Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 3:13 - Muslim Sindhi Bible

13 تنهن تي موسيٰ خدا کي چيو تہ ”پر جڏهن آءٌ بني اسرائيل وٽ ويندس ۽ کين چوندس تہ ’اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي،‘ تڏهن هو مون کان پڇندا تہ ’انهيءَ جو نالو ڇا آهي؟‘ پوءِ آءٌ انهن کي ڇا ٻڌايان؟“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 تڏهن موسيٰ خدا کي چيو تہ ڏس، جڏهن آءٌ بني اسرائيل وٽ ويندس ۽ چوندوسان تہ اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي، تڏهن هو مون کي چوندا تہ انهيءَ جو نالو ڇا آهي؟ پوءِ آءٌ انهن کي ڇا چوان؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 3:13
16 Iomraidhean Croise  

تڏهن يعقوب کيس چيو تہ ”مهرباني ڪري مون کي پنهنجو نالو ٻڌاءِ.“ هن چيس تہ ”تون مون کان منهنجو نالو ڇو ٿو پڇين؟“ پوءِ هن اتي يعقوب کي برڪت ڏني.


خداوند جنگ جو سورهيہ آهي، سندس ئي نالو خداوند آهي.


خدا وراڻيس تہ ”تون يقين ڪري ڄاڻ تہ آءٌ تو سان گڏ هوندس. ان جي نشاني تہ مون ئي تو کي موڪليو آهي اها هوندي، تہ جڏهن تون انهن ماڻهن کي مصر مان ڪڍي ايندين، تڏهن تون هن جبل تي مون خدا جي عبادت ڪندين.“


خدا موسيٰ کي چيو تہ ”آءٌ جيڪو حاضر آهيان، سو ئي آهيان. تنهنڪري تون بني اسرائيل کي هيئن چئج تہ ’جيڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ حاضر آهيان،“ تنهن مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي.‘


تون بني اسرائيل کي هيئن بہ چئج تہ ’مون کي خداوند، اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا اوهان ڏانهن موڪليو آهي.‘ ڏس، هميشہ تائين منهنجو نالو اهو ئي آهي ۽ سڀني پيڙهين ۾ مون کي انهيءَ نالي سان ئي ياد ڪيو ويندو.


پوءِ فرعون کي چئجانءِ تہ ’خداوند عبرانين جي خدا مون کي تو ڏانهن موڪليو آهي ۽ چيو اٿائين تہ ”منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي تہ هو بيابان ۾ وڃي منهنجي عبادت ڪن. پر ڏس، تو اڃا تائين منهنجو چوڻ نہ مڃيو آهي.


ڇا ڪو مٿي آسمان تي ويو آهي ۽ اتان ٿي موٽي آيو آهي؟ اهو ڪير آهي جنهن هوا کي پنهنجيءَ مٺ ۾ بند ڪيو آهي؟ اهو ڪير آهي جنهن پاڻيءَ کي ڪڪرن جي چادر ۾ ٻڌو آهي؟ اهو ڪير آهي جنهن ڌرتيءَ جون حدون مقرر ڪيون آهن؟ جيڪڏهن ڪنهن کي ڪنهن اهڙي هستيءَ جي باري ۾ ڪا خبر آهي، تہ پوءِ سندس نالو يا وري سندس اولاد جا نالا مون کي ٻڌائي.


تنهنڪري اي منهنجي قوم وارؤ! ايندڙ وقت ۾ جڏهن اوهان کي بچايو ويندو تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ مون خداوند ئي اوهان سان واعدو ڪيو هو. اِجھو، اهو آءٌ ئي آهيان.“


تنهن هوندي بہ پروردگار پاڻ تو کي هڪڙي نشاني ڏيکاريندو. ڏس، هڪ ڪنواري پيٽ سان ٿيندي، جنهن کي پٽ ڄمندو. هوءَ انهيءَ جو نالو ’عمانوايل‘ رکندي.


اسان جي لاءِ هڪڙو ٻار پيدا ٿيندو. هائو، اسان جي قوم تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ اسان کي هڪڙو پٽ عطا ڪيو ويندو. جنهن تي هي نالا رکيا ويندا: بهترين صلاحڪار، قادر خدا، قائم وَ دائم ابو ۽ سلامتيءَ جو شهزادو.


انهيءَ جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ يهوداہ توڙي اسرائيل جا ماڻهو محفوظ رهندا ۽ سلامتيءَ سان گذاريندا. تڏهن اهو بادشاهہ هن نالي سان سڏبو تہ ’خداوند اسان سان سچو آهي.‘“


هن کي پٽ ڄمندو، جنهن جو نالو عيسيٰ رکجانءِ، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجيءَ قوم کي سندن گناهن کان ڇوٽڪارو ڏيندو.“


”ڏسو، هڪڙي ڪنواري پيٽ سان ٿيندي، ۽ کيس پٽ ڄمندو جنهن کي ’عمانوايل‘ سڏيندا،“ جنهن جي معنيٰ آهي ”خدا اسان سان.“


ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا، هائو، اسان جي وڏن جي خدا پنهنجي ٻانهي عيسيٰ کي عظمت بخشي. پر اوهان هن کي پڪڙايو ۽ کيس گورنر پلاطس جي درٻار ۾ رد ڪيو، جيتوڻيڪ پلاطس هن کي ڇڏي ڏيڻ جو ارادو ڪيو هو.


پوءِ منوحہ خداوند جي ملائڪ کان پڇيو تہ ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟ آءٌ چاهيان ٿو تہ جڏهن تنهنجيون چيل ڳالهيون پوريون ٿين تڏهن اسين تنهنجي نالي جي تعظيم ڪريون.“


تڏهن انهيءَ عورت اچي پنهنجي مڙس کي ٻڌايو تہ ”هڪڙو خدا جو ٻانهو مون وٽ آيو. هن جي شڪل خدا جي ملائڪ جهڙي بيحد خوفائتي هئي. نڪي مون کانئس پڇيو تہ هو ڪٿان ٿو اچي، نہ ئي وري هن مون کي پنهنجو نالو ٻڌايو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan