Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 30:3 - Muslim Sindhi Bible

3 تون انهيءَ تي نج سون جو پٽ چاڙهائج، جيڪو ان جي مٿان، چئن ئي پاسن ۽ سڱن تي هجي. انهيءَ جي چوڌاري سون جي ڪناري ٺهرائج.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ تون انهيءَ تي نج سون جو پٽ چاڙهج، جو انهيءَ جي مٿان، ۽ چئن ئي پاسن تي، ۽ سڱن تي هجي؛ ۽ انهيءَ جي مٿان چوڌاري سون جو ڇٽ جوڙج.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 30:3
8 Iomraidhean Croise  

سڄي هيڪل کي اندران نج سون سان ڍڪيو ويو ۽ مقدس ترين جاءِ جي اڳيان سون جا زنجير ٻڌا ويا. اها مقدس ترين جاءِ اندران نوَ ميٽر ڊگھي، نوَ ميٽر ويڪري ۽ نوَ ميٽر اوچي هئي. انهيءَ تي بہ اندران نج سون چڙهايو ويو. مقدس ترين جاءِ جي اڳيان لوبان ساڙڻ واري قربان‌گاهہ کي ديال جي ڪاٺ سان ڍڪيو ويو ۽ مٿس بہ سون چاڙهيو ويو.


سليمان بادشاهہ خداوند جي هيڪل لاءِ سون جو هي سامان ٺهرايو: لوبان ساڙڻ لاءِ قربان‌گاهہ، نذراني وارا روٽ رکڻ لاءِ ميز،


تون انهيءَ تي اندران ۽ ٻاهران نج سون جو پٽ چاڙهائج ۽ انهيءَ جي مٿان چوڌاري سون جو ڇٽ ٺهرائج.


انهيءَ تي نج سون جو پٽ چاڙهائج ۽ ان جي چوڌاري سون جو ڇٽ ٺهرائج.


اها چورس هجي، جنهن جي ڊيگھہ ۽ ويڪر هڪڙو هڪڙو هٿ هجي. انهيءَ جي اوچائي ڏيڍ هٿ هجي. ان جا سڱ انهيءَ ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان ٺهيل هجن.


انهيءَ ڪناريءَ جي هيٺان ٻنهي پاسن تي ٻہ سونا ڪڙا ٺهرائج، انهيءَ لاءِ تہ قربان‌گاهہ کي کڻڻ لاءِ اهي ٻانهيون وجھڻ جي جاءِ ٿين.


هڪڙو ٻيو ملائڪ جنهن جي هٿ ۾ سونو خوشبودان هو، سو اچي قربان‌گاهہ وٽ بيٺو. کيس گھڻو لوبان ڏنو ويو، تہ جيئن مسيح ۾ چونڊي سڀني پاڪ ڪيلن جي دعائن سان گڏ هو اهو ان سوني لوبان‌دان تي ٻاري جيڪو تخت جي اڳيان هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan