Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 4:12 - Muslim Sindhi Bible

12 تنهنڪري هاڻي تون وڃ، آءٌ ڳالهائڻ ۾ تنهنجي مدد ڪندس. جيڪو ڪجھہ تو کي چوڻو هوندو سو آءٌ تو کي سيکاريندس.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 تنهنڪري هاڻي تون وڃ ۽ آءٌ تنهنجين ڳالهين سان هوندس، ۽ جيڪي توکي چوڻو هوندو سو توکي سيکاريندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 4:12
20 Iomraidhean Croise  

پوءِ هن پنهنجي بندي موسيٰ کي مصر ڏانهن موڪليو، ۽ هارون کي بہ چونڊي ساڻس گڏ موڪليائين.


مون کي سيکار تہ آءٌ تنهنجي مرضيءَ تي هلان، ڇاڪاڻ تہ تون ئي منهنجو خدا آهين. بيشڪ تون ڀلو آهين، سو مون کي سڌيءَ راهہ تي هلاءِ.


تون گھوڙي ۽ خچر وانگر بي‌سمجھہ نہ ٿيءُ، جن کي پنهنجي قابوءَ ۾ رکڻ لاءِ لغام ۽ واڳ وجھبي آهي، تان‌تہ اهي تابعداريءَ ۾ رهن.“


خدا وراڻيس تہ ”تون يقين ڪري ڄاڻ تہ آءٌ تو سان گڏ هوندس. ان جي نشاني تہ مون ئي تو کي موڪليو آهي اها هوندي، تہ جڏهن تون انهن ماڻهن کي مصر مان ڪڍي ايندين، تڏهن تون هن جبل تي مون خدا جي عبادت ڪندين.“


پر موسيٰ وراڻيو تہ ”اي مالڪ! آءٌ تو کي عرض ٿو ڪريان تہ انهيءَ ڪم لاءِ ڪنهن ٻئي کي موڪل.“


تون ساڻس گفتگو ڪري کيس ٻڌائج تہ هن کي ڇا چوڻو آهي. آءٌ ڳالهائڻ ۾ اوهان ٻنهي جي مدد ڪندس ۽ اوهان کي ٻڌائيندس تہ ڇا ڇا ڪريو.


تنهنجي بدران هو ماڻهن سان ڳالهائيندو. هو ڄڻ تہ تنهنجي زبان هوندو ۽ تون هن جي لاءِ ڄڻ تہ خدا هوندين.


هن منهنجي زبان کي تکي تلوار وانگر ڪيو آهي، ۽ مون کي پنهنجي مياڻ ۾ حفاظت سان رکيو اٿس. هن مون کي چمڪندڙ تير وانگر ڪيو آهي، ۽ مون کي پنهنجي ترڪش ۾ رکي ڇڏيو اٿس.


خداوند خدا مون کي تسلي ڏيڻ جا لفظ سيکاريا، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ ڄاڻان تہ ڪنهن ٿڪل ماڻهوءَ کي ڪهڙيءَ طرح همتائي ٿو سگھان. هو مون کي هر روز صبح جو جاڳائي ٿو، ۽ مون ۾ اها خواهش ٿو پيدا ڪري، تہ آءٌ سندس ڳالهيون ٻڌندو رهان.


پوءِ خداوند پنهنجو هٿ ڊگھيري منهنجي وات کي ڇهيو ۽ مون کي چيائين تہ ”مون پنهنجو فرمان تنهنجي وات ۾ وڌو آهي.


تڏهن موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”انهيءَ ڳالهہ مان اوهان کي خبر پوندي تہ خداوند مون کي هي سڀ ڪم ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي ۽ اهي مون پنهنجيءَ مرضيءَ سان نہ ڪيا آهن.


جڏهن هو اوهان کي گرفتار ڪري ڪورٽن ۾ پيش ڪن تڏهن اها ڳڻتي نہ ڪجو تہ اوهان کي ڇا چوڻو آهي. جيڪي اوهان کي چوڻو هوندو سو انهيءَ مهل پاڻ ئي اوهان کي ٻڌايو ويندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون اوهين ڪندا سي اوهان جون نہ، پر پاڪ روح جون هونديون.


هڪڙي دفعي ڪنهن هنڌ عيسيٰ دعا پئي گھري. جڏهن هو دعا گھري چڪو تڏهن سندس شاگردن مان هڪڙي چيس تہ ”اي استاد! جهڙيءَ طرح يحيٰ پنهنجي شاگردن کي دعا سيکاري هئي، تهڙيءَ طرح اسان کي بہ دعا سيکاريو.“


پر پوءِ هڪ مددگار يعني پاڪ روح، جيڪو پيءُ منهنجي نالي سان موڪليندو، سو اوهان کي سڀ ڳالهيون سيکاريندو، بلڪ اهي ڳالهيون بہ ياد ڏياريندو، جيڪي مون اوهان کي چيون آهن.


منهنجي لاءِ بہ دعا ڪندا ڪريو تہ ڳالهائڻ وقت مون کي قدرت وارا لفظ عطا ڪيا وڃن، تہ جيئن آءٌ خوشخبريءَ جو راز دليريءَ سان ظاهر ڪندو رهان.


آءٌ خداوند هنن جي لاءِ سندن بني اسرائيل قوم وارن منجھان ئي تو جهڙو هڪڙو نبي پيدا ڪندس. آءٌ پنهنجو فرمان انهيءَ جي وات ۾ وجھندس. جيڪو بہ حڪم آءٌ هن کي ڏيندس، سو هو کين ٻڌائيندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan