Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 4:2 - Muslim Sindhi Bible

2 تنهن تي خداوند موسيٰ کان پڇيو تہ ”تنهنجي هٿ ۾ ڇا آهي؟“ موسيٰ وراڻيو تہ ”لٺ آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ تنهنجي هٿ ۾ ڇا آهي؟ هن چيو تہ لٺ آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 4:2
10 Iomraidhean Croise  

پوءِ يعقوب بهڻ، بادام ۽ عرمون وڻن مان تازيون وڍيل لٺيون کنيون. انهن جي کل ڇلي اهڙيءَ طرح تہ پٽا ڪڍيائين جو انهن ڪاٺين جي اڇاڻ ظاهر ٿي پيئي.


اليشع کيس وراڻيو تہ ”آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ڪريان؟ مون کي ٻڌاءِ، تو وٽ گھر ۾ ڇا آهي؟“ ان بيوہ جواب ڏنو تہ ”اوهان جي ٻانهيءَ وٽ گھر ۾ دنگيءَ ۾ ٿوري زيتون جي تيل کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونهي.“


سو اي منهنجا بادشاهہ! خداوند صيئون مان تنهنجي شاهي لٺ جي طاقت کي ڦهلائيندو، ۽ تون پنهنجي دشمنن تي حڪمراني ڪندين.


تون هيءَ لٺ پنهنجي هٿ ۾ کڻج، انهيءَ سان تون معجزا ڏيکاريندين.“


تڏهن موسيٰ پنهنجيءَ زال ۽ پنهنجي پٽن کي هڪڙي گڏهہ تي ويهاريو ۽ مصر ڏانهن روانو ٿيو. موسيٰ اها لٺ پنهنجي هٿ ۾ کنئي جنهن لاءِ خدا چيو هئس.


هاڻي تون صبح جو سوير فرعون وٽ وڃجانءِ. هو انهيءَ مهل درياءَ تي ويندو. سو تون ساڻس ملڻ لاءِ درياءَ جي ڪناري تي وڃي بيهجانءِ ۽ جيڪا لٺ بدلجي نانگ ٿي پيئي هئي سا پنهنجي هٿ ۾ کڻي وڃجانءِ.


”جيڪڏهن فرعون اوهان کي چوي تہ ’اوهين پنهنجي ثابتيءَ لاءِ ڪو معجزو ڏيکاريو،‘ تڏهن تون هارون کي چئج تہ هو پنهنجي لٺ فرعون جي اڳيان اڇلائي، جيڪا نانگ ٿي پوندي.“


بلڪ هو سچائيءَ سان غريبن جو انصاف ڪندو، ۽ دنيا جي لاچارن جي حقن جي حفاظت ڪندو. هن جي حڪم سان گنهگارن کي سزا ملندي. هائو، سندس چپن چورڻ سان بدڪار ماڻهو فنا ٿي ويندا.


سڀني ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين منجھان هر ڏهن جانورن مان هڪڙو مون خداوند جو آهي. جڏهن جانورن جو شمار ڪيو وڃي تڏهن هر ڏهون جانور مون خداوند لاءِ مخصوص ڪيو وڃي.


اي خداوند! پنهنجي چونڊيل قوم جي رهنمائي ڪر. اچ، اسان جو اچي ريڍار ٿيءُ. اسان جي چوڌاري سرسبز ٻنيون آهن، پر اسين ڪرمل جي جھنگ ۾ اڪيلا پيا رهون. تون اسان جي اڳواڻي ڪري اسان کي بسن ۽ جِلعاد جي علائقن ڏانهن وٺي هل. هائو، اسان کي اڳي وانگر انهن سرسبز چراگاهن ۾ رهاءِ.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan