Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 24:12 - Muslim Sindhi Bible

12 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون جبل تي چڙهي مون وٽ اچ ۽ تيستائين هتي رهہ جيستائين آءٌ تو کي پٿر جون تختيون نہ ڏيان. انهن تختين تي اها شريعت ۽ اُهي حڪم لکيا اٿم جيڪي ماڻهن جي هدايت لاءِ آهن.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ تون جبل تي چڙهي مون وٽ اچ، ۽ اتي اچي رهہ؛ ۽ آءٌ توکي پهڻ جون تختيون ڏيندس، ۽ اها شريعت، ۽ اُهي حڪم ڏيندوسان جي مون لکيا آهن، تہ تون هنن کي سيکارين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 24:12
21 Iomraidhean Croise  

خداوند کيس چيو تہ ”ٻاهر نڪر ۽ جبل تي مون خداوند جي حضور ۾ هلي بيهہ. آءٌ خداوند اتان لنگھڻ وارو آهيان.“ انهيءَ ئي مهل سخت زوردار طوفان لڳڻ ڪري جبل ڦاٽي پيا ۽ ٽڪرَ ڀورا ڀورا ٿي ويا، پر خداوند طوفان ۾ ڪونہ هو. طوفان کان پوءِ زلزلو آيو، پر خداوند زلزلي ۾ بہ ڪونہ هو.


اهو انهيءَ ڪري هو جو عزرا خداوند جي شريعت جي مطالعي ڪرڻ، مٿس عمل ڪرڻ ۽ بني اسرائيل ۾ قاعدن قانونن جي تعليم ڏيڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو هو.


تون عرش عظيم کان سينا جبل تي لهي آئين، ۽ انهن سان اچي ڳالهيون ڪيون. تو انهن کي قاعدا قانون ڏنا، جيڪي سچا ۽ صحيح آهن. تو هنن کي پنهنجا حڪم ڏنا جيڪي چڱا آهن.


تو انهن کي پنهنجي پاڪ سبت جي ڄاڻ ڏني، ۽ کين پنهنجي ٻانهي موسيٰ جي معرفت حڪم ۽ شرعي قاعدا قانون ڏنا.


اهڙو ماڻهو ڪير آهي، جيڪو پنهنجيءَ ڀُل کي پروڙي سگھي؟ سو اي خداوند! تون مون کي غير ارادي قصورن کان بچاءِ.


پوءِ موسيٰ خدا سان ملڻ لاءِ مٿي جبل تي چڙهي ويو. خداوند جبل تان ڳالهائيندي کيس فرمايو تہ ”تون يعقوب جي خاندان يعني بني اسرائيل کي هيئن چئُہ تہ


پوءِ موسيٰ جبل تي چڙهي ويو ۽ ڪڪر جبل کي ڍڪي ڇڏيو.


تڏهن موسيٰ ڪڪر جي اندر گھڙي، جبل تي چڙهي ويو. هو جبل تي چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون رهيو.


پوءِ تون اڪيلو ئي منهنجي ويجھو اچ، پر ٻيا ويجھو نہ اچن. تو سان گڏ قوم جو ڪوبہ ماڻهو مٿي چڙهي نہ اچي.“


پوءِ جڏهن خداوند سينا جبل تي موسيٰ سان ڳالهائي بس ڪئي، تڏهن کيس عهد واريون ٻہ تختيون ڏنائين. پٿر جي انهن تختين تي خدا پنهنجي آڱر سان پنهنجا حڪم لکيا هئا.


هاڻي جڏهن ماڻهن ڏٺو تہ موسيٰ جبل تان لهڻ ۾ دير ڪئي آهي، تڏهن اهي هارون وٽ اچي گڏ ٿيا. کيس چيائون تہ ”اُٿي اسان جي لاءِ اهڙا ديوتا ٺاهہ جيڪي اسان جي رهبري ڪن، ڇاڪاڻ تہ هي شخص موسيٰ، جيڪو اسان کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو آهي، خبر ناهي تہ کيس ڇا ٿيو آهي.“


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”پنهنجي لاءِ اڳين تختين جهڙيون پٿر جون ٻيون ٻہ تختيون گھڙائي تيار ڪر. آءٌ انهن تي اهي ڳالهيون لکندس جيڪي اڳين تختين تي لکيل هيون، جن کي تو ڀڃي ڇڏيو.


اهو نئون عهد هي آهي، جيڪو آءٌ بني اسرائيل سان ان وقت ٻڌندس: آءٌ پنهنجي شريعت هنن جي ذهنن ۾ وجھندس ۽ سندن دلين تي پڻ لکي ڇڏيندس. آءٌ هنن جو خدا هوندس ۽ هو منهنجي قوم هوندا.


تنهنڪري جيڪو انهيءَ جي ڪنهن ننڍڙي حڪم کي بہ رد ڪندو ۽ ٻين ماڻهن کي پڻ ائين ڪرڻ سيکاريندو، سو آسمان جي بادشاهيءَ ۾ سڀني کان ننڍو سڏبو. پر جيڪو انهن تي عمل ڪندو ۽ ٻين کي بہ ائين ئي ڪرڻ سيکاريندو تہ اهو آسمان جي بادشاهيءَ ۾ وڏو سڏبو.


اها ڳالهہ صاف ظاهر آهي تہ اوهين مسيح جو خط آهيو، جيڪو اسان جي خدمت جي وسيلي لکيو ويو آهي. اهو خط مس سان نہ پر زندہ خدا جي روح سان، پٿر جي تختين تي نہ پر ماڻهن جي دلين تي لکيل آهي.


هاڻي موت وارو اهو عهد جيڪو پٿر جي تختين تي اُڪريل هو، تنهن جي خدمت اهڙي تہ جلوي واري هئي جو موسيٰ جو منهن چمڪڻ لڳو. ايتري قدر جو بني اسرائيل سندس منهن ڏانهن غور سان نهاري نہ ٿي سگھيا، جڏهن تہ اهو جلوو عارضي هو ۽ هاڻي نہ رهيو آهي.


انهيءَ وقت خداوند مون کي حڪم ڏنو تہ آءٌ اوهان کي قاعدا قانون سيکاريان، انهيءَ لاءِ تہ جنهن ملڪ تي اوهين قبضو ڪرڻ وڃو ٿا تنهن ۾ انهن تي عمل ڪريو.“


اهي ئي ڳالهيون خداوند انهيءَ جبل وٽ باهہ، ڪڪر ۽ انڌوڪار جي وچ مان اوهان جي سڄيءَ قوم کي وڏي آواز سان ٻڌايون. انهيءَ کان سواءِ هن ٻيو ڪي بہ ڪين چيو. اهي ئي ڳالهيون هن پٿر جي ٻن تختين تي لکي مون کي ڏنيون.“


پر تون هتي مون وٽ بيٺو رهہ. آءٌ تو کي اهي سڀ حڪم ۽ قاعدا قانون ٻڌائيندس جيڪي تون انهن کي سيکار، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ملڪ آءٌ انهن کي ورثي طور ڏيڻ وارو آهيان تنهن ۾ هو انهن تي عمل ڪن.‘


انهيءَ ۾ لوبان ٻارڻ لاءِ سونو پٽ چڙهيل قربان‌گاهہ ۽ عهد واري صندوق رکيل هئي، جيڪا چئني پاسن کان سون سان مڙهيل هئي. انهيءَ صندوق ۾ مَنَ سان ڀريل هڪ سونو ٿانءُ، هارون جي لٺ جنهن مُکڙيون جھليون هيون ۽ عهدنامي واريون پٿر جون ٻہ تختيون هيون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan