Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 20:10 - Muslim Sindhi Bible

10 پر ستون ڏينهن آرام جو ڏينهن آهي، جيڪو خداوند اوهان جي خدا لاءِ وقف ٿيل آهي. انهيءَ ڏينهن ڪوبہ ڪم نہ ڪري، نہ اوهين، نہ اوهان جو پٽ، نہ اوهان جي ڌيءَ، نہ اوهان جو ٻانهو، نہ اوهان جي ٻانهي، نہ اوهان جا ڍور ڍڳا ۽ نہ اوهان جي ملڪ ۾ رهندڙ ڪو ڌاريو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 پر ستون ڏينهن خداوند تنهنجي خدا جو سبت آهي، انهيءَ ڏينهن ڪوبہ ڪم نہ ڪر: نہ تون، نہ تنهنجو پٽ، نہ تنهنجي ڌيءَ، نہ تنهنجو غلام، نہ تنهنجي ٻانهي، نڪي تنهنجو ڍور، ۽ نہ تنهنجو مسافر جو تنهنجي در جي اندر هجي؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 20:10
16 Iomraidhean Croise  

جڏهن آس‌پاس وارين قومن مان ڪي ماڻهو سبت واري ڏينهن يا ڪنهن ٻئي وڏي ڏينهن تي ڪي‌بہ شيون يا اناج وڪڻڻ لاءِ کڻي ايندا تہ اسين کانئن نہ وٺنداسون. هر ستين سال اسين زمين ۾ ڪابہ پوکي نہ ڪنداسون ۽ پنهنجا سمورا قرض معاف ڪري ڇڏينداسون.


ڇهہ ڏينهن اوهين اها ماني گڏ ڪندا، پر ستين ڏينهن سبت جو ڏينهن آهي. انهيءَ ڏينهن اها ڪانہ هوندي.“


”تون بني اسرائيل کي منهنجو هي حڪم ڏج تہ ’اوهين منهنجا سبت جا ڏينهن ضرور ملهائيندا رهجو، ڇاڪاڻ تہ منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ اوهان جي سڀني پيڙهين تائين اها هڪڙي نشاني هوندي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان کي خبر پوي تہ آءٌ خداوند ئي آهيان جيڪو اوهان کي مخصوص ٿو ڪريان.


ڇهہ ڏينهن اوهين پنهنجو ڪم ڪار ڪندا رهجو پر ستين ڏينهن آرام ڪجو، پوءِ اهو هر ڪاهڻ يا لاباري ڪرڻ جو وقت ڇو نہ هجي.


ڇهہ ڏينهن اوهين پنهنجو ڪم ڪار ڪريو. پر ستون ڏينهن اوهان جي لاءِ پاڪ ڏينهن ٿيندو، ڇو تہ اهو آرام وارو ڏينهن خداوند لاءِ وقف ٿيل سبت آهي. جيڪو انهيءَ ڏينهن ڪو ڪم ڪندو سو ماريو ويندو.


جڏهن اوهان جي قوم بني اسرائيل مان ڪو ماڻهو يا بني اسرائيل جي ملڪ ۾ رهندڙ ڌارين مان ڪوبہ مون کي ڇڏي بتن جي پوڄا ڪندي وڌيڪ گناهن ۾ غرق ٿيندو ٿو وڃي ۽ پوءِ بہ هو نبيءَ وٽ اچي ٿو تہ جيئن انهيءَ جي معرفت مون کان پڇا ڪري، تڏهن انهيءَ کي آءٌ خداوند پاڻ جواب ڏيندس.


”ڇهہ ڏينهن اوهين پنهنجو ڪم ڪار ڪريو، پر ستون ڏينهن سبت آهي، تنهن تي اوهين آرام ڪريو. انهيءَ ڏينهن اوهين ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو، بلڪ عبادت لاءِ گڏ ٿجو. سبت جو ڏينهن مون خداوند لاءِ مخصوص آهي، پوءِ اوهين کڻي ڪٿي بہ رهندا هجو.“


پوءِ هو گھر واپس ويون ۽ لاش لاءِ سرهاڻيون ۽ عطر تيار ڪيائون. تڏهن هنن شريعت جي حڪم موجب سبت جي ڏينهن آرام ڪيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan