خروج 22:6 - Muslim Sindhi Bible6 جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي ٻاريل باهہ ڀڙڪو کائي ڪنڊن کي وڃي لڳي، جنهن ڪري ڪنهن جا اناج جا انبار يا سندس اناج جي بيٺل پوک يا سڄو فصل سڙي وڃي، تہ جنهن اها باهہ ٻاري هجي سو انهيءَ جو عيوضو ڀري ڏئي. Faic an caibideilSindhi Bible6 جيڪڏهن باهہ لڳي ۽ اها ڀڙڪو کائي ڪنڊن کي وڃي وٺي، جنهنڪري اَن جا انبار، يا اَن جي بيٺل پوک، يا ٻني سڙي وڃي، تہ جنهن اها باهہ ٻاري هجي سو انهي جو عيوضو ڀري ڏئي. Faic an caibideil |
خيانت واري هر ڪنهن معاملي ۾ توڙي اهو ڍڳي جو هجي يا گڏهہ جو، رڍ جو هجي يا ڪپڙن جو يا وري ڪنهن ٻيءَ گم ٿيل شيءِ جو، جنهن بابت ٻن ماڻهن مان هر ڪو چوي تہ ’هيءَ منهنجي آهي،‘ تنهن لاءِ ٻئي ڄڻا مون خدا کي شاهد بڻائي قسم کڻن. انهن مان جنهن کي آءٌ ڏوهاري قرار ڏيندس سو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ٻيڻو عيوضو ڀري ڏيندو.