Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 21:2 - Muslim Sindhi Bible

2 جيڪڏهن اوهان مان ڪو پنهنجي هم‌قوم عبرانيءَ کي غلام طور خريد ڪري ٿو تہ اهو ڇهن سالن تائين سندس خدمت ڪندو. ستين سال هو مفت ۾ آزاد ٿي ويندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 جيڪڏهن تون ڪو عبراني غلام خريد ڪندين تہ اهو ڇهہ سال غلامي ڪندو، ۽ ستين سال مفت آزاد ڪيو ويندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 21:2
18 Iomraidhean Croise  

شل خدا تو کي آسمان جي ماڪ، زمين جي زرخيزي، جھجھو اناج ۽ مئي ڏئي.


تڏهن عيسوءَ چيو تہ ”ڇا هن جو نالو يعقوب ٺيڪ نہ رکيو ويو آهي؟ هن ٻيو ڀيرو مون سان ٺڳي ڪئي آهي. هن منهنجي پهريتي هئڻ جو حق ورتو ۽ هاڻ هو منهنجي دعا بہ وٺي ويو آهي.“ پوءِ چيائين تہ ”ڇا توهان منهنجي لاءِ ڪا دعا بچائي نہ رکي آهي؟“


هڪڙي عورت اليشع وٽ آئي جنهن جو مڙس نبين جي ٽولي مان هو ۽ مري ويو هو. انهيءَ عورت اليشع کي چيو تہ ”اوهان جو ٻانهو منهنجو مڙس مري ويو آهي! توهان کي خبر آهي تہ هو خدا جو خوف رکڻ وارو ماڻهو هو. پر هاڻ انهيءَ جو هڪڙو لهڻيدار آيو آهي، جيڪو پنهنجي قرض ۾ منهنجا ٻہ پٽ غلام ڪري وٺي وڃڻ چاهي ٿو.“


مون کين چيو تہ ”جيتري قدر ٿي سگھيو آهي تہ اسان پنهنجن ڪن يهودين کي پئسن سان ڇڏايو آهي، جيڪي غير قومن وٽ وڪيا ويا هئا. هاڻ وري اوهين کين پاڻ وٽ گروي رکڻ ٿا گھرو.“ تڏهن هنن کڻي ماٺ ڪئي ۽ هڪڙو لفظ بہ نہ ڪڇيائون.


پر اوهان جو هر اهو زرخريد غلام جنهن جو طهر ٿيل هجي، سو اها کائي سگھي ٿو.


جيڪڏهن اوهان جو غلام ٿيڻ وقت هو پرڻيل نہ هو، تہ آزاد ٿيڻ وقت هو اڪيلو ئي ويندو. پر جيڪڏهن هو تنهنجو غلام ٿيڻ وقت پرڻيل هو تہ آزاد ٿيڻ وقت سندس زال بہ ساڻس گڏ ويندي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڌيءَ کي ٻانهي ڪري وڪڻندو تہ هوءَ مرد ٻانهن وانگر آزاد نہ ٿيندي.


جيڪڏهن هو انهن طريقن سان نہ ٿو ڇڏايو وڃي، تہ پوءِ بحاليءَ جي سال ۾ هو پنهنجي ٻارن سميت پاڻيهي ڇٽي ويندو.


پر انهيءَ نوڪر وٽ ايترو پئسو ڪونہ هو جو کڻي قرض لاهي. تنهنڪري سندس مالڪ حڪم ڏنو تہ ’هن کي، سندس زال ۽ ٻارن کي ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس آهي تنهن کي بہ وڪڻي قرض وصول ڪيو وڃي.‘


ڇاڪاڻ تہ اوهين مُلهہ ڏيئي ورتل آهيو. تنهنڪري اوهين پنهنجي بدن سان خدا جو جلوو ظاهر ڪريو.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”هر ستين سال جي پڇاڙيءَ ۾ اوهين پنهنجن قرضدارن جا قرض معاف ڪري ڇڏجو.


جڏهن اوهين ٻانهي کي آزاد ڪري وڃڻ ڏيو، تڏهن اوهين انهيءَ ڳالهہ کي ڏکيو نہ سمجھجو، ڇاڪاڻ تہ هن ڇهن سالن تائين ٻن مزدورن جيتري اوهان جي خدمت ڪئي آهي. ائين ڪرڻ ڪري خداوند اوهان جو خدا اوهان جي سڀني ڪمن ۾ برڪت وجھندو.“


پوءِ موسيٰ کين حڪم ڏيئي چيو تہ ”هر ستين سال جي پڇاڙيءَ ۾، يعني قرضن جي معافيءَ واري سال ۾، تنبن واري عيد جي موقعي تي،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan