خروج 28:3 - Muslim Sindhi Bible3 تون انهن سڀني ماهر ڪاريگرن، جن کي مون حڪمت جي روح سان ڀرپور ڪيو آهي، تن کي چئُہ تہ هارون جي لاءِ خاص پوشاڪ ٺاهين، انهيءَ لاءِ تہ هو مخصوص ٿي منهنجي لاءِ ڪاهن ٿئي ۽ اها پوشاڪ پائي. Faic an caibideilSindhi Bible3 ۽ جيڪي هوشيار ماڻهو آهن، جن کي مون دانائيءَ جي روح سان ڀرپور ڪيو آهي، تن کي چئُہ تہ هارون جي لاءِ پوشاڪ ٺاهين، تہ هو مخصوص ٿي منهنجي لاءِ ڪهانت جي خدمت ڪري. Faic an caibideil |
هن ٻنهي جي دلين ۾ دانائي ڀري ڇڏي آهي تہ جيئن هو ٻئي هر قسم جي ڪاريگريءَ جو ڪم ڪن، يعني اُڪر واري جو، ماهر نقاش جو، ڀرت جو ڪم ڪندڙ جو، جيڪو آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن جو ۽ سنهي سڻيءَ جي ڪپڙي تي ڀرت جو ڪم ڪري ٿو ۽ ڪپڙن اُڻڻ واري جو. مطلب تہ اهي هر قسم جي ڪاريگريءَ جو ڪم ڪري نيون شيون رٿي تيار ڪن.