Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 32:3 - Muslim Sindhi Bible

3 تنهن تي سڀيئي ماڻهو انهن جي ڪنن مان سونيون واليون لاهي، اُهي هارون وٽ کڻي آيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 تنهن تي سڀيئي ماڻهو پنهنجون سون جون واليون، جيڪي سندن ڪنن ۾ هيون، سي ڀڃي هارون وٽ کڻي آيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 32:3
10 Iomraidhean Croise  

جڏهن اٺن پاڻي پي بس ڪئي تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ هڪڙي سوني نٿ، جنهن جي تور اٽڪل پنج گرام هئي سا ڪڍي ۽ ٻہ سونا ڪنگڻ جن جي تور اٽڪل سؤ سؤ گرام هئي، انهيءَ جي ٻانهن لاءِ ڪڍيا.


سو هنن وٽ جيڪي بہ بت هئا ۽ جيڪي بہ ڪنن ۾ واليون پاتل هئن، سي سڀ لاهي يعقوب کي ڏنائون. يعقوب اهي سڀ شاهہ‌بلوط جي وڻ هيٺ پوري ڇڏيا، جيڪو سڪم شهر جي ويجھو هو.


تڏهن هارون کين چيو تہ ”پنهنجي زالن، پٽن ۽ ڌيئرن جي ڪنن مان سونيون واليون لاهي مون وٽ کڻي اچو.“


هن اُهي سندن هٿن مان وٺي انهن کي پگھاريو ۽ سانچي ۾ وجھي، جوهريءَ جي اوزار سان انهيءَ مان هڪڙو گابو ٺاهيائين. تڏهن ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”اي بني اسرائيل! هي اوهان جو ديوتا آهي جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي.“


سو بني اسرائيل سينا جبل وٽ ئي پنهنجو سينگار لاهي روانا ٿيا.


پنڙا، ڪنگڻ ۽ روءِ‌بند،


ڪي ماڻهو پنهنجي ٿيلهين مان سون ڪڍي، ۽ چاندي تارازيءَ ۾ توري آڻي سوناري کي ٿا ڏين. پوءِ ڇا ٿو ٿئي جو اهو سونارو سندن لاءِ انهيءَ مان هڪڙو معبود جوڙي تيار ٿو ڪري، جنهن جي آڏو هو سجدو ڪري کيس پوڄين ٿا.


هنن جي بتن تي نج سون ۽ عمدي چانديءَ جا پترا چڙهيل آهن، جيڪي ڪاريگرن ۽ سونارن جي هٿن جي ڪاريگري آهن. انهن کي نيري ۽ واڱڻائي رنگ جي پوشاڪ پهرائي وڃي ٿي، جيڪا ماهر ڪاريگر جي هٿ جو ڪم آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan