Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 3:8 - Muslim Sindhi Bible

8 انهيءَ لاءِ ئي آءٌ لهي آيو آهيان تہ هنن کي مصرين جي هٿان ڇڏايان. پوءِ کين سندن ملڪ مان ڪڍي ٻئي ڪنهن چڱي ۽ وڏي ملڪ ۾ پهچايان جيڪو آسودو ۽ خوشحال هجي، يعني ڪنعانين، حتين، امورين، فرزين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 ۽ آءٌ انهيءَ لاءِ نازل ٿيو آهيان تہ هنن کي مصرين جي هٿان ڇڏايان، ۽ کين هن ملڪ مان ڪڍي، ٻئي ڪنهن چڱي ۽ وڏي ملڪ ۾ نيان؛ جتي کير ۽ ماکي پيئي وهندي هجي؛ يعني ڪنعانين، حتين، امورين،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 3:8
54 Iomraidhean Croise  

تڏهن خداوند اهو شهر ۽ منارو ڏسڻ لاءِ لهي آيو جيڪو انهن ماڻهن ٺاهيو هو.


سو اچو تہ اتي هلي سندن ٻوليءَ ۾ مونجھارو وجھون تہ جيئن هو هڪٻئي جو ڳالهائڻ سمجھي نہ سگھن.“


تڏهن خداوند ابرام کي چيو تہ ”تون آرام سان دم ڏيندين ۽ وڏي ڄمار ۾ دفن ٿيندين. پر تو کي خبر هجي تہ تنهنجو اولاد هڪ ڌارئي ملڪ ۾ پرديسي ٿي رهندو، اُتي جي ماڻهن جي غلامي ڪندو ۽ اهي چئن صدين تائين کين تڪليفون ڏيندا رهندا. پوءِ آءٌ انهيءَ قوم کي سزا ڏيندس جنهن انهن کي غلام بڻايو هوندو ۽ جڏهن تنهنجو اولاد اهو ڌاريو ملڪ ڇڏي نڪري ايندو تہ وٽس گھڻو مال‌متاع هوندو.


تنهنڪري آءٌ اوڏانهن وڃي معلوم ڪندس تہ جيڪا دانهن مون ٻڌي آهي سا صحيح آهي يا نہ.“


تڏهن سندن پيءُ يعقوب کين چيو تہ ”جي ائين آهي تہ پوءِ گھٽ ۾ گھٽ هيئن ڪريو جو هن ملڪ جي عمدن ميون مان ڪي پنهنجن ٻورن ۾ وجھو ۽ اهي سوکڙيءَ طور وزير اعظم لاءِ کڻي وڃو. تن ۾ ٿورو سرهو تيل، ٿوري ماکي، کؤنر، مُرَ، پستا ۽ باداميون هجن.


آءٌ تو سان گڏ مصر هلندس ۽ آءٌ ئي وري تو کي موٽائي آڻيندس ۽ يوسف پنهنجي هٿن سان تنهنجيون اکيون بند ڪندو.“


آخرڪار هڪ ڏينهن يوسف پنهنجي ڀائرن کي چيو تہ ”هاڻي آءٌ مرڻ تي آهيان. پر خدا ضرور اوهان جي سار لهندو ۽ اوهان کي هن ملڪ مان ڪڍي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائيندو جنهن جي ڏيڻ جو هن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو.“


حِوي، عرقي، سيني،


تو سندس دل کي پاڻ ڏانهن سچو ڏٺو، ۽ ساڻس عهد ٻڌو تہ تون ڪنعانين، حتين، امورين، فرزين، يبوسين ۽ جِرجاشين جو ملڪ انهيءَ جي اولاد کي عطا ڪندين. تو پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي ڇاڪاڻ تہ تون سچو آهين.


پر خداوند فرمائي ٿو تہ ”غريبن جي لٽجڻ ۽ محتاجن جي دانهن سبب هاڻ آءٌ اٿندس. ۽ انهن سلامتيءَ جي اڪير رکندڙن کي آءٌ سلامت رکندس.“


خداوند جا جيڪي بہ قول آهن سي سڀ خالص آهن. اهي باهہ ۾ تپايل انهيءَ چانديءَ جيان آهن، جيڪا ست ڀيرا صاف ڪيل هجي.


هر طرح سان آزمائي ڏسو تہ خداوند ڪيڏو نہ ڀلو آهي. بيشڪ اهو ماڻهو سڀاڳو آهي جيڪو انهيءَ جي پناهہ ٿو وٺي.


جڏهن هو مون کي پڪاريندا تہ آءٌ هنن جي ٻڌندس. آءٌ سندن مصيبت ۾ ساڻي ٿيندس، آءٌ کين ڇڏائيندس ۽ عزت بخشيندس.


انهن چار سؤ ٽيهن سالن گذرڻ کان پوءِ انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي خداوند جي قوم جا سڀ قبيلا مصر جي ملڪ مان نڪري ٻاهر ٿيا.


انهيءَ ساڳئي ڏينهن خداوند بني اسرائيل جي سموري قوم کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر آندو.


جنهن ملڪ جي ڏيڻ جو خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو ۽ جنهن ۾ آسودگي ۽ خوشحالي آهي، جڏهن خداوند اوهان کي انهيءَ ڪنعانين، حتين، امورين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾ پهچائي تڏهن اوهين ساڳئي ئي مهيني ۾ اها رسم ادا ڪندا رهجو.


مون فيصلو ڪيو آهي تہ اوهان کي مصر وارن جي مصيبت مان ڪڍي، ڪنعانين، حتين، امورين، فرزين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾ آڻيندس، جيڪو آسودو ۽ خوشحال آهي.‘


جيڪي حڪم آءٌ اوهان کي اڄ ڏيان ٿو تن تي عمل ڪجو. ڏسو، آءٌ امورين، ڪنعانين، حتين، فرزين، حوين ۽ يبوسين کي اوهان جي اڳيان سندن ملڪ مان لوڌي ٿو ڪڍان.


جڏهن کان آءٌ تنهنجو پيغام پهچائڻ لاءِ فرعون وٽ آيو آهيان تڏهن کان هو هن قوم کي وڌيڪ ٿو ستائي. پر تو پنهنجيءَ قوم کي بچائڻ لاءِ ڪجھہ بہ نہ ڪيو آهي.“


جيستائين آءٌ نہ اچان. آءٌ اوهان کي وٺي اوهان جي ئي ملڪ جهڙي انهيءَ ملڪ ۾ آباد ڪندس جتي اناج ۽ مئي آهي، ماني ۽ انگور آهن، زيتون جو تيل ۽ ماکي آهي. سو منهنجي ڳالهہ مڃيندا تہ مرڻ کان بچي ويندا.


ڪاش! تون آسمان کي ڦاڙي هيٺ لهي اچين، تہ تو کي ڏسي جبل بہ خوف وچان ڪنبي وڃن.


پوءِ آءٌ ساڻن اهو قسم پورو ڪندس جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن سان کنيو هو تہ ’آءٌ اوهان کي هڪ آسودو ۽ خوشحال ملڪ ڏيندس.‘ سو اهو ملڪ هي ئي آهي جنهن ۾ اڄ اوهين رهيا پيا آهيو.“ تڏهن مون يرمياہ ورندي ڏيئي چيو تہ ”برحق، اي خداوند!“


مون هنن کي زرخيز زمين ۾ آندو تہ جيئن هو ان جو ميوو ۽ چڱي پيداوار کائين. پر هنن ان ۾ داخل ٿي منهنجي انهيءَ ملڪ کي پليت ڪيو، يعني منهنجي ڏنل ميراث کي برباد ڪري ڇڏيائون.


تو کين هي ملڪ ڏنو جنهن جي ڏيڻ جو تو سندن ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، جيڪو هڪ آسودو ۽ خوشحال ملڪ آهي.


مون اهو بہ قسم کنيو هو تہ آءٌ کين مصر ملڪ مان ڪڍي انهيءَ ملڪ ۾ آڻيندس، جيڪو مون اڳ ۾ ئي هنن لاءِ چونڊي ڇڏيو هو، جتي آسودگي ۽ خوشحالي آهي ۽ جيڪو سڀني کان شاندار ملڪ آهي.


پر مون اوهان کي چيو آهي تہ اوهين انهيءَ ملڪ جا وارث ٿيندا. اهو آسودو ۽ خوشحال ملڪ آهي ۽ آءٌ اوهان کي اهو ملڪيت ڪري ڏيندس. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي ٻين قومن کان ڌار ڪيو آهي.


وڃي معلوم ڪريو تہ اهو ملڪ ڪهڙي قسم جو آهي، منجھس ڪيترا ماڻهو رهن ٿا، اهي سگھارا آهن يا ڪمزور.


معلوم ڪريو تہ جتي هو رهن ٿا اهو ملڪ چڱو آهي يا خراب، هو کُليل شهرن ۾ رهن ٿا يا مضبوط ڪوٽن ۾.


انهن موسيٰ کي چيو تہ ”جنهن ملڪ ۾ توهان اسان کي اتي جو حال احوال معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو هو، انهيءَ ۾ اسين وياسين. سچ پچ تہ اهو ملڪ تمام آسودو ۽ خوشحال آهي ۽ هي انهيءَ جو ميوو آهي.


ڪوبہ آسمان ڏانهن مٿي چڙهي نہ ويو آهي. رڳو هڪڙو ئي آهي جيڪو آسمان مان آيو آهي، يعني ابنِ آدم.


آءٌ آسمان مان انهيءَ لاءِ نہ لهي آيو آهيان تہ پنهنجي مرضي هلايان، بلڪ انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي موڪلڻ واري جي مرضي پوري ڪريان.


هنن انهيءَ ملڪ جي ميون مان ڪجھہ کڻي اسان وٽ آندا ۽ موٽي اچي اسان کي خبر ڏنائون تہ جيڪو ملڪ خداوند اسان جو خدا اسان کي ڏيڻ وارو آهي، سو چڱو آهي.“


تنهنڪري هاڻي اوهين تنبو پٽيو ۽ روانا ٿيو. اوهين امورين جي جابلو علائقي ۾ ۽ انهيءَ جي آس‌پاس وارن سڀني علائقن ۾ وڃو، يعني انهيءَ جابلو علائقي ۾، اردن ماٿريءَ ۾، هيٺاهين زمين ۾، ڏاکڻي علائقي ۾ ۽ ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري تائين. اوهين ڪنعانين جي ملڪ ۾ ۽ لبنان جي علائقي ۾ وڏي نديءَ فرات تائين پڻ وڃو.


جيڪو ملڪ اوهان کي ڏيڻ لاءِ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کڻي واعدو ڪيو هو، تنهن ۾ هو اوهان جي اولاد، چوپائي مال ۽ ٻنيءَ جي پيداوار کي گھڻو وڌائي اوهان کي سکي ڪندو.


تنهنڪري اي بني اسرائيل! ٻڌو ۽ خبرداريءَ سان انهن تي عمل ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو ڀلو ٿئي ۽ اوهين خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي واعدي موجب، انهيءَ ملڪ ۾ وڌندا وڃو، جيڪو آسودو ۽ خوشحال آهي.“


موسيٰ چيو تہ ”جڏهن خداوند اوهان جو خدا اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائيندو، جنهن تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تڏهن اتي جون ست قومون يعني حتي، جِرجاشي، اموري، ڪنعاني، فرزي، حِوي ۽ يبوسي، جيڪي اوهان کان وڏيون ۽ طاقت واريون آهن، تن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍندو.


بني اسرائيل چاليهن سالن تائين بيابان ۾ پئي رليا ۽ انهيءَ عرصي دوران اهي سڀ جنگي مرد جيڪي مصر مان نڪتا هئا سي مري کپي ويا، ڇو تہ هنن خداوند جي نافرماني ڪئي هئي. خداوند بہ ساڻن قسم کنيو تہ جنهن ملڪ جي ڏيڻ جو هن سندن ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو ۽ جيڪو آسودو ۽ خوشحال ملڪ آهي سو کين ڏسڻ بہ ڪين ڏيندو.


هوڏانهن اهي بادشاهہ جيڪي اردن درياءَ جي اولهہ طرف ٽڪرين ۾، هيٺاهن ڍورن ۾ ۽ وڏي سمنڊ جي ڪناري سان لبنان ملڪ تائين حتين، امورين، ڪنعانين، فرزين، حوين ۽ يبوسين جا بادشاهہ هئا، تن جڏهن بني اسرائيل جي ڪاميابين جون اهي ڳالهيون ٻڌيون،


پر بني اسرائيل جي ماڻهن انهن حوين کي چيو تہ ”ٿي سگھي ٿو تہ اوهين اسان جي ويجھڙائيءَ ۾ رهندا هجو، تہ پوءِ اسين ڪيئن اوهان سان عهد ڪريون؟“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan