خروج 32:9 - Muslim Sindhi Bible9 خداوند موسيٰ کي وڌيڪ فرمايو تہ ”مون هن قوم کي ڏٺو آهي ۽ ڄاڻان ٿو تہ هيءَ ضدي قوم آهي. Faic an caibideilSindhi Bible9 ۽ خداوند موسيٰ کي چيو تہ مون هن قوم کي ڏٺو آهي، ۽ ڏس، هيءَ ضدي قوم آهي؛ Faic an caibideil |
هنن تنهنجي هڪ بہ نہ ٻڌي، ۽ جيڪي معجزا تو هنن لاءِ ڪيا هئا، سي سڀ وساري ڇڏيائون. هو ڏاڍا مغرور ٿي ويا، ۽ بغاوت ڪندي پاڻ مان هڪڙو اڳواڻ مقرر ڪيائون، تہ جيئن وري وڃي مصر جي غلاميءَ ۾ پون. پر تون اهڙو خدا آهين جيڪو معاف ڪرڻ لاءِ تيار، مهربان، رحم ڀريو، ڪاوڙ ۾ ڍرو ۽ شفقت سان ڀرپور آهين. انهيءَ ڪري تو هنن کي وساري نہ ڇڏيو.
اي يروشلم! خدا تنهنجي رهاڪن کي اهي ئي ڪم ڪندي ڏٺو آهي، جن ڪراهت جهڙن ڪمن کان هن کي نفرت آهي. هن کين ٽڪرين ۽ ٻنين ۾ ڌارين معبودن پٺيان ويندي ڏٺو آهي، جيئن ڪو زناڪار ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال جي پٺيان پوندو آهي، يا جيئن ڪو سانهِي گھوڙو گھوڙيءَ جي پٺيان پوندو آهي. اي يروشلم وارؤ! اوهان لاءِ ويل آهي! ڪيستائين اوهين ناپاڪ رهندءُ.