Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 30:1 - Muslim Sindhi Bible

1 ”لوبان ساڙڻ جي لاءِ تون هڪڙي قربان‌گاهہ ٺهرائج. تون اها ٻٻر جي ڪاٺ مان ٺهرائج.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ۽ تون لوبان ساڙڻ جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙج؛ تون اها ٻٻر جي ڪاٺ جي جوڙج.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 30:1
21 Iomraidhean Croise  

سڄي هيڪل کي اندران نج سون سان ڍڪيو ويو ۽ مقدس ترين جاءِ جي اڳيان سون جا زنجير ٻڌا ويا. اها مقدس ترين جاءِ اندران نوَ ميٽر ڊگھي، نوَ ميٽر ويڪري ۽ نوَ ميٽر اوچي هئي. انهيءَ تي بہ اندران نج سون چڙهايو ويو. مقدس ترين جاءِ جي اڳيان لوبان ساڙڻ واري قربان‌گاهہ کي ديال جي ڪاٺ سان ڍڪيو ويو ۽ مٿس بہ سون چاڙهيو ويو.


سليمان بادشاهہ خداوند جي هيڪل لاءِ سون جو هي سامان ٺهرايو: لوبان ساڙڻ لاءِ قربان‌گاهہ، نذراني وارا روٽ رکڻ لاءِ ميز،


ان کان علاوہ لوبان ساڙڻ لاءِ قربان‌گاهہ تي ۽ ان گاڏيءَ تي ڪيترو نج سون استعمال ڪيو وڃي جنهن تي پردار آسماني مخلوق جا مجسما ٺاهجن، جن جا پر خداوند جي عهد واري صندوق مٿان پکڙيل هوندا.


هارون ۽ سندس اولاد سوني پٽ چڙهيل قربان‌گاهہ تي لوبان ساڙيندا هئا ۽ ساڙڻ وارين قربانين جي قربان‌گاهہ تي قربانيون پيش ڪندا هئا. هو مقدس ترين جاءِ ۾ خدمت بجا آڻيندا هئا ۽ جيڪي حڪم خدا جي ٻانهي موسيٰ ڏنا هئا تن موجب بني اسرائيل پاران ڪفارو ڏيندا هئا.


پر طاقتور ٿيڻ کان پوءِ عُزياہ ڏاڍو مغرور ٿي ويو ۽ هن جو غرور ئي سندس زوال جو سبب بڻيو. هن خداوند پنهنجي خدا جي نافرماني ڪندي هيڪل ۾ اندر گھڙي لوبان ساڙڻ واري قربان‌گاهہ تي لوبان ساڙيو.


سال ۾ هڪ دفعو هارون انهيءَ قربان‌گاهہ جي سڱن تي ڪفاري وارو رت هاري ان کي پاڪ ڪري، ڇاڪاڻ تہ اها قربان‌گاهہ مون خداوند جي لاءِ ئي مخصوص آهي. اوهان جي سڀني پيڙهين تائين، سال ۾ هڪڙو دفعو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ وارو رت، جيڪو ڪفاري واسطي آهي، تنهن سان قربان‌گاهہ کي پاڪ ڪيو وڃي.“


اها چورس هجي، جنهن جي ڊيگھہ ۽ ويڪر هڪڙو هڪڙو هٿ هجي. انهيءَ جي اوچائي ڏيڍ هٿ هجي. ان جا سڱ انهيءَ ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان ٺهيل هجن.


يعني ميز ۽ انهيءَ جو سامان، نج سون جو شمعدان ۽ انهيءَ جا سمورا ٿانوَ، لوبان ساڙڻ واري قربان‌گاهہ،


لوبان ساڙڻ واري قربان‌گاهہ ۽ انهيءَ جون ٻانهيون، مسح ڪرڻ جو تيل، خوشبودار لوبان ۽ مقدس جاءِ جي دروازي جو پردو،


لوبان ساڙڻ واري سوني پٽ چڙهيل قربان‌گاهہ، مسح ڪرڻ جو تيل، خوشبودار لوبان ۽ مقدس جاءِ جي دروازي وارو پردو،


عهد واري صندوق جي اڳيان پردي جي ٻئي پاسي مقدس جاءِ ۾ تون لوبان ساڙڻ لاءِ سوني پٽ چڙهيل قربان‌گاهہ رکائج ۽ مقدس جاءِ جي دروازي تي پردو ٽنگائي ڇڏج.


جيڪا ڪاٺ جي ٺهيل قربان‌گاهہ ڏسڻ ۾ ٿي آئي. اها ڏيڍ ميٽر اوچي ۽ هڪ ميٽر چورس هئي. انهيءَ جا ڪُنڊن وارا ٿنڀا، پاوا ۽ پاسا سڀيئي ڪاٺ جا ٺهيل هئا. انهيءَ ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ ”هيءَ اها ميز آهي جيڪا خداوند جي حضور ۾ رکيل هوندي آهي.“


پوءِ هو انهيءَ رت مان ڪجھہ کڻي اتي رکيل لوبان ساڙڻ واري قربان‌گاهہ جي سڱن تي لڳائي. باقي رت ٻاهر خيمي جي اڱڻ ۾ جيڪا ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربان‌گاهہ آهي، تنهن جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.


پوءِ اتي هو انهيءَ رت مان ڪجھہ کڻي خوشبودار لوبان ساڙڻ واري قربان‌گاهہ، جيڪا مون خداوند جي آڏو آهي، تنهن جي سڱن تي لڳائي. وهڙي جو باقي سمورو رت هو خيمي جي سامهون اڱڻ ۾ جيڪا ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربان‌گاهہ آهي، تنهن جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.


عهد واري صندوق، ميز، شمعدان، ٻئي قربان‌گاهون، مقدس جاءِ جا ٿانوَ جيڪي خدمت ڪرڻ ۾ استعمال ڪيا ويندا هئا، مقدس ترين جاءِ جو پردو ۽ انهن شين سان لاڳاپو رکندڙ سڀڪو ڪم انهن جي ذمي هو.


لوبان ساڙڻ واري سوني پٽ چڙهيل قربان‌گاهہ جي مٿان هو آسماني رنگ جو ڪپڙو پکيڙي، پوءِ انهيءَ کي ڊالفن دريائي جانور جي کل سان ڍڪين، بعد ۾ منجھس ٻانهيون وجھن.


انهيءَ ۾ لوبان ٻارڻ لاءِ سونو پٽ چڙهيل قربان‌گاهہ ۽ عهد واري صندوق رکيل هئي، جيڪا چئني پاسن کان سون سان مڙهيل هئي. انهيءَ صندوق ۾ مَنَ سان ڀريل هڪ سونو ٿانءُ، هارون جي لٺ جنهن مُکڙيون جھليون هيون ۽ عهدنامي واريون پٿر جون ٻہ تختيون هيون.


هڪڙو ٻيو ملائڪ جنهن جي هٿ ۾ سونو خوشبودان هو، سو اچي قربان‌گاهہ وٽ بيٺو. کيس گھڻو لوبان ڏنو ويو، تہ جيئن مسيح ۾ چونڊي سڀني پاڪ ڪيلن جي دعائن سان گڏ هو اهو ان سوني لوبان‌دان تي ٻاري جيڪو تخت جي اڳيان هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan