Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 23:11 - Muslim Sindhi Bible

11 پر ستين سال انهيءَ کي ساهي ڏيو ۽ منجھس پوک نہ ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي قوم جا غريب پاڻمرادو ٿيل فصل کائي ڍءُ ڪن ۽ جيڪي باقي بچائين سو جھنگ جا جانور چرن. اوهين پنهنجي انگورن ۽ زيتونن جي باغ سان بہ ائين ئي ڪريو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 پر ستين سال انهيءَ کي ساهي ڏج ۽ منجهس پوک نہ ڪج؛ انهي لاءِ تہ تنهنجيءَ قوم جا غريب کائي ڍءُ ڪن: ۽ جيڪي باقي بچائين، سو جهنگ جا ڍور چرن. تون پنهنجي ڊاک جي منهہ سان ۽ زيتونن جي باغ سان بہ ائين ئي ڪج.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 23:11
11 Iomraidhean Croise  

جڏهن آس‌پاس وارين قومن مان ڪي ماڻهو سبت واري ڏينهن يا ڪنهن ٻئي وڏي ڏينهن تي ڪي‌بہ شيون يا اناج وڪڻڻ لاءِ کڻي ايندا تہ اسين کانئن نہ وٺنداسون. هر ستين سال اسين زمين ۾ ڪابہ پوکي نہ ڪنداسون ۽ پنهنجا سمورا قرض معاف ڪري ڇڏينداسون.


اسان حڪمن مطابق اها ذميواري کڻون ٿا تہ هر سال پنهنجي خداوند جي هيڪل جي خدمت واسطي پنهنجي مال مان هنن ڪمن لاءِ چانديءَ جا چار گرام ڏينداسين:


”ڇهہ سال اوهين پنهنجيءَ زمين ۾ پوک ڪريو ۽ انهيءَ جو فصل گڏ ڪريو.


ڇهہ ڏينهن اوهين پنهنجو ڪم ڪار ڪريو، پر ستين ڏينهن آرام ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي ڏاندن ۽ گڏهن کي بہ آرام ملي. ساڳئي نموني اوهان جا غلام ۽ ڌاريا بہ آرام وٺي تازا توانا ٿين.


ٿي سگھي ٿو تہ اوهين سوچو تہ ’جيڪڏهن اسين انهيءَ ستين سال نہ پوکينداسين ۽ نہ فصل ميڙينداسين، تہ پوءِ کائينداسين ڇا؟‘


پوءِ اوهين اٺين سال پوک ڪجو ۽ جيستائين زمين جي نئين پيداوار نہ ٿئي تيستائين اوهين اڳئين رکيل پيداوار پيا کائجو.“


تنهن کان سواءِ تو اسان کي آسودي ۽ خوشحال ملڪ ۾ ڪونہ پهچايو آهي، نڪي اسان کي ٻنيون ۽ انگورن جا باغ ورثي ۾ ڏنا اٿيئي. هاڻ وري تون اسان جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ جي ڪوشش پيو ڪرين. اسين ڪونہ اينداسين.“


جيئن تہ ملڪ ۾ غريب تہ سدائين هوندا، تنهنڪري آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان تہ پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجي غريب ۽ محتاج هم‌قوم لاءِ پنهنجو هٿ ڪشادو رکجو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan