Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 22:7 - Muslim Sindhi Bible

7 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪي روڪ پئسا يا ڪو ٻيو سامان امانت‌طور رکڻ لاءِ ڏئي ۽ اهي انهيءَ ماڻهوءَ جي گھر مان چورائجي وڃن، تہ پوءِ جيڪڏهن چور هٿ اچي تہ اهو چور انهيءَ کان ٻيڻو عيوضو ڀري ڏئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪي نقد پيسا يا ڪا جنس رکڻ لاءِ ڏئي، ۽ اهي انهيءَ ماڻهوءَ جي گهر مان چورائجي وڃن، تہ جي چور هٿ اچي تہ هو انهي کان ٻيڻو ڀري ڏئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 22:7
10 Iomraidhean Croise  

جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي ٻاريل باهہ ڀڙڪو کائي ڪنڊن کي وڃي لڳي، جنهن ڪري ڪنهن جا اناج جا انبار يا سندس اناج جي بيٺل پوک يا سڄو فصل سڙي وڃي، تہ جنهن اها باهہ ٻاري هجي سو انهيءَ جو عيوضو ڀري ڏئي.


خداوند خدا فرمائي ٿو تہ ”جيئن ڪو چور پڪڙجي پوڻ تي خوار خراب ٿيندو آهي، تيئن ئي اوهان بني اسرائيل وارا پنهنجن بادشاهن ۽ اميرن، ڪاهنن ۽ نبي سڏائيندڙن سميت خوار خراب ٿيا آهيو.


اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ تي ظلم نہ ڪجو، نڪي کانئس ڪجھہ ڦري وٺجو. اوهين مزدور جي مزدوري هڪ رات لاءِ بہ پاڻ وٽ روڪي نہ رکجو.


خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ


”جيڪڏهن ڪو ماڻهو گناهہ ڪري مون خداوند جي انحرافي ڪري، جو ڪنهن امانت يا ڏيتي ليتيءَ ۾ پنهنجي پاڙيسريءَ سان بي‌ايماني ڪري، يا سندس ڪا شيءِ ڦري يا اهڙيءَ طرح پاڙيسريءَ سان ڪا ٺڳي ڪري،


يا جنهن شيءِ بابت ڪوڙو قسم کنيو اٿائين سا ذري پرزي موٽائي ڏئي. انهيءَ سان گڏ جنهن وقت هو ڏوهاري قرار ڏنو وڃي تنهن وقت انهيءَ شيءِ جي مالڪ کي سندس شيءِ جو پنجون حصو وڌيڪ ادا ڪري.


هن اها ڳالهہ غريبن جي همدرديءَ لاءِ نہ چئي، پر هو پاڻ بي‌ايمان هو ۽ انهيءَ لاءِ چيائين تہ هو انهن پئسن مان بہ ڪجھہ چورائي ها، ڇاڪاڻ تہ پئسن جي ڳوٿري وٽس هوندي هئي.


چور، لالچي، شرابي، بدزبان ۽ ڌاڙيل خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار هرگز نہ ٿيندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan