Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 3:18 - Muslim Sindhi Bible

18 اهي تنهنجي ڳالهہ ٻڌندا. پوءِ تون ۽ بني اسرائيل جا اڳواڻ مصر جي بادشاهہ وٽ وڃجو. کيس چئجو تہ ’خداوند، عبرانين جي خدا، اسان کي ڏيکاري ڏني آهي. سو هاڻي توهان اسان کي ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃڻ ڏيو، تہ اسين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قربانيون ڪريون.‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

18 ۽ اهي تنهنجي ڳالهہ ٻڌندا؛ پوءِ تون ۽ اسرائيل جا بزرگ مصر جي بادشاهہ وٽ وڃجو، ۽ چئجوس تہ خداوند، عبرانين جو خدا، اسان کي گڏيو آهي؛ سو هاڻي اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ اسان کي ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃڻ ڏي، تہ اسين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 3:18
40 Iomraidhean Croise  

خداوند ابرام کي چيو تہ ”پنهنجو ملڪ، پنهنجا مائٽ ۽ پنهنجي پيءُ جو گھر ڇڏ ۽ انهيءَ ملڪ ۾ وڃ جيڪو آءٌ تو کي ڏيکاريندس.


پر هڪڙي ماڻهوءَ ڀڄي جند ڇڏائي ۽ ابرام عبرانيءَ کي اچي خبر ڏنائين جيڪو ممري اموريءَ جي شاهہ‌بلوط وڻن جي ويجھو رهندو هو. ممري ۽ سندس ڀائرن اِشڪال ۽ عانير جو ابرام سان اتحاد ٿيل هو.


تنهن کان پوءِ رويا ۾ خداوند ابرام کي چيو تہ ”اي ابرام! ڊڄ نہ، آءٌ تو کي خطري کان پناهہ ڏيندس ۽ تو کي وڏو انعام ڏيندس.“


جڏهن ابرام نوانوي سالن جو ٿيو، تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”آءٌ قادرِمطلق خدا آهيان. منهنجي فرمانبرداري ڪر ۽ سچار رهہ.


يعقوب يوسف کي چيو تہ ”قادرِمطلق خدا ڪنعان جي ملڪ ۾ لوز شهر وٽ مون کي ڏيکاري ڏيئي برڪت ڏني هئي.


هوڏانهن يهوداہ جي سڀني ماڻهن جي دلين ۾ خداوند اهو خيال وڌو تہ اهي بادشاهہ ۽ سندس عملدارن جي حڪم موجب سندس فرمان جي تعميل ڪن.


تنهنجي جنگ ڪرڻ واري ڏينهن تي تنهنجا ماڻهو پاڻ کي پيش ڪندا. هائو، تنهنجا جوان پاڪيزگيءَ جي جمال سان تو وٽ پيش ٿيندا. جيئن صبح جو سوير تازگي ڏيندڙ ماڪ پوي ٿي، تيئن ئي اهي نوجوان تازگيءَ واري حالت ۾ تو وٽ ايندا.


پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”خداوند عبرانين جو خدا فرمائي ٿو تہ ’ڪيستائين تون منهنجي آڏو عاجز ٿيڻ کان انڪار ڪندين؟ منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي تہ اهي وڃي منهنجي عبادت ڪن.


خداوند موسيٰ کي وراڻيو تہ ”بني اسرائيل جي ڪجھہ اڳواڻن کي پاڻ سان کڻ ۽ پنهنجي اها لٺ، جيڪا تو نيل درياءَ تي هنئي هئي، سا بہ پنهنجي هٿ ۾ کڻي ماڻهن جي اڳيان ٿي هل.


بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪري ٽئين مهيني جي پهرئين ڏينهن تي سينا جي بيابان ۾ آيا.


اُتي آءٌ تو سان ملندس. رحمت جي پوش مٿان ۽ عهد واري صندوق تي جيڪي ٻہ مجسما هوندا تن جي وچ مان آءٌ انهن سڀني حڪمن جي باري ۾ جيڪي بني اسرائيل کي ڏيڻا هوندم، تو سان ڳالهائيندس.“


خدا وراڻيس تہ ”تون يقين ڪري ڄاڻ تہ آءٌ تو سان گڏ هوندس. ان جي نشاني تہ مون ئي تو کي موڪليو آهي اها هوندي، تہ جڏهن تون انهن ماڻهن کي مصر مان ڪڍي ايندين، تڏهن تون هن جبل تي مون خدا جي عبادت ڪندين.“


هاڻي تون وڃ ۽ وڃي بني اسرائيل جي اڳواڻن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪر ۽ کين ٻڌاءِ تہ مون خداوند سندن ابن ڏاڏن جي خدا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا تو کي ڏيکاري ڏيئي سندن لاءِ هي پيغام ڏنو آهي تہ ’سچ پچ مون اوهان جي سار لڌي آهي ۽ مصر ۾ جيڪي اوهان سان ٿي رهيو آهي سو ڏٺو اٿم.


تون انهيءَ مان ڪجھہ ڪُٽي تمام سنهو ڪج ۽ انهيءَ کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ عهد واري صندوق جي سامهون رکج، جتي آءٌ تو سان ملندو رهندس. اهو مون خدا لاءِ ئي مخصوص ٿيندو.


تون اها قربان‌گاهہ ان پردي جي اڳيان رکائج، جيڪو عهد واري صندوق وٽ آهي، جيئن اها رحمت جي پوش جي سامهون رهي، جيڪو عهد واري صندوق جي مٿان آهي. اُتي آءٌ تو سان ملندو رهندس.


تڏهن موسيٰ خداوند کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”جيڪڏهن هو مون تي اعتبار نہ ڪن، نڪي منهنجي ڳالهہ مڃين، بلڪ ائين چون تہ ’خداوند تو کي ڏيکاري ڪانہ ڏني آهي،‘ تہ پوءِ آءٌ ڇا ڪريان؟“


سو آءٌ تو کي چوان ٿو تہ منهنجي پٽ کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري. جيڪڏهن تون هن کي وڃڻ نہ ٿو ڏين تہ پوءِ ياد رک، آءٌ تنهنجي پهريتي پٽ کي ماري ڇڏيندس.‘“


مصر ڏانهن ويندي رستي ۾ هڪڙيءَ منزل تي خداوند موسيٰ کي گڏيو ۽ کيس مارڻ گھريائين.


تڏهن ماڻهن انهن تي يقين ڪيو. وري جڏهن هنن ٻڌو تہ خداوند بني اسرائيل جي سار لڌي آهي ۽ انهن جي مصيبت ڏٺي اٿس، تڏهن زمين تي جھڪي سجدو ڪيائون.


انهيءَ کان پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي تہ ’منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي، تہ بيابان ۾ وڃي اهي منهنجي شان ۾ عيد ڪن.‘“


تڏهن هنن چيس تہ ”عبرانين جو خدا اسان کي گڏيو آهي. سو اسان کي موڪل ڏي تہ اسين ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃي خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني ڪريون. جيڪڏهن ائين نہ ڪنداسين تہ متان هو اسان ۾ وبا موڪلي يا اسان کي جنگ ۾ مارائي ڇڏي.“


پوءِ فرعون کي چئجانءِ تہ ’خداوند عبرانين جي خدا مون کي تو ڏانهن موڪليو آهي ۽ چيو اٿائين تہ ”منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي تہ هو بيابان ۾ وڃي منهنجي عبادت ڪن. پر ڏس، تو اڃا تائين منهنجو چوڻ نہ مڃيو آهي.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”فرعون وٽ وڃ ۽ کيس مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي تہ اهي وڃي منهنجي عبادت ڪن.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”سڀاڻي صبح جو سوير جڏهن فرعون درياءَ تي اچي تہ اڳ وٺي ساڻس ملجانءِ. کيس مون خداوند جو هي فرمان ٻڌائجانءِ تہ ’منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي تہ اهي وڃي منهنجي عبادت ڪن.


آءٌ پنهنجي ۽ تنهنجي قوم جي وچ ۾ تفاوت رکندس. اها نشاني سڀاڻي ظاهر ٿيندي.‘“


خداوند وري موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون فرعون وٽ وڃي کيس مون خداوند عبرانين جي خدا جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي تہ اهي وڃي منهنجي عبادت ڪن.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”سڀاڻي صبح جو سوير اُٿي فرعون جي اڳيان وڃي بيهہ ۽ کيس مون خداوند، عبرانين جي خدا جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي تہ اهي وڃي منهنجي عبادت ڪن.


تون انهن جي مدد ڪرين ٿو، جيڪي خوشيءَ سان تنهنجي فرمانبرداري ٿا ڪن، ۽ اهي ئي ڪم ٿا ڪن جيڪي تو کي پسند آهن. اسين بہ جيڪڏهن انهن تي قائم رهون ها، تہ جيڪر بچي سگھون ها. پر ڏس، هاڻ تون اسان تي ڪاوڙيو آهين، ڇاڪاڻ تہ اسين گناهن ۾ غرق ٿي ويا آهيون.


”وڃ، وڃي يروشلم ۾ منادي ڪري مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’مون کي اوهان جي اُها بي‌انتها محبت ياد آهي، جيڪا اوهين شروعات ۾ مون سان ڪندا هئا، هائو، ڪنوار جهڙي اوهان جي اُها محبت ياد اٿم، جيڪا اوهين مون سان ڪندا هئا. اهو بہ ياد اٿم تہ ڪيئن اوهين غير آباد رڻ‌پٽ ۾ منهنجي پٺيان هلندا هئا.


هنن کي تہ منهنجي يادگيري ئي ناهي رهي، توڙي جو مون کين مصر ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو، بلڪ کين ويران بيابان مان پڻ ٻاهر وٺي آيس، يعني رڻ‌پٽ ۽ کڏن کوٻن جي علائقي مان ڪڍي آيس، هڪ اهڙي علائقي مان جيڪو خشڪ ۽ انڌيري وارو هو. اهو اهڙو علائقو هو جنهن مان نہ ڪو لنگھندو هو ۽ نہ وري منجھس ڪو رهندو هو.


اوهان منهنجي ٻانهن يعني نبين جون ڳالهيون بہ نہ مڃيون آهن جن کي بار بار مون اوهان ڏانهن موڪليو آهي. هاڻي آءٌ اوهان کي خبردار ٿو ڪريان تہ جيڪڏهن منهنجي ٻڌايل واٽ تي نہ هلندا،


تون اهي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ عهد واري صندوق جي اڳيان آڻي رک، جتي آءٌ تو سان ملاقات ڪندو آهيان.


جهڙيءَ طرح اسان هر ڳالهہ ۾ موسيٰ جي فرمانبرداري ڪئي هئي تهڙيءَ طرح توهان جي بہ فرمانبرداري ڪنداسين. رڳو خداوند توهان جو خدا توهان سان هجي، جيئن موسيٰ سان هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan