Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 32:8 - Muslim Sindhi Bible

8 جنهن راهہ تي هلڻ جو مون کين حڪم ڏنو هو، تنهن کان هو جلد ڦري ويا آهن. هنن پنهنجي لاءِ هڪڙو پلٽيل گابو ٺاهي انهيءَ کي سجدو ڪيو آهي ۽ انهيءَ جي لاءِ قربانيون ڪيون آهن. ان سان گڏوگڏ هنن چيو آهي تہ ’اي بني اسرائيل! هي اوهان جو ديوتا آهي، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي.‘“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 جنهن رستي جو مون کين حڪم ڏنو هو، تنهن کان هو جلد ڦري ويا آهن؛ هنن پنهنجي لاءِ هڪڙو پلٽيل گابو جوڙيو آهي، ۽ انهي جي عبادت ڪئي اٿن، ۽ انهي جي لاءِ قربانيون چاڙهيون اٿن، ۽ چيو اٿن تہ اي اسرائيليو، هي اوهان جو معبود آهي، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 32:8
18 Iomraidhean Croise  

انهيءَ ڪري بادشاهہ صلاح مصلحت کان پوءِ سون جا ٻہ گابا ٺهرايا. پوءِ ماڻهن کي چيائين تہ ”اي اسرائيل وارؤ! يروشلم تائين وڃڻ ۾ اوهان کي گھڻي تڪليف ٿئي ٿي. سو اِجھو، هي آهن اوهان جا معبود جن اوهان کي مصر مان ڪڍي آندو هو.“


وري هنن پنهنجي لاءِ پلٽيل گابو جوڙيو ۽ چوڻ لڳا تہ ’هي ئي اسان جو خدا آهي، جنهن اسان کي مصر مان ڪڍي آندو آهي.‘ بلڪ هنن انهيءَ کان بہ وڌيڪ ڪفر واريون ڳالهيون ڪيون.


ان کان علاوہ بني اسرائيل سينا جبل تي سون مان گابي جي هڪڙي مورتي پلٽي جوڙي، جنهن کي هنن سجدو ڪيو.


پر ائين هو پنهنجي واتان خدا سان دوکو ڪندا هئا. هو پنهنجي زبان سان سندس آڏو ڪوڙ ڳالهائيندا هئا.


اوهين پنهنجي لاءِ سون يا چانديءَ جا معبود ٺاهي، انهن کي مون سان گڏ شريڪ نہ ڪريو.


جيڪو مون هڪڙي خداوند کان سواءِ ڪنهن ٻئي معبود جي لاءِ قرباني ڪري، تنهن کي بلڪل تباهہ ڪيو وڃي.


هن اُهي سندن هٿن مان وٺي انهن کي پگھاريو ۽ سانچي ۾ وجھي، جوهريءَ جي اوزار سان انهيءَ مان هڪڙو گابو ٺاهيائين. تڏهن ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”اي بني اسرائيل! هي اوهان جو ديوتا آهي جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي.“


خبردار، اوهان انهيءَ ملڪ جي رهاڪن سان ڪو عهد نہ ڪجو. انهيءَ سبب جو جڏهن اهي پنهنجن معبودن جي پٺيان لڳي بدڪاري ڪن ۽ پنهنجن ديوتائن جي لاءِ قرباني ڪن، تہ متان انهن مان ڪو اوهان کي دعوت ڏئي ۽ اوهين انهن جي قربانيءَ منجھان ڪجھہ کائو.


ڪي ماڻهو پنهنجي ٿيلهين مان سون ڪڍي، ۽ چاندي تارازيءَ ۾ توري آڻي سوناري کي ٿا ڏين. پوءِ ڇا ٿو ٿئي جو اهو سونارو سندن لاءِ انهيءَ مان هڪڙو معبود جوڙي تيار ٿو ڪري، جنهن جي آڏو هو سجدو ڪري کيس پوڄين ٿا.


اهو عهد انهيءَ عهد جهڙو نہ هوندو، جيڪو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان ان وقت ٻڌو هو، جڏهن آءٌ سندن رهنمائي ڪندي کين مصر مان ٻاهر ڪڍي آيو هئس. هنن اهو عهد ٽوڙي ڇڏيو هو، توڙي جو آءٌ سندن مالڪ هئس.


اڳتي بني اسرائيل جا ماڻهو ٻڪر جي ڀوتن جي لاءِ پنهنجيون قربانيون نہ ڪن، ڇاڪاڻ تہ اهڙيءَ طرح هو مون سان بي‌وفائي ٿا ڪن. اهو ئي هنن جي لاءِ سندن پيڙهي بہ پيڙهي هميشہ جو قانون ٿيندو.‘


هنن ڀوتن لاءِ قربانيون ڪيون جيڪي حقيقي معبود ڪين هئا، هائو، اهڙن ديوتائن لاءِ جن کان هو واقف ئي نہ هئا. اهي اهڙا نوان نوان ديوتا هئا جيڪي هاڻ اچي ظاهر ٿيا هئا، جن جي سندن ابن ڏاڏن بہ ڪڏهن تعظيم نہ ڪئي هئي.


پوءِ خداوند مون کي چيو تہ ’اُٿ، هتان جلدي هيٺ لهي وڃ، ڇاڪاڻ تہ تنهنجا ماڻهو جن کي تون مصر مان ڪڍي آيو آهين، سي کري خراب ٿيا آهن. جنهن رستي جو مون کين حڪم ڏنو هو تنهن کان هو جلد ڦري ويا آهن ۽ بت‌پرستيءَ واسطي پنهنجي لاءِ هڪڙي پلٽيل مورت بڻائي اٿن.‘


مون نهاري ڏٺو تہ اوهان خداوند پنهنجي خدا جو گناهہ ڪيو هو. اوهان پنهنجي لاءِ هڪ پلٽيل گابو بڻايو هو ۽ انهيءَ رستي کان جلد ڦري ويا هئا جيڪو خداوند اوهان کي ٻڌايو هو.


هو جِلعاد جي ملڪ ۾ بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي وٽ آيا.


پر بني اسرائيل پنهنجن رهبرن ڏانهن بہ ڌيان ڪونہ ڏنو. هو خداوند سان بي‌وفائي ڪري غير معبودن جي پٺيان لڳي کين پوڄڻ لڳا. جنهن رستي تي انهن جا ابا ڏاڏا خداوند جي حڪمن جي فرمانبرداري ڪندي هلندا هئا، تنهن کان هو جلدي ڦري ويا ۽ انهن وانگر نہ هليا.


جِدعون کين وڌيڪ چيو تہ ”البت، آءٌ اوهان کي هڪڙو عرض ٿو ڪريان تہ اوهان مان هر ڪو ڄڻو لٽ جي مال مان پنهنجي پنهنجي مليل حصي منجھان مون کي هڪ هڪ والي ڏئي.“ مديانين ۾ اسماعيل جو گھراڻو ئي هو جنهن ۾ سونيون واليون پائڻ جو رواج هو ۽ اهي کانئن لٽيون ويون هيون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan