Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 26:19 - Muslim Sindhi Bible

19 انهن ويهن فريمن جي هيٺان چانديءَ جا چاليهہ پاوا ٺهرائج. هر هڪ فريم جي ٻنهي چوڙن جي هيٺان هڪ هڪ پائو هجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

19 تون انهن ويهن تختن جي هيٺان چانديءَ جا چاليهہ کوپا جوڙج. هرهڪ تختي جي هيٺان ان جي چوڙين رکڻ لاءِ ٻہ ٻہ کوپا جوڙج.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 26:19
14 Iomraidhean Croise  

هر فريم ۾ آمهون سامهون ٻہ ٻہ چوڙون هجن، جيئن اهي هڪٻئي سان ڳنڍي سگھجن. تون خيمي جا سڀيئي فريم ائين ئي ٺهرائج.


خيمي جي لاءِ تون جيڪي فريم ٺهرائين تن مان ويهہ فريم ڏاکڻي پاسي لاءِ هجن.


خيمي جي ٻئي پاسي يعني اتر طرف لاءِ بہ ويهہ فريم ٺهرائج،


سو اهڙا اٺ فريم هجن ۽ انهن جي لاءِ چانديءَ جا سورهن پاوا هجن، يعني هر هڪ فريم جي هيٺان ٻہ ٻہ پاوا.


انهيءَ پردي جي لاءِ ٻٻر جا پنج ٿنڀا ٺهرائج ۽ انهن تي سون جو پٽ چاڙهائج. انهن جا ڪنڍا سون جا هجن. انهن جي لاءِ پتل جا پنج پاوا پلٽائي ٺهرائج.


انهيءَ جي لاءِ ويهہ ويهہ پتل جا ٿنڀا هجن ۽ ٿنڀن لاءِ پتل جا ويهہ ويهہ پاوا هجن. ٿنڀن جا ڪنڍا ۽ انهن جا بند چانديءَ جا هجن.


انهيءَ ٽي هزار چار سؤ ڪلوگرام چانديءَ مان مقدس خيمي ۽ وچ واري پردي جي ٿنڀن جا پاوا پلٽي ٺاهيا ويا. انهيءَ مان ڪل هڪ سؤ پاوا يعني هر هڪ پائو چوٽيهن ڪلوگرامن مان ٺاهيو ويو.


موسيٰ خيمي کي کڙو ڪرڻ لاءِ پاوا هنيا، جن تي انهيءَ جا فريم رکيائين، انهن کي گز هنيائين ۽ انهيءَ جا ٿنڀا کڙا ڪيائين.


هن جون ٽنگون سنگ مرمر جي انهن ٿنڀن جهڙيون آهن، جيڪي خالص سون جي پاون مٿان هجن. هو اهڙو تہ شاندار آهي جهڙا لبنان جا جبل. هائو، هو ديال جي وڻن جيان بي مثال آهي.


مقدس خيمي جا فريم، انهن جا گز، ٿنڀا، پاوا، سڀ اوزار ۽ انهن شين سان لاڳاپو رکندڙ سڀڪو ڪم انهن جي ذمي هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan