Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 22:10 - Muslim Sindhi Bible

10 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪو ڍڳو يا گڏهہ، يا رڍ، يا ڪو ٻيو جانور امانت‌طور رکڻ لاءِ ڏئي ۽ ڪنهن شاهد جي ڏسڻ کان سواءِ اهو مري وڃي، يا ڌڪجي پوي، يا چورائجي وڃي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪو ڍڳو، يا گڏهہ، يا رڍ، يا ڪو ٻيو جانور رکڻ لاءِ ڏئي، ۽ اهو مري پوي، يا انهي کي ڪو ايذاءُ رسي، يا ڪيڏانهن هڪاليو وڃي، ۽ ڪوبہ انهي کي نہ ڏسي؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 22:10
6 Iomraidhean Croise  

پر يوسف نہ مڃيو ۽ چيائينس تہ ”ڏس، منهنجي مالڪ کي ڪنهن بہ ڳالهہ جي فڪر ڪرڻ جي ضرورت ناهي تہ گھر ۾ ڇا ڪجھہ آهي. جيڪي ڪجھہ بہ اٿس سو سڀ ڪجھہ منهنجي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو اٿائين.


تہ انهن جي وچ ۾ مون خداوند کي شاهد بڻائي قسم سان فيصلو ڪيو وڃي، تہ هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي مال کي هٿ نہ لاتو آهي. مالڪ اهو قسم قبول ڪندو ۽ اهو ماڻهو عيوضو نہ ڀريندو.


خيانت واري هر ڪنهن معاملي ۾ توڙي اهو ڍڳي جو هجي يا گڏهہ جو، رڍ جو هجي يا ڪپڙن جو يا وري ڪنهن ٻيءَ گم ٿيل شيءِ جو، جنهن بابت ٻن ماڻهن مان هر ڪو چوي تہ ’هيءَ منهنجي آهي،‘ تنهن لاءِ ٻئي ڄڻا مون خدا کي شاهد بڻائي قسم کڻن. انهن مان جنهن کي آءٌ ڏوهاري قرار ڏيندس سو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ٻيڻو عيوضو ڀري ڏيندو.


پر اهو جنهن کي مالڪ جي اصولن جي خبر ڪانہ هئي ۽ سزا جوڳو ڪم ڪيائين تہ ان کي ٿوري مار ملندي. سو جنهن کي گھڻو ڏنو ويو آهي تہ ان کان حساب بہ گھڻو ورتو ويندو. هائو، جنهن کي گھڻو سونپيو ويو آهي تہ ان کان گھر بہ گھڻي ٿيندي.“


سو جيڪڏهن اوهين هن دنياوي دولت ۾ ايماندار نہ آهيو تہ ڪير اوهان تي اعتبار ڪري اوهان کي سچي دولت ڏيندو؟


جنهن ڪري مون کي جيل ۾ تڪليفون ڏنيون وڃن ٿيون. تنهن هوندي بہ آءٌ شرمسار نہ ٿو ٿيان، ڇاڪاڻ تہ جنهن تي منهنجو ڀروسو آهي، تنهن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. مون کي يقين آهي تہ جيڪا امانت مون هن جي حوالي ڪئي آهي، تنهن جي هو پنهنجي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين حفاظت ڪري ٿو سگھي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan