفقت سان اوهان سان پيار ڪيو آهي، جيڪو هميشہ قائم وَ دائم رهندو.


آءٌ اوهان جي خاطر خوش آهيان جو اتي نہ هئس تہ جيئن اوهين ايمان آڻيو. هاڻي هلو تہ وٽس هلون.“


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون هميشہ منهنجي ٻڌندو آهين. پر هي ماڻهو جيڪي هتي بيٺا آهن، تن کي اهو ڏيکارڻ لاءِ آءٌ دعا ٿو گھران تہ جيئن اهي يقين ڪن تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.“


پوءِ هن توما کي چيو تہ ”اچ ۽ پنهنجي آڱر هيڏانهن ڪري منهنجي هٿ ۾ وجھي ڏس ۽ پنهنجو هٿ هيڏانهن منهنجي پاسي ۾ وجھہ. بي‌اعتبار نہ ٿيءُ پر اعتبار ڪر.“


پر جيڪي لکيا ويا آهن تن جو مقصد هي آهي تہ جيئن اوهين ايمان آڻيو تہ عيسيٰ ئي مسيح ۽ خدا جو فرزند آهي ۽ مٿس ايمان آڻڻ سان اوهان کي هن ۾ زندگي ملي.


پر مون وٽ جيڪا شاهدي آهي سا يحيٰ جي شاهديءَ کان بہ وڌيڪ آهي. هائو، جيڪي ڪم پيءُ مون کي پوري ڪرڻ لاءِ ڏنا آهن، يعني اهي ساڳيا ئي ڪم جيڪي آءٌ هينئر ڪري رهيو آهيان، سي ئي منهنجي شاهدي ٿا ڏين تہ پيءُ مون کي موڪليو آهي.


تنهن تي استيفنس جواب ڏنو تہ ”اي ڀائرو ۽ بزرگؤ! منهنجي ٻڌو. خداءِ‌ذوالجلال اسان جي وڏي ابراهيم تي ان وقت ظاهر ٿيو، جڏهن حاران شهر ۾ رهڻ کان اڳ هو مسوپتاميہ ۾ رهندو هو.


پر ان جي بدران هو انهيءَ کان بهتر يعني آسماني وطن جي لاءِ واجھائي رهيا هئا. جيئن تہ خدا، انهن جو خدا سڏجڻ کان شرمائي نہ ٿو، تنهنڪري هن انهن جي لاءِ هڪڙو شهر تيار ڪري ڇڏيو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan