Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 4:15 - Muslim Sindhi Bible

15 تون ساڻس گفتگو ڪري کيس ٻڌائج تہ هن کي ڇا چوڻو آهي. آءٌ ڳالهائڻ ۾ اوهان ٻنهي جي مدد ڪندس ۽ اوهان کي ٻڌائيندس تہ ڇا ڇا ڪريو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

15 ۽ تون ساڻس گفتگو ڪري، هي سڀ ڳالهيون کيس ٻڌائج؛ آءٌ تنهنجي ۽ هن جي ڳالهين سان هوندس، ۽ اوهان کي سيکاريندس تہ ڇا ڇا ڪريو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 4:15
24 Iomraidhean Croise  

پوءِ تون بادشاهہ وٽ وڃي کيس اهي ڳالهيون چئُہ جيڪي آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو.“ يوآب هن کي اهي ڳالهيون سيکاري ڇڏيون.


جيڪي ماڻهو تنهنجو خوف رکن ٿا، تن کي ئي تون پنهنجو وڻندڙ رستو ڏيکارين ٿو.


اي منهنجا ڌڻي! تون منهنجي چپن کي کول، تہ منهنجي زبان سدائين تنهنجي واکاڻ ڪري.


خدا وراڻيس تہ ”تون يقين ڪري ڄاڻ تہ آءٌ تو سان گڏ هوندس. ان جي نشاني تہ مون ئي تو کي موڪليو آهي اها هوندي، تہ جڏهن تون انهن ماڻهن کي مصر مان ڪڍي ايندين، تڏهن تون هن جبل تي مون خدا جي عبادت ڪندين.“


تنهنڪري هاڻي تون وڃ، آءٌ ڳالهائڻ ۾ تنهنجي مدد ڪندس. جيڪو ڪجھہ تو کي چوڻو هوندو سو آءٌ تو کي سيکاريندس.“


تڏهن موسيٰ اهي ڳالهيون جيڪي خدا کيس ٻڌائي روانو ڪيو هو ۽ اهي معجزا جيڪي ڪرڻ لاءِ کيس ٻڌايا هئائين، سي سڀ هارون کي بيان ڪري ٻڌايا.


هارون اهي سموريون ڳالهيون جيڪي خداوند موسيٰ کي ٻڌايون هيون سي انهن کي بيان ڪيون. اتي موسيٰ ماڻهن جي اڳيان معجزا بہ ڪري ڏيکاريا.


مون آسمانن کي ڦهلائي سندن جاءِ تي قائم ڪيو آهي، ۽ زمين جا بنياد وڌا اٿم. آءٌ يروشلم وارن کي چوان ٿو تہ ’اوهين منهنجي قوم آهيو، مون ئي اوهان کي علم ڏيڻ سيکاريو آهي، ۽ پنهنجي هٿ هيٺ اوهان کي پناهہ ڏني اٿم.‘“


اوهان سان منهنجو هي عهد آهي تہ منهنجو روح اوهان کان پري نہ ٿيندو ۽ منهنجيون ڳالهيون هميشہ هميشہ اوهان جي زبان تي هونديون. هائو، هاڻي کان وٺي اهي اوهان جي اولاد جي ۽ اولاد جي اولاد جي زبان تي ابد تائين هونديون. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


پوءِ خداوند پنهنجو هٿ ڊگھيري منهنجي وات کي ڇهيو ۽ مون کي چيائين تہ ”مون پنهنجو فرمان تنهنجي وات ۾ وڌو آهي.


تڏهن مون يرمياہ ٻيو ويڙهوٽو کڻي باروڪ ولد نيرياہ ڪاتب کي ڏنو ۽ انهيءَ ۾ هن کان پهرئين ويڙهوٽي واريون سڀ ڳالهيون لکرايم، جيڪو ويڙهوٽو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم باهہ ۾ ساڙي ڇڏيو هو. انهيءَ کان علاوہ انهن جهڙيون ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالهيون ان ۾ شامل ڪيون ويون.


تڏهن موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”انهيءَ ڳالهہ مان اوهان کي خبر پوندي تہ خداوند مون کي هي سڀ ڪم ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي ۽ اهي مون پنهنجيءَ مرضيءَ سان نہ ڪيا آهن.


بلعام جواب ڏنس تہ ”هاڻي جو آءٌ توهان وٽ اچي ويو آهيان تہ ڇا مون کي ايتري مجال آهي جو جيڪي وڻيم سو چوان؟ بلڪ جيڪا ڳالهہ خدا مون کان چوائيندو، سا ئي آءٌ چوندس.“


هن جواب ڏنو تہ ”ڇا آءٌ رڳو اُها ئي ڳالهہ نہ چوان جيڪا خداوند منهنجي وات ۾ وڌي هجي؟“


خداوند بلعام سان مليو ۽ سندس وات ۾ هڪڙي ڳالهہ وجھي چيائينس تہ ”موٽي وڃي بلق کي اها ڳالهہ چئي ٻڌاءِ.“


تڏهن خداوند بلعام جي وات ۾ هڪڙي ڳالهہ وڌي ۽ چيائينس تہ ”موٽي وڃي بلق کي اها ڳالهہ چئي ٻڌاءِ.“


۽ کين تعليم ڏيو تہ انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪن جن جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي. يقين ڪريو تہ آءٌ دنيا جي پڄاڻيءَ تائين هميشہ اوهان سان هوندس.“


ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي اهڙي زبان ۽ اهڙي ڏاهپ ڏيندس جو اوهان جو ڪوبہ دشمن اوهان سان مقابلو يا مخالفت ڪري نہ سگھندو.


جيڪا ڳالهہ مون کي خداوند عيسيٰ کان ملي هئي سا مون اڳ ۾ اوهان تائين پهچائي آهي. اها هيءَ آهي تہ جنهن رات خداوند عيسيٰ کي گرفتار ڪرايو ويو، تنهن رات هن ماني کڻي


هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان جو ڌيان انهيءَ خوشخبريءَ ڏانهن ڏياريان ٿو، جيڪا اوهان کي ٻڌائي هئم. اوهان اها قبول ڪئي هئي ۽ انهيءَ تي قائم بہ آهيو.


آءٌ خداوند هنن جي لاءِ سندن بني اسرائيل قوم وارن منجھان ئي تو جهڙو هڪڙو نبي پيدا ڪندس. آءٌ پنهنجو فرمان انهيءَ جي وات ۾ وجھندس. جيڪو بہ حڪم آءٌ هن کي ڏيندس، سو هو کين ٻڌائيندو.


پر تون هتي مون وٽ بيٺو رهہ. آءٌ تو کي اهي سڀ حڪم ۽ قاعدا قانون ٻڌائيندس جيڪي تون انهن کي سيکار، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ملڪ آءٌ انهن کي ورثي طور ڏيڻ وارو آهيان تنهن ۾ هو انهن تي عمل ڪن.‘


قربانيءَ تي يسيءَ کي بہ دعوت ڏجانءِ. پوءِ آءٌ تو کي ٻڌائيندس تہ تو کي ڇا ڇا ڪرڻو آهي. جنهن ماڻهوءَ جي نالي آءٌ تو کي چوان تنهن کي تون بادشاهہ ٿيڻ لاءِ منهنجي طرفان مسح ڪجانءِ.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan