Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 27:1 - Muslim Sindhi Bible

1 تون ٻٻر جي ڪاٺ جي قربان‌گاهہ ٺهرائج. اها قربان‌گاهہ چورس هجي. انهيءَ جي ڊيگھہ سوا ٻہ ميٽر ۽ ويڪر بہ سوا ٻہ ميٽر هجي، انهيءَ جي اوچائي سوا ميٽر هجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ۽ تون ٻٻر جي ڪاٺ جي قربانگاهہ جوڙج، اها قربانگاهہ چورس هجي. انهيءَ جي ڊيگهہ پنج هٿ، ۽ ويڪر پنج هٿ هجي، ۽ اوچائي ٽي هٿ هجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 27:1
20 Iomraidhean Croise  

انهيءَ ئي ڏينهن جاد دائود وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”وڃ ۽ وڃي اُروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پِڙ ۾ خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ جوڙ.“


خداوند لاءِ مخصوص ڪيل پتل واري قربان‌گاهہ هيڪل جي مقدس جاءِ ۽ نئين قربان‌گاهہ جي وچ ۾ هئي، سو هن اها اتان سوري نئين قربان‌گاهہ جي اترئين پاسي رکرائي ڇڏي.


هارون ۽ سندس اولاد سوني پٽ چڙهيل قربان‌گاهہ تي لوبان ساڙيندا هئا ۽ ساڙڻ وارين قربانين جي قربان‌گاهہ تي قربانيون پيش ڪندا هئا. هو مقدس ترين جاءِ ۾ خدمت بجا آڻيندا هئا ۽ جيڪي حڪم خدا جي ٻانهي موسيٰ ڏنا هئا تن موجب بني اسرائيل پاران ڪفارو ڏيندا هئا.


بادشاهہ سليمان پتل جي هڪ قربان‌گاهہ ٺهرائي جنهن جي ڊيگھہ ۽ ويڪر هڪ جيتري يعني نوَ ميٽر هئي، جڏهن تہ ان جي اوچائي ساڍا چار ميٽر هئي.


تڏهن يشوع ولد يوصدق ۽ سندس ٻيا ساٿي ڪاهن، زربابل ولد سالتي‌ايل ۽ سندس قوم وارا اٿيا ۽ بني اسرائيل جي خدا جي قربان‌گاهہ تعمير ڪرڻ لڳا تہ جيئن انهيءَ تي ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪن، جيئن خدا جي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي.


اتي موسيٰ هڪڙي قربان‌گاهہ بڻائي، جنهن جو نالو ”خداوند منهنجو جھنڊو“ رکيائين.


پوءِ موسيٰ خداوند جون سڀيئي ڳالهيون لکيون ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اُٿي جبل جي تري وٽ هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي ۽ بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي واسطي يادگار طور ٿنڀي جيان ٻارهن پٿر کوڙيائين.


ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربان‌گاهہ ۽ انهيءَ جا سمورا ٿانوَ، حوض ۽ انهيءَ جي گھوڙي،


ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ قربان‌گاهہ، انهيءَ لاءِ پتل جو آتشدان ۽ ان جون ٻانهيون، ان جا سڀ ٿانوَ، حوض ۽ انهيءَ جي گھوڙي،


ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ پتل جي قربان‌گاهہ، انهيءَ جو پيتلي آتشدان، انهيءَ جون ٻانهيون، انهيءَ جا سڀ ٿانوَ، حوض ۽ انهيءَ جي گھوڙي،


ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربان‌گاهہ کي ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون کي بہ مسح ڪج. پوءِ اها قربان‌گاهہ خدا لاءِ ئي مخصوص ٿيندي.


هن خداوند جي حڪم جي پوئواري ڪندي انهيءَ دروازي جي سامهون اڱڻ ۾ ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربان‌گاهہ رکائي. هن انهيءَ تي ساڙڻ واري قرباني ڪئي ۽ اناج جي قرباني ڏنائين.


مقدس خيمي جي انهيءَ دروازي جي سامهون اڱڻ ۾ ساڙڻ وارين قربانين جي قربان‌گاهہ رکائج.


عهد واري صندوق، ميز، شمعدان، ٻئي قربان‌گاهون، مقدس جاءِ جا ٿانوَ جيڪي خدمت ڪرڻ ۾ استعمال ڪيا ويندا هئا، مقدس ترين جاءِ جو پردو ۽ انهن شين سان لاڳاپو رکندڙ سڀڪو ڪم انهن جي ذمي هو.


هو ساڙڻ وارين قربانين جي قربان‌گاهہ مان رک ڪڍي مٿس واڱڻائي رنگ جو ڪپڙو پکيڙي ڇڏين.


هو اهي سمورا ٿانوَ جيڪي قربان‌گاهہ جي خدمت ۾ ڪم ٿا اچن يعني منگالا، گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا، ڪوڏرون ۽ ٿالهہ وغيرہ، انهيءَ ڪپڙي جي مٿان رکن. پوءِ انهيءَ تي ڊالفن دريائي جانور جي کل جو پوش ڍڪين ۽ بعد ۾ منجھس ٻانهيون وجھن.


اسان ايمان وارن جي تہ هڪ اهڙي قربان‌گاهہ آهي، جنهن مان مقدس جاءِ ۾ خدمت ڪندڙ ڪاهنن کي کائڻ جو ڪوبہ حق ڪونهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan