9 پوءِ موسيٰ، هارون، ندب، ابيهو ۽ بني اسرائيل جا ستر اڳواڻ مٿي چڙهي ويا.
9 پوءِ موسيٰ، هارون، ندب، ابيهو ۽ اسرائيل جا ستر بزرگ مٿي چڙهي ويا.
تڏهن ميڪاياہ چوڻ لڳو تہ ”هاڻ ٻڌو تہ خداوند ڇا ٿو فرمائي. مون خداوند کي سندس تخت تي ويٺل ڏٺو، آسمان جا سمورا ملائڪ ٻنهي پاسن کان سندس ڀر ۾ بيٺل هئا.
خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هيٺ لهي وڃي هارون کي پاڻ سان مٿي وٺي اچ. پر مذهبي اڳواڻ ۽ ٻيا ماڻهو حد اورانگھي مون وٽ مٿي نہ اچن، تہ ائين نہ ٿئي جو آءٌ مٿن اچي ڪڙڪان.“
پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون هارون، ندب، ابيهو ۽ بني اسرائيل جي ستر اڳواڻن کي وٺي مون وٽ مٿي چڙهي اچ. اوهين ڪجھہ مفاصلي تي بيهي سجدو ڪريو.
”تون بني اسرائيل مان پنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر کي پاڻ وٽ سڏاءِ تہ جيئن اُهي منهنجي لاءِ ڪاهن ٿين.
پر تون منهنجو منهن ڏسي ڪين سگھندين، ڇاڪاڻ تہ اهڙو ڪوبہ انسان ڪونهي، جيڪو مون کي ڏسي ۽ جيئرو رهي.“
جنهن سال عُزياہ بادشاهہ وفات ڪئي تنهن سال مون يسعياہ ڏٺو تہ پروردگار هڪڙي تمام اوچي ۽ مٿاهين تخت تي ويٺو آهي، مون ڏٺو تہ سندس قبا جو دامن سڄي هيڪل تي پکڙيل هو.
تنهن هوندي بہ وقت جي حڪمران کي منهنجي حضور ۾ نذرانو ڪيل قربانيءَ واري ماني کائڻ لاءِ انهيءَ لنگھہ ۾ اچڻ گھرجي. پر هو رڳو ٻاهرين اڱڻ کان هن لنگھہ واري هال وٽان اچي وڃي سگھي ٿو.“
پوءِ هارون جي پٽن مان ندب ۽ ابيهو پنهنجو پنهنجو لوباندان کڻي انهيءَ تي ٽانڊا رکيا، انهن جي مٿان لوبان وڌائون ۽ خداوند جي حضور ۾ اهڙي غير شرعي باهہ پيش ڪيائون، جنهن جو هن حڪم ڪونہ ڏنو هئن.
تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”بني اسرائيل قوم مان اهڙا ستر ڄڻا چونڊي ڪڍ، جن کي تون معزز ۽ مکيہ اڳواڻ طور ڄاڻين ٿو. انهن کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي وٽ وٺي اچ ۽ کين پاڻ سان گڏ بيهار.
پوءِ منوحہ پنهنجيءَ زال کي چيو تہ ”اسين پڪ مري وينداسين، ڇاڪاڻ تہ اسان خدا کي ڏٺو آهي.“