Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 27:8 - Muslim Sindhi Bible

8 تون اها قربان‌گاهہ تختن جي کوکي وانگر ٺهرائج. تون اها اهڙيءَ طرح ٺهرائج جهڙيءَ طرح تو کي جبل تي ڏيکاريو ويو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 تون اها قربانگاهہ تختن جي کوکي وانگر جوڙج؛ جهڙيءَ طرح توکي جبل تي ڏيکاريو ويو آهي، تهڙيءَ طرح تون اها جوڙج.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 27:8
9 Iomraidhean Croise  

پوءِ دائود پنهنجي پٽ سليمان کي هيڪل جي ورانڊي، تعميراتن، گودامن، بالاخانن، اندرين ڪوٺين ۽ مقدس ترين جاءِ جو نقشو ڏنو.


دائود چيو تہ ”اهي سڀيئي ڳالهيون يعني انهيءَ نموني جا ڪم خداوند جي طرفان جيئن مون کي سمجھايا ويا آهن تن جي لکت آءٌ تو کي ڏيان ٿو.“


ڌيان رکج، اهي سڀ شيون اهڙي ئي نموني ٺهرائج، جيڪو مون تو کي جبل تي ڏيکاريو آهي.“


انهيءَ خيمي ۽ ان جي ٻئي سامان جو جيڪو نمونو آءٌ تو کي ڏيکاريندس تنهن موجب اهي ٺاهجو.“


هو منهنجي عبادت اجائي ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ هو ماڻهن جا حڪم ائين ٿا سيکارين ڄڻ تہ اهي مون خدا جا حڪم آهن.‘“


اسان جي ابن ڏاڏن وٽ بيابان ۾ خدا سان ملاقات وارو خيمو هو. اهو ائين ئي ٺاهيو ويو هو جيئن خدا موسيٰ کي ٻڌايو هو، يعني اهڙي نموني جو جهڙيءَ طرح موسيٰ کي ڏيکاريو ويو هو.


هتي مقدس جاءِ ۾ هو جيڪا خدمت ڪن ٿا، سا آسمان واري مقدس خيمي واري حقيقي خدمت جو رڳو نقل ۽ پاڇو آهي. اها ڳالهہ هن مان ظاهر ٿئي ٿي جو جڏهن موسيٰ مقدس خيمو ٿي جوڙيو، تڏهن کيس تاڪيد ڪيو ويو تہ ”ڏس، خدمت واري هر شيءِ انهيءَ نموني ٺاهجانءِ، جيڪو تو کي جبل تي ڏيکاريو ويو آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan