Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 3:2 - Muslim Sindhi Bible

2 هن کي اتي اوچتو خداوند جو وجود هڪڙي ٻوڙي جي وچ مان باهہ جي شعلي وانگر نظر آيو. هن نهاري ڏٺو تہ ٻوڙي ۾ باهہ پيئي ٻري، پر تڏهن بہ ٻوڙو سڙي رک نہ ٿو ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 اتي هن کي هڪڙي ٻوڙي جي وچ ۾ خدا جو فرشتو باهہ ۾ ڏسڻ ۾ آيو؛ ۽ هن نهاريو ۽ ڏٺائين تہ ٻوڙي ۾ باهہ پيئي ٻري، تڏهن بہ ٻوڙو سڙي رک نٿو ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 3:2
29 Iomraidhean Croise  

تڏهن خدا ٻار جي روئڻ جو آواز ٻڌو ۽ سندس ملائڪ آسمان مان هاجرہ سان ڳالهايو ۽ چيائينس تہ ”اي هاجرہ! تو کي ڪهڙي تڪليف آهي؟ ڊڄ نہ، خدا ٻار جي روئڻ جو آواز ٻڌو آهي.


تڏهن خداوند ملائڪ جي وسيلي آسمان مان سڏ ڪري چيس تہ ”ابراهيم! اي ابراهيم!“ هن وراڻيو تہ ”اِجھو، آءٌ حاضر آهيان.“


سو شال هنن ڇوڪرن کي پنهنجي برڪت عطا ڪري! شل خداوند جو ملائڪ مون جيان کين هر مصيبت کان بچائي! شل منهنجو ۽ منهنجي پيءُ ڏاڏي اسحاق ۽ ابراهيم جو نالو هنن جي وسيلي قائم رهي، شل هو ڌرتيءَ تي وڌي راڄ ٿين!“


تو ئي اسان جي سرن مٿان دشمنن کي گذاريو هو. بلڪ اسين باهہ ۽ پاڻيءَ جهڙين مصيبتن مان بہ گذريا هئاسين. پر تو هاڻي اسان کي ڪڍي آباد هنڌ تي آندو آهي.


سڄو سينا جبل دونهين سان ڍڪجي ويو، ڇاڪاڻ تہ خداوند باهہ جي وچ ۾ انهيءَ تي لٿو. اهو دونهون کُوري جي دونهين وانگر مٿي چڙهڻ لڳو ۽ سڄو جبل زور سان ڌڏڻ لڳو.


”ڌيان سان ٻڌو، آءٌ هڪڙو فرشتو اوهان جي اڳيان ٿو موڪليان تہ رستي ۾ اوهان جي نگهباني ڪري. هو اوهان کي انهيءَ جاءِ ۾ پهچائيندو جيڪا مون تيار ڪئي آهي.


بني اسرائيل کي جبل جي چوٽيءَ تي خداوند جي جلال جو نظارو، ساڙيندڙ باهہ وانگر ڏسڻ ۾ ٿي آيو.


هاڻي تون وڃ ۽ وڃي بني اسرائيل جي اڳواڻن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪر ۽ کين ٻڌاءِ تہ مون خداوند سندن ابن ڏاڏن جي خدا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا تو کي ڏيکاري ڏيئي سندن لاءِ هي پيغام ڏنو آهي تہ ’سچ پچ مون اوهان جي سار لڌي آهي ۽ مصر ۾ جيڪي اوهان سان ٿي رهيو آهي سو ڏٺو اٿم.


جڏهن اوهان تي ڪا ٻوڏ اچي ڪڙڪندي، تڏهن آءٌ اوهان سان ساڻي ٿيندس. هائو، جڏهن اوهين ڪنهن تڪليف مان گذرندا، تہ آءٌ اها اوهان تي غالب پوڻ نہ ڏيندس. يا وري جڏهن اوهين ڪنهن باهہ ۾ ڦاسي پوندا، تڏهن ڪو شعلو اوهان کي نہ ساڙيندو. هائو، جڏهن اوهين ڪنهن مصيبت ۾ ڦاسندا، تہ اوهان کي ڪو نقصان نہ رسندو.


بلڪ هن پاڻ ملائڪ جي صورت ۾ اچي کين بچايو. هو سندن هر ڏک ۾ پڻ ساڻن شامل رهيو، ۽ پوءِ پنهنجي محبت ۽ شفقت سان کين ڇڏايائين. گذريل پوري وقت ۾ هن هميشہ سندن سنڀال پئي ڪئي آهي.


ان وقت سڀ والي، نواب، نائب ۽ بادشاهہ جا مشير اچي گڏ ٿيا ۽ ڏٺائون تہ هنن جي جسمن تي باهہ ڪوبہ اثر نہ ڪيو هو. هنن جو ڪو وار بہ نہ سڙيو هو، نڪي سندن پوشاڪ کي ئي ڪو تئُہ آيو هو، نہ ئي وري انهن مان باهہ جي سڙڻ جي ڪا بوءِ ٿي آئي.


قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ قوم جي ريڍار کي تلوار هڻي ڪڍندس، ۽ پوءِ سندس رڍون ڇڙوڇڙ ٿي وينديون. هائو، آءٌ سندس سڄي ڌڻ جي خلاف پنهنجو هٿ کڻندس. سو اي تلوار! منهنجي ريڍار خلاف اُٿي کڙي ٿيءُ، يعني انهيءَ جي خلاف جيڪو منهنجو خاص ٻانهو آهي.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجو هڪ پيغمبر موڪلڻ وارو آهيان، جيڪو منهنجي لاءِ راهہ تيار ڪندو. اهو پيغمبر جنهن جي اوهان کي آرزو آهي، سو اچي اوهان کي مون سان ٻڌل عهد ياد ڏياريندو. پوءِ آءٌ خداوند جنهن جي اوهين عبادت ڪريو ٿا، سو اوچتو پنهنجي هيڪل ۾ ايندس.“


مري ويلن جي جيئري ٿي اٿڻ بابت اوهان موسيٰ جي ڪتاب ۾ ٻرندڙ ٻوڙي واري بيان ۾ ڪين پڙهيو آهي ڇا تہ ڪيئن خدا موسيٰ سان ڳالهايو ۽ چيائينس تہ ’آءٌ ابراهيم جو خدا، اسحاق جو خدا ۽ يعقوب جو خدا آهيان.‘


مئلن جي جيئري ٿي اٿڻ بابت موسيٰ ٻرندڙ ٻوڙي واري واقعي ۾ پاڻ اهڙو اشارو ڏنو آهي. تنهنڪري ئي هو خداوند کي ’ابراهيم جو خدا، اسحاق جو خدا ۽ يعقوب جو خدا‘ ڪري سڏي ٿو.


اهو ڪلام انساني صورت ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رهيو. اسان سندس جلوو ڏٺو، جيڪو هن کي پيءُ جي هڪڙي ئي فرزند هئڻ ڪري مليو ۽ هو فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور هو.


جيڪو ڪم انساني فطرت جي ڪمزوريءَ سبب شريعت نہ ڪري سگھي سو خدا ڪيو. انهيءَ لاءِ هن پنهنجي فرزند کي انساني يعني گنهگارن واري صورت ۾ موڪليو، تہ جيئن هو اسان جي گناهن خاطر پنهنجي جان ڏئي. اهڙيءَ طرح انساني فطرت ۾ موجود گناهہ جي خلاف خدا فتويٰ جاري ڪئي.


شال سندن ديس عمدين عمدين شين سان ڀرپور هجي، هائو، تنهن جي ئي برڪت سان جنهن ٻرندڙ ٻوڙي مان ٿي ڳالهايو. شال خداوند جي خيرخواهيءَ جي برڪت بني يوسف تي نازل ٿئي، هائو، اهو ئي يوسف جيڪو پنهنجي ڀائرن جو سردار هو.


پر خداوند اوهان کي چونڊي ڪڍيو ۽ لوهہ جي کُوري يعني مصر مان ڪڍي اوهان کي ٻاهر آندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين سندس ميراث واري قوم هجو، جيئن اڄ آهيو.


۽ اوهان تڪليفن سهڻ وارن کي اسان سان گڏ آرام ڏيندو. هي انهيءَ وقت ٿيندو جڏهن اسان جو خداوند عيسيٰ پنهنجي ملائڪن جي لشڪر سان گڏ ڀڙڪندڙ باهہ ۾ آسمان مان ظاهر ٿيندو


خداوند جي ملائڪ منوحہ کي وراڻيو تہ ”جيڪي ڳالهيون مون تنهنجيءَ زال کي ٻڌايون آهن تن تي هوءَ عمل ڪري.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan