Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 20:12 - Muslim Sindhi Bible

12 اوهين پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪريو، تہ جيئن انهيءَ ملڪ ۾، جيڪو آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيندس، اوهين وڏي عرصي تائين رهو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 تون پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر، تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 20:12
42 Iomraidhean Croise  

تڏهن يوسف انهن کي سندس گوڏن تان پري ڪيو ۽ پاڻ سندس اڳيان زمين تائين جھڪيو.


سو يعقوب جي پٽن ائين ئي ڪيو جيئن هن کين حڪم ڏنو هو.


سو بت‌سبع بادشاهہ سليمان وٽ ادونياہ جي لاءِ ڳالهائڻ ويئي. بادشاهہ اُٿي بيهي کيس کيڪاريو ۽ سندس اڳيان ڪنڌ جھڪائي کيس تعظيم ڏنائين. پوءِ هو پنهنجي تخت تي ويهي رهيو. بادشاهہ پنهنجي ماءُ جي لاءِ هڪڙو ٻيو تخت رکايو ۽ هوءَ بادشاهہ جي ساڄي پاسي انهيءَ تي ويهي رهي.


اليشع اهو ڏسي رڙيون ڪري چوڻ لڳو تہ ”منهنجا ابا! اي منهنجا ابا! اي اسرائيل جا محافظ!“ جڏهن الياس اليشع جي نظرن کان غائب ٿي ويو، تڏهن اليشع پنهنجي ڪپڙن کي وٺي ڦاڙيو.


جيڪو پنهنجي پيءُ يا ماءُ کي ماري، سو ضرور ماريو وڃي.


جيڪو پنهنجي پيءُ يا ماءُ تي لعنت ڪري، سو ضرور ماريو وڃي.


بي‌عقل ٻار پنهنجي والدين جي سيکت کي ڌڪارين ٿا، مگر جيڪي سندن تنبيهہ تي ڌيان ٿا ڏين سي عقلمند آهن.


ابن ڏاڏن لاءِ سندن پوٽا ڏوهٽا فخر جو باعث آهن، ۽ اولاد جو فخر سندن والدين.


جيڪو پنهنجي والدين سان گھٽ وڌ ڳالهائي ٿو، تنهن جي زندگي ائين ختم ٿي ويندي، جيئن آڌيءَ رات جي اونداهيءَ ۾ ڏيئو اجھامي وڃي.


جيڪو پنهنجي والدين سان ٺڳي ٿو ڪري، ۽ سمجھي ٿو تہ اهو ڪو گناهہ ناهي، سو ڪنهن رهزن کان گھٽ نہ آهي.


ڏاهپ جي ساڄي هٿ ۾ ڊگھي ڄمار آهي ۽ کاٻي هٿ ۾ عزت ۽ دولت آهي.


ڪي ماڻهو اهڙا بہ آهن، جيڪي پنهنجي والدين لاءِ دعائون نہ ٿا گھرن بلڪ کين پٽ پاراتا ٿا ڏين.


جيڪو شخص پنهنجي والدين تي ٺٺوليون ٿو ڪري ۽ سندن نافرماني ٿو ڪري، تنهن جي لاش کي ڳِجھون پٽي کائينديون، هائو، ڪانوَ سندس اکين کي ٺونگا هڻي ڪڍي ڇڏيندا.


پوءِ مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي پيغام ريڪابي گھراڻي کي ڏنو تہ ”جيئن تہ اوهان پنهنجي وڏي يهوناداب جو حڪم پوريءَ طرح مڃيو آهي ۽ سندس سڀني نصيحتن تي عمل ڪيو اٿوَ،


نڪي اوهين گھر تعمير ڪجو، نہ وري پوک ڪرڻ يا انگورن جا باغ لڳائڻ لاءِ اوهان وٽ ڪا زمين هجي. اوهان کي انهن مان ڪابہ ملڪيت نہ هجي، بلڪ اوهين هميشہ تنبن ۾ پيا رهجو. تڏهن اوهين جنهن ملڪ ۾ مسافر طور رهو ٿا تنهن ۾ اسان جو گھراڻو وڏي ڄمار ماڻيندو.‘


تو منجھہ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت نہ ٿو ڪري. تو ۾ رهندڙ ڌارين سان ناحق زبردستي ڪئي ٿي وڃي ۽ يتيمن ۽ رنن‌زالن کي ستايو ٿو وڃي.


اوهان مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي تعظيم ڪندو رهي. اوهين منهنجي سبت جا ڏينهن ملهائيندا رهجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


اوهين وڏي عمر وارن جي اڳيان انهن جي احترام ۾ اُٿي بيهجو ۽ سندن عزت ڪجو. مون پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهجو. آءٌ خداوند آهيان.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي نالي کي خسيس ڄاڻيندڙ ڪاهنؤ! جڏهن تہ پٽ پنهنجي پيءُ جي ۽ نوڪر پنهنجي مالڪ جي عزت ٿو ڪري، سو جيئن تہ آءٌ پيءُ آهيان تہ پوءِ منهنجي عزت ڇو نہ ٿا ڪريو؟ جڏهن تہ آءٌ مالڪ آهيان تہ پوءِ منهنجو خوف ڇو نہ ٿا ڪريو؟ وري ائين بہ ٿا چئو تہ ’اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ تنهنجي نالي کي خسيس ڄاتو آهي؟‘


’پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر‘ ۽ ’پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.‘“


باقي تو کي حڪمن جي تہ خبر آهي تہ ’خون نہ ڪر،‘ ’زنا نہ ڪر،‘ ’چوري نہ ڪر،‘ ’ڪوڙي شاهدي نہ ڏي،‘ ’ٺڳي نہ ڪر‘ ۽ ’پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر.‘“


مثال طور موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي تہ ’پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪريو‘ ۽ ’جيڪو پنهنجي ماءُ يا پيءُ جي گلا ڪري تنهن کي اڦٽ ماريو وڃي.‘


باقي تو کي حڪمن جي تہ خبر آهي تہ ’زنا نہ ڪر،‘ ’خون نہ ڪر،‘ ’چوري نہ ڪر،‘ ’ڪوڙي شاهدي نہ ڏي‘ ۽ ’پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر.‘“


مسيح جي ادب جي ڪري اوهين هڪٻئي جي تابع رهو.


”تنهنڪري جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو تن تي عمل ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين طاقتور ٿيو ۽ جنهن ملڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن ۾ داخل ٿيو ۽ مٿس قبضو ڪريو.


ان سان گڏ انهيءَ ملڪ ۾ اوهين وڏي عرصي تائين رهو، جنهن ملڪ بابت خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو تہ اهو ملڪ هو انهن کي ۽ انهن جي اولاد کي ڏيندو، جنهن ۾ خوشحالي ۽ آسودگي آهي.


”جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو پٽ ضدي ۽ فسادي هجي، جيڪو پنهنجي ماءُ پيءُ جو چيو نہ مڃيندو هجي ۽ جيتوڻيڪ هو کيس تنبيهہ ڪن تہ بہ سندن نہ ٻڌي،


بلڪ اوهين بلڪل پورا ۽ سچا وٽ ۽ ماپا رکجو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ اوهين گھڻي عرصي تائين رهو.


’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو پنهنجي ماءُ پيءُ جي بي‌عزتي ڪري.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘


اهي ڳالهيون اوهان جي لاءِ ڪا اجائي شيءِ نہ آهن، بلڪ اهي اوهان جي زندگي آهن. مٿن عمل ڪرڻ جي ڪري اوهين انهيءَ ملڪ ۾ وڏي عرصي تائين رهندا، جنهن تي اوهين قبضو ڪرڻ لاءِ اردن درياءَ جي پار وڃي رهيا آهيو.“


تہ آءٌ اڄوڪي ڏينهن زمين ۽ آسمان کي اوهان تي شاهد ڪري چوان ٿو تہ جنهن ملڪ کي هٿ ڪرڻ لاءِ اوهين اردن درياءَ جي پار ٿا وڃو تنهن ۾ اوهين جلد ئي تباهہ ڪيا ويندا. اوهين اتي گھڻا ڏينهن رهي ڪين سگھندا، بلڪ پوريءَ طرح برباد ٿي ويندا.


سو اوهين هن جي قانونن ۽ حڪمن تي عمل ڪريو، جيڪي اڄ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو ۽ اوهان کان پوءِ اوهان جي اولاد جو ڀلو ٿئي ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي هميشہ لاءِ ڏئي ٿو، تنهن ۾ اوهين وڏي عرصي تائين رهو.“


اوهين پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪريو، جيئن مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تہ جيئن انهيءَ ملڪ ۾ جيڪو آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيندس، اوهين وڏي عرصي تائين رهو ۽ اوهان جو ڀلو ٿئي.


جنهن رستي جو هن اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تنهن تي هلجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين جيئرا رهو ۽ اوهان جو ڀلو ٿئي ۽ جيڪو ملڪ اوهان جي قبضي ۾ ايندو تنهن ۾ اوهين وڏي عرصي تائين رهو.“


انهيءَ لاءِ تہ اوهين پنهنجن ٻارن ۽ ٻارن جي ٻارن سوڌو خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهو. هن جي سڀني قانونن ۽ حڪمن، جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، تن تي پنهنجي سڄي عمر عمل ڪريو تہ اوهين اتي گھڻي عرصي تائين رهو.


اي ٻارؤ! خداوند عيسيٰ جا هئڻ ڪري هر ڳالهہ ۾ پنهنجي ماءُ پيءُ جي فرمانبرداري ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اها چڱي ڳالهہ آهي.


سو رُوت ڳاهہ واري پِڙ ڏانهن ويئي ۽ سڀ ڪجھہ ائين ئي ڪيائين جيئن سسڻس چيو هئس.


تڏهن دائود اتان موآب ملڪ جي مصفاہ شهر ڏانهن روانو ٿيو ۽ موآب جي بادشاهہ کي اچي چيائين تہ ”مهرباني ڪري منهنجي ماءُ پيءُ کي تيستائين پاڻ وٽ رهڻ ڏي، جيستائين مون کي خبر پوي تہ خدا منهنجي لاءِ ڇا ٿو ڪري.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan