Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 22:9 - Muslim Sindhi Bible

9 خيانت واري هر ڪنهن معاملي ۾ توڙي اهو ڍڳي جو هجي يا گڏهہ جو، رڍ جو هجي يا ڪپڙن جو يا وري ڪنهن ٻيءَ گم ٿيل شيءِ جو، جنهن بابت ٻن ماڻهن مان هر ڪو چوي تہ ’هيءَ منهنجي آهي،‘ تنهن لاءِ ٻئي ڄڻا مون خدا کي شاهد بڻائي قسم کڻن. انهن مان جنهن کي آءٌ ڏوهاري قرار ڏيندس سو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ٻيڻو عيوضو ڀري ڏيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ڇالاءِ جو هر ڪنهن قسم جي ڪپت، ڇا ڍڳي جي، ڇا گڏهہ جي، ڇا رڍ جي، ڇا ڪپڙن جي، ڇا ڪنهن ٻيءَ گم ٿيل شيءِ جي، جنهن جي بابت ڪو چوي تہ هيءَ منهنجي آهي، تنهنجي لاءِ ٻنهي ڄڻن جي دعويٰ خدا جي حضور ۾ پيش ڪئي وڃي؛ ۽ جنهن کي خدا ڏوهاري ٺهرائيندو سو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ٻيڻو ڀري ڏيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 22:9
17 Iomraidhean Croise  

جيڪو ڍور ڪنهن جھنگلي جانور ڦاڙي ڇڏيو سو بہ آءٌ توهان وٽ کڻي ڪونہ آيس، بلڪ انهيءَ جو نقصان پنهنجي سر تي کنيم. جيڪو ڍور ڏينهن جو توڙي رات جو بہ چورائجي ٿي ويو سو بہ توهان مون کان ڀرائي ٿي ورتو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي قوم واري ڪنهن ماڻهوءَ تي گناهہ ڪرڻ جو الزام هڻي ۽ پوءِ کيس هن گھر ۾ تنهنجي قربان‌گاهہ اڳيان آڻي قسم کڻڻ لاءِ چيو وڃي،


جڏهن بہ يهوداہ ملڪ ۾ رهندڙ اوهان جي هم‌وطنن مان ڪنهن جو ڪو مقدمو اوهان وٽ اچي، جيڪو منجھن قتل جي باري ۾ هجي توڙي شريعت ۽ قاعدن قانونن جي باري ۾ هجي، تڏهن اوهين کين خبردار ڪجو تہ هو خداوند جا گنهگار نہ ٿين، متان اوهان تي ۽ اوهان جي هم‌وطنن تي خدا جو غضب نازل ٿئي. جيڪڏهن اوهين ائين ڪندا تہ ڏوهاري نہ ٿيندا.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪو ڍڳو يا گڏهہ، يا رڍ، يا ڪو ٻيو جانور امانت‌طور رکڻ لاءِ ڏئي ۽ ڪنهن شاهد جي ڏسڻ کان سواءِ اهو مري وڃي، يا ڌڪجي پوي، يا چورائجي وڃي،


اوهين مون خدا بابت ڪفر نہ بڪو، نڪي پنهنجي قوم جي ڪنهن اڳواڻ جي گلا ڪجو.


يا جنهن شيءِ بابت ڪوڙو قسم کنيو اٿائين سا ذري پرزي موٽائي ڏئي. انهيءَ سان گڏ جنهن وقت هو ڏوهاري قرار ڏنو وڃي تنهن وقت انهيءَ شيءِ جي مالڪ کي سندس شيءِ جو پنجون حصو وڌيڪ ادا ڪري.


”جيڪڏهن اوهان جو ڪو هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ اوهان جو ڪو ڏوهہ ٿو ڪري تہ هن کي اڪيلائيءَ ۾ وڃي سمجھايو. جيڪڏهن هن اوهان جي ڳالهہ مڃي تہ اوهان هڪ هم‌ايمان کي موٽائي آندو.


پوءِ عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”ساڳيءَ طرح جيڪڏهن اوهين پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ کي سچيءَ دل سان معاف نہ ڪندا، تہ منهنجو آسمان وارو پيءُ بہ اوهان سان ائين ئي ڪندو.“


جيڪڏهن ماڻهن ۾ ڪو جھيڙو جھڳڙو ٿئي تہ اهي عدالت ۾ اچن ۽ جج انهن جو انصاف ڪن. ججن کي گھرجي تہ هو سچار کي بي‌گناهہ قرار ڏين ۽ گنهگار کي سزا ڏين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan