تون عرش عظيم کان سينا جبل تي لهي آئين، ۽ انهن سان اچي ڳالهيون ڪيون. تو انهن کي قاعدا قانون ڏنا، جيڪي سچا ۽ صحيح آهن. تو هنن کي پنهنجا حڪم ڏنا جيڪي چڱا آهن.
هي اهو ئي آهي، جنهن بيابان ۾ سڄي بني اسرائيل کي آڻي گڏ ڪيو. اتي هو اسان جي ابن ڏاڏن ۽ انهيءَ ملائڪ جو وچ وارو بڻيو، جنهن ساڻس سينا جبل تي ڳالهايو هو. هي اهو ئي آهي جنهن کي زندگي ڏيندڙ ڪلام مليو، انهيءَ لاءِ تہ اهو اسان تائين پهچائي.
پوءِ خداوند انهن تختين تي اڳينءَ لکت موجب اهي ڏهہ ئي حڪم لکيا، جيڪي جبل وٽ اوهان جي گڏ ٿيڻ واري ڏينهن تي خداوند باهہ جي وچ مان اوهان کي ٻڌايا هئا. خداوند اهي تختيون مون کي ڏنيون.
اهي ئي ڳالهيون خداوند انهيءَ جبل وٽ باهہ، ڪڪر ۽ انڌوڪار جي وچ مان اوهان جي سڄيءَ قوم کي وڏي آواز سان ٻڌايون. انهيءَ کان سواءِ هن ٻيو ڪي بہ ڪين چيو. اهي ئي ڳالهيون هن پٿر جي ٻن تختين تي لکي مون کي ڏنيون.“