خروج 3:15 - Muslim Sindhi Bible15 تون بني اسرائيل کي هيئن بہ چئج تہ ’مون کي خداوند، اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا اوهان ڏانهن موڪليو آهي.‘ ڏس، هميشہ تائين منهنجو نالو اهو ئي آهي ۽ سڀني پيڙهين ۾ مون کي انهيءَ نالي سان ئي ياد ڪيو ويندو. Faic an caibideilSindhi Bible15 وري خدا موسيٰ کي هيئن بہ چيو، تہ تون بني اسرائيل کي چئج تہ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا، ابرهام جي خدا، اسحاق جي خدا، ۽ يعقوب جي خدا، مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي: سدائين منهنجو نالو اهو ئي آهي، ۽ سڀني پيڙهين جي لاءِ منهنجو اهو ئي يادگار آهي. Faic an caibideil |
سامريہ شهر ۾ ئي عودد نالي خداوند جو هڪڙو نبي رهندو هو، جيڪو ٻاهر نڪري وڃي سامريہ ڏانهن موٽندڙ لشڪر سان مليو. هن کين چيو تہ ”جيئن تہ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا يهوداہ تي ڪاوڙيل هو، تنهنڪري هن انهن کي اوهان جي هٿن ۾ ڏنو آهي. پر اوهان جنهن بيدرديءَ سان کين ڪٺو آهي، تنهن جي دانهن عرش عظيم تائين وڃي پهتي آهي.