Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 27:16 - Muslim Sindhi Bible

16 اڱڻ جي در لاءِ هڪڙو نوَ ميٽر ڊگھو پردو هجي، جيڪو سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هجي ۽ جنهن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هجن ۽ جيڪو ڪاريگريءَ سان اُڻيل هجي. انهيءَ جي لاءِ چار ٿنڀا ۽ انهن ٿنڀن جا چار پاوا هجن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 ۽ اڱڻ جي دروازي لاءِ ويهہ هٿ ڊگهو هڪڙو پردو ٿيندو، جو آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جي ڪپڙي، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي، ۽ زردوزيءَ جي ڪم سان ٿيندو: انهي جي لاءِ چار ٿنڀ ۽ انهن جا چار کوپا هجن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 27:16
10 Iomraidhean Croise  

کيس ڀرت ڀريل پوشاڪ ڍڪائي بادشاهہ جي حضور ۾ آندو ٿو وڃي. سندس پٺيان جيڪي نوجوان سهيليون آهن، سي بہ ساڻس گڏ اچن ٿيون.


تون سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هڪڙو پردو ٺهرائج، جنهن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هجن. انهيءَ پردي تي ڪاريگريءَ سان پردار آسماني مخلوق جون شڪليون اُڻيل هجن.


خيمي جي در لاءِ هڪڙو پردو ٺهرائج، جيڪو سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هجي، جنهن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هجن ۽ جيڪو ڪاريگريءَ سان اُڻيل هجي.


اڱڻ جي چوڌاري وارا سڀ ٿنڀا چانديءَ جي بندن سان جڪڙيل هجن. انهن جا ڪنڍا چانديءَ جا ۽ پاوا پتل جا هجن.


تون سنهي سڻيءَ جي ڪپڙي جو چونڪڙين وارو پهراڻ، سنهي سڻيءَ جي ڪپڙي جي هڪڙي پڳ ۽ ڀرت ڀريل هڪڙو پٽو ٺهرائج.


خيمي جي در جي لاءِ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي، جنهن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هئا تنهن مان هڪڙو پردو ٺاهيو ويو، جيڪو ڪاريگريءَ سان اُڻيل هو.


هنن سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۽ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳي مان ڀرت جي ڪم سان هڪڙو پٽو ٺاهيو. سو هنن ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.


انهيءَ کان سواءِ اڱڻ جي قنات، جيڪا مقدس خيمي ۽ قربان‌گاهہ جي چوڌاري آهي، اڱڻ جي دروازي جو پردو ۽ سڀيئي رسا جيڪي انهيءَ ۾ ڪم ٿي آيا، سي بہ انهن جي سنڀال هيٺ هئا.


’پڪ هو مالِ‌غنيمت قبضي ڪري پاڻ ۾ ورهائيندا هوندا، هر مرد کي هڪ هڪ، بلڪ ٻہ ٻہ جوان ڇوڪريون مليون هونديون. سيسرا کي رنگ برنگي ۽ ڀرت ڀريل ڪپڙا مليا هوندا، هائو، منهنجي پائڻ لاءِ عمدا ڀرت ڀريل رنگين وڳا.‘


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan