Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 23:8 - Muslim Sindhi Bible

8 اوهين رشوت نہ وٺو، ڇاڪاڻ تہ رشوت سڄن کي انڌو ڪريو ڇڏي ۽ سچارن جي ڳالهين کي ڦيرائي ٿي ڇڏي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 تون رشوت نہ وٺج: ڇو تہ رشوت انهن کي انڌو ٿي ڪري جيڪي ڏسي ٿا سگهن، ۽ راستبازن جي ڳالهين کي ڦيرائي ٿي ڇڏي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 23:8
20 Iomraidhean Croise  

هو ڪنهن کي اڌارا پئسا ڏيئي کانئس وياج نہ ٿا وٺن، نڪي هو ڪنهن بي‌ڏوهيءَ جي خلاف ڪا رشوت ٿا وٺن. جيڪي اهڙا چڱا ڪم ڪن ٿا، تن کي ڪڏهن بہ ڪو لوڏو نہ ايندو.


اهي ماڻهو بدڪاريءَ منجھہ ٻڏل آهن، ۽ سندن هٿ رشوتن ۾ رنڱيل آهن.


ناجائز نفعي جو لالچي پنهنجي گھر جي برباديءَ جو سبب ٿو بڻجي، مگر رشوت کان نفرت ڪرڻ وارو ڊگھي ڄمار ماڻي ٿو.


بڇڙا ماڻهو ڳجھيءَ طرح رشوت جي ڏي وٺ ڪن ٿا، تہ جيئن انصاف کي ٽوڙيو وڃي.


ڪن ماڻهن جي خيال ۾ رشوت جادوءَ جهڙو ڪمال ٿي ڏيکاري، ۽ اها سندن لاءِ هر هنڌ ڪاميابيءَ جو باعث آهي.


دولتمنديءَ ۾ دوست وڌندا ٿا رهن، مگر غريبيءَ ۾ دوست گھٽبا ٿا رهن.


ظلم وَ ستم جي وقت ماڻهو عقلمندن کي بي‌عقل سمجھن ٿا، ۽ رشوت سمجھہ کي ناس ڪريو ڇڏي.


اڳتي اوهين اجايا نذرانا مون وٽ نہ آڻيو. اوهان جي لوبان ساڙڻ توڙي نئين چنڊ، سبت، ۽ عيد جي گڏجاڻين کان بہ مون کي نفرت آهي، ڇاڪاڻ تہ مذهبي گڏجاڻين سان گڏ بدڪاريءَ کي آءٌ ڪڏهن بہ برداشت نہ ٿو ڪري سگھان.


تنهنجا سردار فسادي ۽ چورن جا سنگتي ٿي پيا آهن. انهن مان هر ڪو رشوت جو طالبو آهي، ۽ پئسي جي پٺيان پيو ڊوڙي. اهي يتيمن جو انصاف نہ ٿا ڪن، نڪي رنن‌زالن جو فرياد ئي سندن ڪنن تائين ٿو پهچي.


پر اي يروشلم وارؤ! اوهين تڏهن بچي سگھو ٿا، جڏهن اوهان جا قول ۽ فعل حق تي ٻڌل هوندا، جڏهن اوهين ظلم جي وسيلي نفعو حاصل ڪرڻ کان نفرت ڪندا، جڏهن اوهين رشوت کي ٿُڏي ڇڏيندا، جڏهن اوهين خونريزيءَ جي منصوبن ۾ شريڪ نہ ٿيندا، ۽ هر قسم جي بڇڙاين کان پري رهندا.


ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي مئي پيئڻ جا شير آهيو، ۽ پاڻ کي نشي وارين شين ٺاهڻ جا ماهر ٿا سمجھو.


اوهين رشوت وٺي بدڪارن کي سچار ٿا قرار ڏيو، ۽ سچارن کي ڏوهي.


تو منجھہ رشوت وٺي ماڻهن جو خون وهايو وڃي ٿو ۽ وڏو وياج ۽ ناجائز منافعو ورتو وڃي ٿو. لالچ وچان ظلم زبردستيءَ سان پنهنجي پاڙيسرين کي لٽيو ڦريو وڃي ٿو. مطلب تہ منهنجي حڪمن جي انحرافي ڪندي تنهنجي رهاڪن مون خداوند خدا کي بلڪل وساري ڇڏيو آهي.


اهي مئي خوريءَ ۾ مست ٿي زناڪاريءَ ۾ مشغول ٿي ويا آهن، اهي پنهنجي عزت بدران خواريءَ کي پسند ٿا ڪن.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهان جا گناهہ ڪيڏا نہ وڏا آهن، ۽ اوهان جون بدڪاريون ڪيتريون نہ گھڻيون آهن. اوهين سچارن کي ڏکويو ٿا، رشوت وٺو ٿا، ۽ عدالت مان انصاف گھرڻ وارن غريبن کي هڪالي ٿا ڪڍو.


هنن جا هٿ بڇڙائي ڪرڻ ۾ مهارت ٿا رکن، عملدار توڙي قاضي رشوت گھري ٿا وٺن، ۽ اثر رسوخ وارن ماڻهن جون دليون حرص مان نہ ٿيون ڀرجن. انهيءَ کان علاوہ اهي سڀ گڏجي سازشون بہ ڪن ٿا.


خداوند اوهان جو خدا، اهو ئي معبودن جو خدا ۽ خداوندن جو خداوند آهي، جيڪو عظيم، قادر ۽ هيبتناڪ خدا آهي. هو طرفداري نہ ٿو ڪري، نڪي رشوت ٿو وٺي.


اهي ڪنهن سان ناانصافي نہ ڪن، نڪي ڪنهن جو لحاظ ڪن ۽ نہ وري رشوت وٺن، ڇاڪاڻ تہ رشوت سڄن کي بہ انڌو ڪريو ڇڏي ۽ سچارن جي ڳالهين کي ڦيرايو ڇڏي.


اِجھو آءٌ حاضر آهيان. سو اوهين خداوند ۽ سندس مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي اڳيان ڀلي مون تي شاهدي ڏيو تہ ڇا مون ڪنهن کان ڪو ڏاند يا گڏهہ کسيو آهي؟ ڇا مون ڪنهن سان ڪا ٺڳي ڪئي آهي؟ يا ڪنهن تي ڪو ظلم ڪيو اٿم؟ ڇا مون ڪنهن کان رشوت وٺي ڪنهن جو ڏوهہ نظرانداز ڪيو آهي؟ ٻڌايو، جيڪڏهن مون انهن مان ڪوبہ ڪم ڪيو آهي تہ اهو موٽائي ڏيڻ لاءِ آءٌ حاضر آهيان.“


پر هن جا پٽ سندس راهہ تي نہ هليا، بلڪ هو لالچ ۾ پئجي گمراهہ ٿي ويا ۽ رشوتون وٺي بي‌انصافي ڪرڻ لڳا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan