Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 27:3 - Muslim Sindhi Bible

3 قربان‌گاهہ جي رک کڻڻ لاءِ تغاريون، ڪوڏرون، ٿالهہ، گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا ۽ منگالا ٺهرائج. اهي سڀ ٿانوَ پتل جا ٺهرائج.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ تون انهيءَ جي لاءِ رک کڻڻ جا ٿانو، ۽ ڪوڏاريون، ۽ ٿالهہ، ۽ گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا، ۽ منگالا جوڙج، اهي سڀ ٿانو تون پتل جا جوڙج.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 27:3
17 Iomraidhean Croise  

حورام ڪاريگر ٿانوَ، ڪوڏريون ۽ ٿالهہ پڻ ٺاهيا. اهڙيءَ طرح حورام ڪاريگر اُهو سمورو پتل جو ڪم پورو ڪيو جيڪو کيس سليمان بادشاهہ جي حڪم مطابق خداوند جي هيڪل ۾ ڪرڻو هو يعني


تغاريون، ڪوڏريون ۽ ٿالهہ. اهي سڀ شيون جيڪي حورام ڪاريگر سليمان بادشاهہ جي خڪم مطابق خداوند جي هيڪل ۾ ٺاهيون سي چمڪندڙ پتل جون هيون.


پيالا، ڦلن لاهڻ لاءِ چمٽا، رت کڻڻ لاءِ رڪابيون ۽ ٽانڊن رکڻ لاءِ منگالا، مقدس ترين جاءِ جي دروازن لاءِ ۽ هيڪل جي دروازن لاءِ پڻ انجيسون.


قربان‌گاهہ جي رک کڻڻ لاءِ تغاريون، ڪوڏاريون، ڦلن لاهڻ لاءِ چمٽا، لوبان‌دان ۽ پتل جا ٻيا سڀ ٿانوَ جيڪي خداوند جي گھر جي خدمت ۾ ڪم ايندا هئا، سي بہ هو کڻي ويا.


ان کان علاوہ ٽانڊن رکڻ لاءِ منگالن ۽ ٿالهن سميت ٻيون جيڪي بہ سون ۽ چانديءَ جون شيون هيون سي سڀ شاهي محافظ دستي جو سالار کڻائي ويو.


دائود کيس اهي هدايتون پڻ ڏنيون تہ ڪيترو نج سون گوشت جي ڪنڍن، ٿالهن ۽ جڳن تي لاتو وڃي ۽ چانديءَ ۽ سون جي ٿانون تي ڪيتري چاندي ۽ سون استعمال ڪيو وڃي.


هن تغاريون، ڪوڏريون ۽ ٿالهہ پڻ ٺهرايا. اهڙيءَ طرح حورام هيڪل لاءِ اهو سمورو پتل جو ڪم پورو ڪيو جنهن جو حڪم بادشاهہ سليمان کيس ڏنو هو،


تغاريون، ڪوڏريون، گوشت لاءِ ڪنڍا ۽ ٻيو سڀ گھربل سامان. جيڪي شيون ماهر ڪاريگر حورام هيڪل لاءِ بادشاهہ سليمان جي حڪم موجب ٺاهيون سي سڀ چمڪندڙ پتل جون هيون.


موسيٰ رت جو اڌ کڻي ٿالهن ۾ وڌو ۽ ٻيو اڌ قربان‌گاهہ تي ڇٽڪاريو.


خيمي ۾ استعمال ٿيندڙ هر قسم جا ٿانوَ، خيمي جون ڪليون ۽ اڱڻ جون ڪليون اهي سڀ پتل جا هجن.“


انهيءَ قربان‌گاهہ جي چئن ئي ڪنڊن تي سڱ ٺهرائج. قربان‌گاهہ ۽ سڱ انهيءَ ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان ٺهيل هجن. تون انهن تي پتل جا پٽ چاڙهائج.


انهيءَ جي لاءِ پتل جو هڪڙو ڄاريدار آتشدان ٺهرائج. ڄاريءَ جي چئن ئي ڪنڊن ۾ پتل جا چار ڪڙا ٺهرائج.


هن قربان‌گاهہ جا سمورا ٿانوَ بہ ٺاهيا، يعني رک کڻڻ لاءِ تغاريون، ڪوڏرون، ٿالهہ، گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا ۽ منگالا. اهي سڀ ٿانوَ هن پتل مان ٺاهيا.


تڏهن هو هڪڙو لوبان‌دان کڻي، انهيءَ کي ان باهہ جي ٽانڊن سان ڀري جيڪا مون خداوند جي آڏو لوبان ساڙڻ لاءِ قربان‌گاهہ تي ٻري ٿي. پوءِ هو پنهنجو ٻڪ سنهي ڪٽيل خوشبودار لوبان سان ڀري کڻي ۽ اهي ٻيئي کڻي پردي جي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ اچي.


هو اهي سمورا ٿانوَ جيڪي قربان‌گاهہ جي خدمت ۾ ڪم ٿا اچن يعني منگالا، گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا، ڪوڏرون ۽ ٿالهہ وغيرہ، انهيءَ ڪپڙي جي مٿان رکن. پوءِ انهيءَ تي ڊالفن دريائي جانور جي کل جو پوش ڍڪين ۽ بعد ۾ منجھس ٻانهيون وجھن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan