”تون مقدس خيمي جي قنات ۽ پال لاءِ ڏهہ پردا سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جا ٺهرائج، جن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هجن. انهن تي ڪاريگريءَ سان پردار آسماني مخلوق جون شڪليون اُڻيل هجن.
پنج پردا ويڪر ۾ هڪٻئي سان ڳنڍي هڪ ٽڪرو ٺهرائج. باقي ڇهہ پردا ڌار ويڪر ۾ هڪٻئي سان ڳنڍي هڪ ٻيو ٽڪرو ٺهرائج، جنهن جو ڇهون پردو، خيمي جي در مٿان ٻيڻو ڪرائي ڇڏج.
جن ماڻهن وٽ آسماني، واڱڻائي يا لال ڳاڙهي رنگ جو ڌاڳو يا سنهي سڻيءَ جو ڪپڙو، ٻڪرين جي ڏاس، گھٽن جون ڳاڙهيون رڱيل کلون يا ڊالفن دريائي جانور جون کلون هيون، سي اهي کڻي آيا.
تڏهن خداوند صيئون جبل جي هر جاءِ کي ۽ ان تي رهندڙ سندس قوم کي ڏينهن جي وقت ڪڪر ۽ رات جي وقت دونهين ۽ شعلي واري باهہ سان ڍڪيل رکندو. خدا جو جلوو پوري شهر تي ڇانيل رهندو ۽ انهيءَ جي حفاظت ڪندو.