Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 4:10 - Muslim Sindhi Bible

10 تڏهن موسيٰ خداوند کي چيو تہ ”اي مالڪ! مون کي نہ موڪل. آءٌ ڳالهائڻ ۾ هوشيار نہ آهيان، نہ هن کان اڳي هئس ۽ نہ هاڻي، جڏهن کان تو پنهنجي ٻانهي سان ڳالهايو آهي، ڇاڪاڻ تہ منهنجي زبان ۾ ڍرائي آهي ۽ آءٌ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو آهيان.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 تڏهن موسيٰ خداوند کي چيو تہ اي خداوند، آءٌ ڳالهائڻ ۾ هوشيار نہ آهيان، نہ هن کان اڳي هوس، نڪي تو پنهنجي ٻانهي سان ڳالهايو، تنهن کان پوءِ ٿيو آهيان؛ ڇالاءِ جو منهنجيءَ زبان ۾ ڍرائي آهي ۽ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو آهيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 4:10
11 Iomraidhean Croise  

”واہ! قوم جو آواز رڳو اوهين ئي آهيو، ۽ اوهان جي مرڻ سان گڏوگڏ ڏاهپ بہ مري کپي ويندي.


پر موسيٰ خدا کي چيو تہ ”آءٌ ڪير ٿيندو آهيان جو فرعون وٽ وڃان ۽ بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي اچان؟“


تڏهن موسيٰ خداوند کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”جيڪڏهن هو مون تي اعتبار نہ ڪن، نڪي منهنجي ڳالهہ مڃين، بلڪ ائين چون تہ ’خداوند تو کي ڏيکاري ڪانہ ڏني آهي،‘ تہ پوءِ آءٌ ڇا ڪريان؟“


تنهن تي موسيٰ خداوند کي عرض ڪري چيو تہ ”جڏهن بني اسرائيل ئي منهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي تڏهن فرعون منهنجي ڳالهہ ڪيئن ٻڌندو؟ خاص ڪري جڏهن تہ آءٌ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو بہ آهيان.“


پر موسيٰ خداوند کي وراڻيو تہ ”تون ڄاڻين ٿو تہ آءٌ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو آهيان. سو فرعون ڪيئن منهنجي ڳالهہ مڃيندو؟“


تڏهن مون چيو تہ ”هاءِ! اي خداوند خدا! مون کي تہ ڳالهائڻ جي بہ خبر ناهي، آءٌ تہ اڃا ٻار آهيان.“


آءٌ تہ اوهان کي مصر ملڪ مان بچائي ڪڍي آيس، جتي اوهين غلام هئا. مون اوهان جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ موسيٰ، هارون ۽ مريم کي اوهان لاءِ مقرر ڪيو.


هن کي مصرين جي سڄي حڪمت جو علم سيکاريو ويو ۽ کيس ڳالهائڻ توڙي ڪم ڪرڻ ۾ وڏي قابليت حاصل ٿي.


بيشڪ ڪي چون ٿا تہ ”پولس جا خط رعب وارا ۽ سخت آهن، پر جڏهن پاڻ حاضر ٿئي ٿو تہ هن ۾ رعب تاب ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي ۽ تقرير ڪين جهڙي اٿس.“


پر جيڪڏهن آءٌ تقرير ڪرڻ ۾ ماهر نہ بہ هجان تہ بہ علم ۾ گھٽ نہ آهيان ۽ اهو اسان هر وقت ۽ هر ڳالهہ ۾ اوهان جي اڳيان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan