خروج 3:22 - Muslim Sindhi Bible22 پر اوهان جي هر ڪا عورت پنهنجي پاڙي واريءَ کان ۽ گھر ۾ رهندڙ مهمان عورت کان چانديءَ ۽ سون جا زيور ۽ ڪپڙا گھري وٺندي. اهي اوهين پنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن کي پارائيندا. اهڙيءَ طرح اوهين مصرين کي لُٽي ڇڏيندا.“ Faic an caibideilSindhi Bible22 پر اوهان جي هرڪا زال پنهنجيءَ پاڙي واريءَ کان، ۽ جيڪا سندس گهر ۾ ٽڪيل هوندي، تنهن کان چانديءَ ۽ سون جا زيور ۽ ڪپڙا گهري وٺندي، ۽ اهي اوهين پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن کي پهرائيندا، ۽ ائين مصرين کي لٽي ڇڏيندا. Faic an caibideil |
ويل آهي اوهان لاءِ اي دشمنؤ! جيڪي ٻين کي تہ برباد ڪريو ٿا، پر پاڻ برباد نہ ڪيا ويا آهيو، هائو، اوهين جيڪي ٻين سان تہ ٺڳي ڪريو ٿا، پر اوهان سان ٺڳي نہ ڪئي ويئي آهي. مگر هاڻ جڏهن اوهين ٻين کي برباد ڪري بس ڪندا، تڏهن پاڻ برباد ڪيا ويندا. هائو، جڏهن اوهين ٻين سان ٺڳي ڪري بس ڪندا، تڏهن ماڻهو اوهان سان ٺڳي ڪندا.