خروج 20:3 - Muslim Sindhi Bible3 مون کان سواءِ اوهان جي لاءِ ٻيو ڪوبہ معبود نہ هجي. Faic an caibideilSindhi Bible3 مون کان سواءِ تنهنجي لاءِ ٻيو ڪوبہ خدا نہ هجي. Faic an caibideil |
اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين مون خداوند جا گواهہ آهيو. هائو، اي بني اسرائيل! تون منهنجو ٻانهو آهين، جنهن کي مون چونڊي ڪڍيو آهي. آءٌ چاهيان ٿو تہ اوهين مون کي ڄاڻو، مون تي ايمان آڻيو، ۽ سمجھو تہ رڳو آءٌ ئي خدا آهيان. مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ناهي، نہ مون کان اڳ ۾ ڪو خدا هو، ۽ نہ مون کان پوءِ ڪو ٿيڻو آهي.
مون بار بار اوهان ڏانهن پنهنجا ٻانها يعني نبي پئي موڪليا آهن. اهي اوهان کي منهنجو پيغام ٻڌائيندا رهيا آهن تہ ’اوهان مان هر ڪو پنهنجي بڇڙي واٽ کان باز اچي ۽ پنهنجا عمل سڌاري ۽ غير معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي پوڄا نہ ڪري. تڏهن ئي اوهين انهيءَ ملڪ ۾ هميشہ رهندا جيڪو مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي.‘ پر اوهان مون ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو، نہ وري اوهان منهنجي ڪا ٻڌي.