Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 32:1 - Muslim Sindhi Bible

1 هاڻي جڏهن ماڻهن ڏٺو تہ موسيٰ جبل تان لهڻ ۾ دير ڪئي آهي، تڏهن اهي هارون وٽ اچي گڏ ٿيا. کيس چيائون تہ ”اُٿي اسان جي لاءِ اهڙا ديوتا ٺاهہ جيڪي اسان جي رهبري ڪن، ڇاڪاڻ تہ هي شخص موسيٰ، جيڪو اسان کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو آهي، خبر ناهي تہ کيس ڇا ٿيو آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 هاڻي جڏهن ماڻهن ڏٺو تہ موسيٰ کي جبل تان لهڻ ۾ دير ٿي آهي، تڏهن اهي هارون وٽ اچي گڏ ٿيا، ۽ چيائونس تہ اُٿي اسان جي لاءِ اهڙا ديوتا ٺاهہ، جي اسان جي رهبري ڪن: ڇالاءِ تہ هي شخص موسيٰ، جو اسان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو آهي، تنهن بابت اسان کي خبر نہ آهي تہ ڇا ٿيس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 32:1
35 Iomraidhean Croise  

پوءِ لوط پنهنجن ڄاٽن وٽ ويو جن سان سندس ڌيئرن جي شادي ٿيڻي هئي. انهن کي چيائين تہ ”جلدي ڪريو ۽ هتان نڪري هلو، ڇاڪاڻ تہ خداوند هيءُ شهر برباد ڪندو.“ پر انهن سمجھيو تہ هو چرچا ٿو ڪري.


ابيملڪ چيو تہ ”مون کي خبر ڪانهي تہ ڪنهن اهو ڪم ڪيو آهي. تو بہ مون کي انهيءَ بابت ڪونہ ٻڌايو. پهريون دفعو ئي مون اها ڳالهہ ٻڌي آهي.“


پر يوسف نہ مڃيو ۽ چيائينس تہ ”ڏس، منهنجي مالڪ کي ڪنهن بہ ڳالهہ جي فڪر ڪرڻ جي ضرورت ناهي تہ گھر ۾ ڇا ڪجھہ آهي. جيڪي ڪجھہ بہ اٿس سو سڀ ڪجھہ منهنجي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو اٿائين.


تڏهن يوسف هنن کي چيو تہ ”اوهان هي ڪهڙو ڪم ڪيو؟ ڇا اوهان کي خبر ڪانهي تہ مون جهڙو ماڻهو فال ذريعي سڀ ڪجھہ معلوم ڪري ٿو سگھي؟“


جڏهن هو شهر مان نڪري اڃا ٿورو ئي پري ويا تہ يوسف پنهنجي منتظم کي چيو تہ ”اُٿي هنن ماڻهن جي پٺيان وڃ. جڏهن تون کين پهچين تڏهن چئجان تہ ’اوهان نيڪيءَ جي بدلي بدي ڇو ڪئي آهي؟ اوهان ڇو منهنجي مالڪ جو پيالو چورايو آهي؟


ان کان علاوہ بني اسرائيل سينا جبل تي سون مان گابي جي هڪڙي مورتي پلٽي جوڙي، جنهن کي هنن سجدو ڪيو.


ڏينهن جي وقت خداوند انهن جي اڳيان ڪڪر واري ٿنڀي جي وسيلي کين رستو ڏيکاريندو هلندو هو ۽ رات جي وقت باهہ واري ٿنڀي جي وسيلي کين روشني ڏيندو اڳيان هلندو رهندو هو، انهيءَ لاءِ تہ اهي ڏينهن رات پنڌ ڪري سگھن.


هنن موسيٰ کي چيو تہ ”مصر ۾ قبرون ڪين هيون ڇا جو تون اتان اسان کي هن رڻ‌پٽ ۾ مرڻ لاءِ وٺي آيو آهين؟ تو اسان سان هي ڇا ڪيو جو اسان کي مصر مان ڪڍي آئين.


کين چوڻ لڳا تہ ”جيڪر اسين مصر جي ملڪ ۾ ئي خداوند جي هٿان مري وڃون ها تہ چڱو، جتي اسين گوشت جي ديڳڙن وٽ ويهندا ۽ پيٽ ڀري ماني کائيندا هئاسين. اوهين تہ اسان کي هن رڻ‌پٽ ۾ انهيءَ لاءِ وٺي آيا آهيو تہ هن سڄي قوم کي بکن ۾ ماريو.“


اوهين پنهنجي لاءِ سون يا چانديءَ جا معبود ٺاهي، انهن کي مون سان گڏ شريڪ نہ ڪريو.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون جبل تي چڙهي مون وٽ اچ ۽ تيستائين هتي رهہ جيستائين آءٌ تو کي پٿر جون تختيون نہ ڏيان. انهن تختين تي اها شريعت ۽ اُهي حڪم لکيا اٿم جيڪي ماڻهن جي هدايت لاءِ آهن.“


تڏهن موسيٰ ڪڪر جي اندر گھڙي، جبل تي چڙهي ويو. هو جبل تي چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون رهيو.


تڏهن موسيٰ خداوند پنهنجي خدا کي عرض ڪري چيو تہ ”اي خداوند! تون ڇو پنهنجي انهيءَ قوم سان ايتري ڪاوڙ ٿو ڪرين، جنهن کي تو پنهنجي وڏيءَ قدرت ۽ طاقت سان مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي؟


هارون وراڻيو تہ ”اي آقا! مون تي ڪاوڙ نہ ڪريو. اوهين هنن ماڻهن کان واقف آهيو، هنن جو لاڙو هميشہ بڇڙائيءَ ڏانهن آهي.


هنن مون کي چيو تہ ’اسان کي اهڙا ديوتا ٺاهي ڏي جيڪي اسان جي رهبري ڪن، ڇاڪاڻ تہ هي شخص موسيٰ، جيڪو اسان کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو آهي، خبر ناهي تہ کيس ڇا ٿيو آهي.‘


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هيٺ لهي وڃ، ڇاڪاڻ تہ تنهنجا ماڻهو، جن کي تون مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو آهين، تن پنهنجو خانو خراب ڪري ڇڏيو آهي.


انهيءَ لاءِ تہ ان آسودي ۽ خوشحال ملڪ ۾ اوهين داخل ٿي سگھو. پر آءٌ پاڻ اوهان سان گڏ ڪين هلندس، ڇاڪاڻ تہ اوهين ضدي ماڻهو آهيو، سو ائين نہ ٿئي جو آءٌ اوهان کي رستي ۾ ئي ناس ڪري ڇڏيان.“


پر هو مون کان ڦري ويا ۽ منهنجي ڳالهہ ٻڌڻ کان انڪار ڪيائون. هنن مان ڪنهن بہ انهن ڪراهت جهڙن بتن کي ڪڍي نہ اڇلايو، جن کي هنن چاهيو ٿي، نہ وري هنن مصر جي بتن جي پوڄا ئي ڇڏي. تڏهن مون ارادو ڪيو تہ مصر ۾ ئي بني اسرائيل تي پنهنجو غضب نازل ڪريان.


پوءِ مون خداوند موسيٰ نبيءَ جي وسيلي اوهان يعقوب جي اولاد کي مصر مان ڪڍي آندو، هائو، انهيءَ نبيءَ جي ئي وسيلي مون اوهان جي سنڀال ڪئي.


آءٌ تہ اوهان کي مصر ملڪ مان بچائي ڪڍي آيس، جتي اوهين غلام هئا. مون اوهان جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ موسيٰ، هارون ۽ مريم کي اوهان لاءِ مقرر ڪيو.


تہ هنن ماڻهن مان ڪوبہ پنهنجي حياتيءَ ۾ اهو ملڪ نہ ڏسندو. هنن منهنجو جلال ۽ منهنجا معجزا، جيڪي مون مصر ۽ بيابان ۾ ڪيا سي ڏٺا آهن، تڏهن بہ مون کي هڪ دفعو نہ پر ڏهہ دفعا آزمايو اٿن، پوءِ بہ منهنجي ڳالهہ نہ مڃي اٿائون.


انهيءَ لاءِ هي سمجھو تہ جيڪڏهن ڪنهن گھر جي مالڪ کي خبر هجي ها تہ چور رات جو ڪهڙي وقت ايندو، تہ جيڪر هو سجاڳ رهي ها ۽ پنهنجي گھر کي کاٽ لڳڻ نہ ڏئي ها.


پر جيڪڏهن اهو نوڪر بڇڙو هجي ۽ دل ۾ خيال ڪري تہ ’منهنجي مالڪ جي اچڻ ۾ دير آهي،‘


هاڻ جيئن تہ اسين خدا جو اولاد آهيون، تنهنڪري اهو مناسب نہ آهي جو اسين سمجھون تہ هن جي ذات سون، چانديءَ يا پٿر جي ڪنهن بت وانگر آهي، جيڪو انساني هنر ۽ ڪاريگريءَ سان ٺاهيو وڃي ٿو.


اوهين پاڻ ڏسي ۽ ٻڌي سگھو ٿا تہ نہ رڳو اِفسس ۾، بلڪ سڄي آسيا صوبي ۾ هن شخص پولس گھڻن ماڻهن کي برغلائي گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي. هو چئي رهيو آهي تہ ’ماڻهن جا ٺاهيل هي بت خدا هرگز نہ آهن.‘


انهن هارون کي چيو تہ ’اسان لاءِ اهڙا ديوتا ٺاهہ، جيڪي اسان جي اڳيان اڳيان هلن، ڇو تہ جنهن موسيٰ اسان کي مصر مان ڪڍي آندو هو تنهن جي خبر ئي نہ آهي تہ ساڻس ڇا ٿيو.‘


خداوند پاڻ اوهان جي رهنمائي پيو ڪري. هو اوهان ساڻ ئي رهندو. هو اوهان کي نااميد نہ ڪندو، نڪي اوهان کي ڇڏي ڏيندو. سو اوهين نہ ڊڄو، نڪي بي‌همت ٿيو.“


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اي بني اسرائيل! ٻڌو، اوهين اڄ اردن درياءَ کان پار انهيءَ لاءِ وڃڻ وارا آهيو تہ جيئن اهي قومون جيڪي اوهان کان وڏيون ۽ طاقتور آهن ۽ جن جي وڏن شهرن جون ڀتيون آسمان سان ڳالهيون ٿيون ڪن، تن کي ڀڄائي ڪڍو.


جڏهن آءٌ پٿر جون تختيون، جن تي خداوند جو اوهان سان ٻڌل عهد لکيل هو، سي وٺڻ لاءِ جبل تي چڙهي ويس، تڏهن آءٌ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون اتي جبل تي رهي پيس ۽ مون نڪا ماني کاڌي، نڪو پاڻي پيتم.


سو تون اُٿ ۽ وڃي ماڻهن کي پاڪ ڪر. کين چئُہ تہ سڀاڻي منهنجي اڳيان اچڻ لاءِ هو پاڻ کي پاڪ ڪن. آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا هيئن چوان ٿو تہ ’اي بني اسرائيل! اوهان وٽ فنا ڪرڻ لاءِ ڪي مخصوص شيون آهن. جيستائين اوهين اهي پاڻ وٽان ڪڍي نہ ڇڏيندا تيستائين اوهين پنهنجن دشمنن جي اڳيان بيهي ڪين سگھندا.‘


چوندا تہ ”انهيءَ عيسيٰ تہ موٽي اچڻ جو واعدو ڪيو هو، پوءِ هاڻي هو ڪٿي آهي؟ ڇو تہ جڏهن کان اسان جا ابا ڏاڏا قبر ۾ وڃي ستا آهن، تڏهن کان وٺي سڀ ڪجھہ ائين ئي پيو هلي جيئن دنيا جي پيدا ٿيڻ وقت هو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan