Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 32:6 - Muslim Sindhi Bible

6 ٻئي ڏينهن اهي صبح جو سوير اٿيا ۽ ساڙڻ واريون قربانيون ڪيائون. هنن سلامتيءَ جي قربانيءَ لاءِ جانور ذبح ڪيا. پوءِ ماڻهن ويهي کاڌو پيتو ۽ اُٿي عياشيءَ ۾ لڳي ويا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ۽ ٻئي ڏينهن، اُهي صبح جو سوير اُٿيا، ۽ سوختنيون قربانيون چاڙهيائون، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيائون؛ پوءِ ماڻهو ويهي کائڻ پيئڻ، ۽ اُٿي رانديون ڪرڻ لڳا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 32:6
10 Iomraidhean Croise  

هارون جڏهن اهو حال ڏٺو تڏهن انهيءَ جي اڳيان هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهيائين. پوءِ هارون پڙهو گھمرايو تہ ”سڀاڻي خداوند جي لاءِ عيد ٿيندي.“


اهي هر قربان‌گاهہ وٽ گروي رکيل ڪپڙن مٿان ليٽي ٿا پون، ۽ منهنجي هيڪل ۾ غريبن کان ڏنڊ طور وصول ڪيل مئي پيئن ٿا.


آءٌ اوهان جي عيدن کي ڦيرائي ماتم، ۽ سڀني راڳن کي ڦيرائي مرثيا ڪري ڇڏيندس. آءٌ اوهان سڀني کي کٿا ڍڪرائيندس، ۽ اوهان جا مٿا ڪوڙائيندس. آءٌ اوهان ۾ اهڙو تہ ماتم وجھندس، جهڙو سڪيلڌي پٽ جي مرڻ تي ٿيندو آهي، اهو ماتم پڇاڙي تائين تمام سخت هوندو.


اهي عورتون کين پنهنجن معبودن جي اڳيان قربانين جي موقعي تي اچڻ جي دعوت ڏينديون هيون. هو اتي وڃي کاڌو کائيندا هئا ۽ انهن جي معبودن جي اڳيان سجدو ڪندا هئا.


تنهنڪري اسان کي گھرجي تہ بت‌پرست نہ ٿيون جهڙيءَ طرح انهن مان ڪي ٿيا، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”ماڻهو کائڻ پيئڻ لاءِ ويٺا ۽ پوءِ اٿي نچڻ ٽپڻ ۽ عياشيءَ ۾ لڳي ويا.“


ڌرتيءَ تي رهڻ وارا انهن جي موت تي خوشيون ۽ جشن ڪندا رهيا ۽ هڪٻئي ڏانهن سوکڙيون موڪليندا رهيا، ڇاڪاڻ تہ خدا جو پيغام ڏيندڙ انهن ٻنهي شاهدن ڌرتيءَ وارن کي ڏاڍي تڪليف ڏني هئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan