3 اوهين ڪنهن غريب ماڻهوءَ جي معاملي ۾ بہ سندس ناجائز طرفداري نہ ڪريو.
3 نڪي ڪنهن غريب جي معاملي ۾ سندس پاس خاطري ڪج.
اوهين ڪنهن غريب سان سندس معاملي ۾ ناحق نہ ڪريو.
بدڪار جي طرفداري ڪرڻ چڱي ڳالهہ ناهي، نڪي عدالت ۾ سچار سان ناانصافي ٿيڻ گھرجي.
ڪنهن غريب جي مجبوري ڏسي کيس نہ ڦريو، نڪي ڪنهن مسڪين سان عدالت ۾ ناانصافي ڪري ساڻس ظلم ڪريو.
ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي بيانصافيءَ سان فيصلو ڪن ٿا، هائو، جيڪي ظلم وارا قانون جاري ٿا ڪن.
اوهين فيصلي ڪرڻ ۾ بيانصافي نہ ڪجو، نہ تہ ڪنهن غريب جي پاسخاطري ڪجو، نہ وري ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جو لحاظ ڪجو، بلڪ پنهنجي پاڙيسريءَ جو فيصلو انصاف سان ڪجو.
آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهان جا گناهہ ڪيڏا نہ وڏا آهن، ۽ اوهان جون بدڪاريون ڪيتريون نہ گھڻيون آهن. اوهين سچارن کي ڏکويو ٿا، رشوت وٺو ٿا، ۽ عدالت مان انصاف گھرڻ وارن غريبن کي هڪالي ٿا ڪڍو.
اوهين عدالت جي ڪم ۾ ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ڪجو، ننڍي توڙي وڏي ماڻهوءَ جي هڪجهڙي ٻڌجو. اوهين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کان نہ ڊڄجو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي عدالت ۾ خدا جو قانون رائج آهي. جيڪو مقدمو اوهان کي ڏکيو لڳي، سو مون وٽ آڻجو تہ آءٌ اهو ٻڌندس.‘
اهي ڪنهن سان ناانصافي نہ ڪن، نڪي ڪنهن جو لحاظ ڪن ۽ نہ وري رشوت وٺن، ڇاڪاڻ تہ رشوت سڄن کي بہ انڌو ڪريو ڇڏي ۽ سچارن جي ڳالهين کي ڦيرايو ڇڏي.
پر جيڪا ڏاهپ آسمان کان ٿي ملي، سا پهريائين تہ پاڪ آهي، پوءِ صلح پسند، حليم ۽ سُلجھيل هئڻ سان گڏ رحم ۽ هر قسم جي چڱي ڦل سان ڀريل آهي. منجھس نہ طرفداري آهي ۽ نہ وري رياڪاري.