Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 39:3 - Muslim Sindhi Bible

3 هنن سون کي ڪُٽي ڪُٽي سنها ورق بڻايا، جن کي ڪَٽي سنهيون تارون ٺاهيائون، انهيءَ لاءِ تہ اهي آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن واري سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۾ وڏي ڪاريگريءَ سان اُڻين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ هنن سون کي ڪُٽي سنها پترا ڪري، انهن کي وڍي، منجهانئن سنهيون تارون جوڙيون، انهي لاءِ تہ اهي آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۾ ڏاڍيءَ ڪاريگريءَ سان اُڻن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 39:3
6 Iomraidhean Croise  

بيشڪ بادشاهہ جي ڪنوار، جيڪا محلات جي اندر پنهنجي ڪمري ۾ آهي، سا ڪيڏي نہ حسن‌سراپا آهي! کيس شاديءَ جي زربفت پوشاڪ پهريل آهي.


آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا، سنهي وٽيل سڻيءَ جو ڪپڙو ۽ ڏاس،


”تون مقدس خيمي جي قنات ۽ پال لاءِ ڏهہ پردا سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جا ٺهرائج، جن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هجن. انهن تي ڪاريگريءَ سان پردار آسماني مخلوق جون شڪليون اُڻيل هجن.


سو ڪم ڪرڻ وارن مان جيڪي هوشيار ڪاريگر هئا، تن هٿان مقدس خيمي جي قنات ۽ پال لاءِ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جا ڏهہ پردا ٺاهيا ويا، جن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هئا. انهن تي پردار آسماني مخلوق جون شڪليون اُڻيون ويون.


هنن آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن، سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۽ سون مان مذهبي فراڪ ٺاهيو.


مذهبي فراڪ کي ڳنڍڻ لاءِ هنن ٻہ پٽيون بہ ٺاهيون، جيڪي انهيءَ جي ٻنهي ڇيڙن سان ڳنڍيل هيون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan