12 ”جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي اهڙو ڌڪ هڻي جو هو مري وڃي، تہ انهيءَ کي ضرور ماريو وڃي.
12 جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي اهڙو ڌڪ هڻي جو هو مري پوي، تہ اُهو ضرور ماريو وڃي.
جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي جان وٺندو تہ انهيءَ کي سزا ملندي. جيڪڏهن ڪو جانور ڪنهن ماڻهوءَ جو ساهہ وٺندو تہ انهيءَ کي بہ سزا ۾ ماريو ويندو.
جيڪو انسان کي ماريندو تہ انهيءَ کي انسان جي هٿان مارايو ويندو، ڇو تہ مون خدا انسان کي پنهنجي صورت تي ٺاهيو آهي.
تڏهن دائود ناتن کي چيو تہ ”بيشڪ مون خداوند جو گناهہ ڪيو آهي.“ ناتن دائود کي چيو تہ ”پوءِ خداوند بہ تنهنجو گناهہ معاف ڪري ڇڏيو، سو تون مرندين ڪين.
اوهين خون نہ ڪريو.
پر جيڪڏهن هو پهرينءَ زال جا اهي ٽيئي حق پورا نہ ٿو ڪري، تہ پوءِ هو انهيءَ کي پئسن وٺڻ کان سواءِ مفت آزاد ڪري ڇڏي.“
جيڪڏهن ڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي ماري وجھي تہ انهيءَ کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي.
تڏهن عيسيٰ انهيءَ کي چيو تہ ”پنهنجي تلوار مياڻ ۾ وجھہ، ڇاڪاڻ تہ جيڪي بہ تلوار ٿا هلائين سي تلوار سان ئي ماريا وڃن ٿا.
’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کي لڪي قتل ڪري.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘